ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ايڪو ۽ انتهاپرستي

Editorial-Article-Umer Qazi

انهتاپسندي اسان جي ملڪ لاءِ ڪا نئين ڳالهه نه رهي آهي. پر سيالڪوٽ واري واقعي کان پوءِ انتهاپرستيءَ جنهن طرح جو رنگ ۽ رخ اختيار ڪيو آهي، ان مان ملڪ جي وجود تي پيل خطري جي پاڇن بحث شروع ڪرائي ڇڏيو آهي. حڪومت جي ڪجهه حلقن ۽ جن ۾ وفاقي حڪومت جا وزير به شامل آهن، انهن ان واقعي کي گهٽ اهميت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر ڪجهه وزيرن ان واقعي کان تمام گهڻي خوف جو اظهار ڪيو آهي ۽ اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته ملڪ جي سياسي توڙي عسڪري قيادت به ان مسئلي جو جوڳو حل تلاش ڪرڻ جي فڪر ۾ آهي. اهو ئي سبب آهي ته وزير اعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جي وچ ۾ جيڪا ملاقات ٿي آهي، ان جي باري ۾ ميڊيا کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته جيئن اهو پيغام هر خاص ۽ عام ماڻهوءَ تائين پهچي ته پاڪستان ان واقعي سبب تمام گهڻو سنجيده آهي. پاڪستان جي ڀلائي ان ۾ آهي ته ان قسم جو ماحول ختم ٿي وڃي، جنهن سبب اهي واقعي پيش اچن ٿا. جيڪڏهن اهو ماحول ختم نه ٿيو ته ملڪ تي ان جا ناڪاري اثر پوندا. ڇا ان باري ۾ ڳڻتي محسوس ڪرڻ صرف اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت جو ڪم آهي؟
ملڪ جون سموريون سياسي پارٽيون ۽ سنجيده حلقا هن گهڙي پاڻ ۾ متحد هجڻ گهرجن. ڇو ته هي تمام خطرناڪ ماحول آهي. حڪومت جي مٿي تي ته اهو مسئلو هونءَ به رکيل ئي آهي. حڪومت هر حال ۾ ان معاملي کي نبيرڻ جي ڪوشش به ڪندي پر سوال اهو آهي ته ڇا مخالف ڌر جو به اهو موڊ آهي ته هوءَ اڳتي وڌي حڪومت سان تعاون ڪري گهٽ ۾ گهٽ هن مرحلي تي ملڪ جي لاءِ اهو ڪردار ادا ڪري، جيڪو هڪ سنجيده ۽ فرض شناس پارٽيءَ کي ڪرڻ گهرجي. حڪومت سان تعاون ڪرڻ جو مطلب اهو نه هجڻ گهرجي ته حڪومت جي هر شيءَ کي قبول ڪجي. جيڪڏهن ڪجهه شين تي مخالف ڌر سرڪار سان ويهي ڪجهه حل تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته ان جي حوالي سان تاريخ ۾ اهو لکيو به ويندو ته هن پنهنجي انا جي قرباني ڏئي، ملڪ کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ سنجيدگيءَ وارو رويو اختيار ڪيو.

افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسان جي سياست ۾ پهرين ڏينهن کان وٺي تمام گهڻي موقعي پرستي پيدا ٿي آهي ۽ وقت سان گڏ ان جو مقدار گهٽجڻ بدران مسلسل وڌي رهيو آهي. ڇا اها ڳالهه ڪنهن طرح سان گهٽ ٿي نه ٿي سگهي؟ جيڪڏهن ملڪ اهڙن مسئلن ۾ هوندو ته اڄ عمران خان ۽ سڀاڻي مريم نواز جي مقدر ۾ اهي ئي مسئلا هوندا. ڇا ان وقت عمران خان مخالف ڌر ۾ رهندي جيڪڏهن عدم تعاون جو مظاهرو ڪري ته اهو عمل ملڪ جي لاءِ بهتر هوندو؟ ڪنهن به طور تي ان قسم جي رويي کي قبول ڪري نه ٿو سگهجي. اختلاف هوندا آهن. ملڪ ته تمام وڏي ڳالهه آهي پر هڪ آفيس ۽ هڪ گهر ۾ به اختلافن جو تمام گهڻو مقدار موجود هوندو آهي پر اسان کي ڪنهن سمجهايو آهي ته اختلافن جي ڪري هڪ ٻئي سان تعاون نه ڪجي؟ پاڪستان پنهنجي ملڪي سفر ۾ تمام گهڻن آزمائشن مان گذريو آهي. جنهن ملڪ جي مقدر ۾ جنگيون رهيون هجن ۽ جيڪو ملڪ پنهنجن جي غلطين ۽ ڌارين جي سازشن سبب ٻه ٽڪر ٿيو هجي، ان ملڪ جي آڏو اهڙو ماحول اڳ ۾ نه آيو آهي، جهڙو هن وقت ڏسي رهيا آهيون. ڇو ته عوامي سطح تي جيڪا نفرت جي باهه ڀڙڪي اٿي ٿي ۽ اها پنهنجن ذاتي ۽ گروهي مفادن سبب جهڙي ريت مخالف سوچ وارن کي جلائي رک ڪري ٿي، اهو انداز ڪو به ملڪ ۽ معاشرو برداشت ڪري نه ٿو سگهي. اسان کي گهرجي ته هن ماحول مان نڪرڻ جي لاءِ گڏجي سڏجي ڪوشش ڪريون ۽ جيڪڏهن ان باري ۾ ڪنهن جي مدد وٺڻي پوي ته ان کي پنهنجي انا جو مسئلو نه بڻايو وڃي.

سيالڪوٽ واقعي جي تشويش ته هر ڌر ۽ هر فرد ۾ موجود آهي پر ان تي تنقيد ڪرڻ جي سلسلي ۾ هر ڌر الڳ الڳ ڇو آهي؟ مخالف ڌر جا ڪجهه فرد سيالڪوٽ واقعي کي بنياد بڻائي حڪومت ۽ اسٽيبلشينٽ کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ اهو عمل اسان جي لاءِ نهايت افسوس جوڳو هجڻ گهرجي. جڏهن ته ڪجهه ڌريون هن وقت به پنهنجن سياسي اختلافن جون ديوارون بلند ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن. پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ ۽ ملڪ جي اڳوڻي صدر آصف زرداريءَ چيو آهي ته هن وٽ ملڪ کي بچائڻ جي سوچ آهي. جيڪڏهن هن وٽ اهڙي سوچ آهي ته هو ان کي لڪائي ڇو ويٺو آهي؟ ساڳي طرح سان جيڪڏهن مريم نواز کان پڇيو ويندو ته هوءَ به اهڙي دعويٰ ڪندي ۽ اسان کي نه رڳو مريم نواز پر پوري پي ڊي ايم ۽ نه صرف پي ڊي ايم پر پوري مخالف ڌر جي مٿان اهو دٻاءُ وجهڻ گهرجي ته هوءَ اڳتي اچي ۽ ملڪ کي ان مصيبت مان ڪڍڻ جي سلسلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.

اهو ممڪن آهي ته ان قسم جو بيانيو پڙهي اهو تاثر اڀري ته اهو بار صرف مخالف ڌر جي ڪلهن تي وڌو ٿو وڃي ۽ اهو ڪم سرڪار جي مفادن وٽان آهي. سچائي اها آهي ته جيڪڏهن ان سلسلي ۾ سرڪار پنهنجي دل ڪشادي نه ڪندي ته مخالف ڌر ڪنهن به طرح سان هن جو ساٿ نه ڏيندي. حڪومت کي مخالف ڌر سان ڀلي ڪيترائي اختلاف ٿي سگهن ٿا ۽ ٻنهي جي وچ ۾ الزامن جو ڀلي طوفان هلندو هجي پر هي وقت اهڙو ناهي، جڏهن هڪ ٻئي سان جهيڙو ڪجي. هي وقت جهيڙي نه پر ميڙي ڪرڻ جو آهي. حڪومت جو اهو فرض آهي ته اها پنهنجي انا جي قرباني پيش ڪري ڪجهه اڳتي وڌي ۽ مخالف ڌر سان هر سطح تي ميٽنگون ڪري کيس قائل ڪري ته ملڪ جي وسيع تر مفاد جي لاءِ ٻنهي کي گڏ ويهڻ گهرجي ته جيئن عالمي سطح تي اهو پيغام عام ٿئي ته پاڪستان ۾ سموريون سياسي قوتون هڪ پيج تي آهن. ان سان عوام کي به ايڪي ۽ يڪجهتيءَ جو سبق حاصل ٿيندو. جيڪڏهن موجوده حالتن ۾ به حڪومت ۽ مخالف ڌر پنهنجي پنهنجي ڄنڊاپٽ ۾ مصروف هونديون ته عوام جي حصي ۾ آيل مايوسيءَ جو مقدار اڃان گهڻو وڌي ويندو. حڪومت توڙي ملڪ جي سياسي پارٽين کي اها سوچ هجڻ گهرجي ته هن وقت نه صرف ملڪ جي لاءِ مسئلا وڌي رهيا آهن پر عوام جي پريشاني به چوٽ چڙهي رهي آهي. عوام جي پريشانيءَ کي نظر ۾ رکندي اهڙو ڪو قدم نه کڻڻ گهرجي، جنهن سان عوام ۾ مايوسي وڌي ۽ عوامي سطح تي اڪيلانيءَ ۾ اضافو بڻجي. جيڪڏهن اهو ڪجهه ڪيو ويو ته ان جا نتيجا تمام گهڻا اگرا نڪرندا. پاڪستان مسلسل مصيبتن جو شڪار رهيو آهي ۽ هاڻي ان جي قوت برداشت جو به برو حال آهي. اسان کي اهي ڳالهيون ذهن نشين ڪري ڪجهه اهڙا قم کڻڻ گهرجن، جن سان مشڪلاتون گهٽائڻ ۾ سوڀارا ٿيون. اسان کي اهو به محسوس ڪرڻ گهرجي ته اسان جو ملڪ ئي اسان جو واحد سهارو آهي ۽ جيڪڏهن ان ملڪ کي وڌيڪ نقصان پهتو ته اهو ڪنهن جي به حق ۾ نه هوندو.

پي ڊي ايم هن وقت مهانگائيءَ خلاف جيڪا تحريڪ هلائي رهي آهي، ان کي ختم ڪرڻ جي صلاح ڏيڻ ته سرڪار جي ونگار وهڻ برابر آهي. ان ڪري پي ڊي ايم کان اهو مطالبو نه ٿو ڪري سگهجي ته هوءَ پنهنجي تحريڪ کي اڌ ۾ ڇڏي ڏئي. جڏهن ته اسان کي اها به خبر آهي ته ان قسم جي تحريڪن جو مطلب حڪومت کي ڪيرائڻ نه پر ان کي غيرمقبول ڪرڻ ۽ پاڻ کي عوامي رابطي ۾ آڻڻ هوندو آهي. مخالف ڌر جو اهو حق آهي ته هوءَ ڀلي پنهنجي تحريڪ هلائي پر اسان جي صرف اها گهر آهي ته ٻين معاملن کي هلائيندي اسان صرف سيالڪوٽ ۾ پيش آيل صورتحال جي سلسلي ۾ پنهنجي سماج ۽ سياست جي اندر پيدا ٿيل ان لاڙي کي ختم ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي سان تعاون ڪريون ته جيئن هن مصيبت مان ڪو ڇوٽڪارو حاصل ٿي سگهي. جڏهن به مشڪلاتون اينديون آهن، تڏهن انهن جو گڏجي مقابلو ڪبو آهي.

تاريخ اسان کي اهو ئي سبق ڏنو آهي ته جيڪڏهن مشڪل مرحلن تي هڪ معاشرو يا هڪ ملڪ پاڻ ۾ متحد نه ٿيندو ته ان جا اثر پوري ملڪ جي مٿان پوندا ۽ اهڙو ماحول پيدا ٿيندو، جنهن ۾ نه رڳو ملڪ پر ملڪ ۾ رهندڙ سموريون ڌريون ان کان متاثر ٿينديون. ڇا اهو سچ ناهي ته مخالف ڌر سان لاڳاپيل عوامي حلقا به هن ملڪ ۾ رهن ٿا ۽ انهن کي اها ڳالهه چڱيءَ ريت معلوم آهي ته انهن جي ڀلائي، ان ۾ آهي ته ملڪ ۾ ڀلائي هجي ۽ ملڪ ۾ ڪنهن قسم جي گهڙي آيل برائي، انهن جي لاءِ به تمام گهڻي مشڪل صورتحال پيدا ڪندي. انهن عوامي حلقن کي به گهرجي ته هو پنهنجين پنهنجين پارٽين جي مٿان اهو بار وجهن ته اختلافن هوندي ۽ اختلافي تحريڪون هلائيندي به ملڪي مفاد جي خاطر سمورين قوتن کي متحد ٿيڻ گهرجي ته جيئن ملڪ کي انتهاپرستيءَ جي اوڙاهه مان ڪڍي سگهجي. جيڪڏهن ان سلسلي ۾ گڏيل ڪوششون نه ڪيون ويون ته هيءَ باهه سڀني کي جلائي ڀسم ڪري ڇڏيندي. ڇو ته هن باهه جو سڀ کان چٽو مهانڊو اها انارڪي آهي، جنهن کي اسان ڪنهن به طرح سان افورڊ ڪري نه ٿا سگهون. اسان پنهنجي ملڪ کي جيڪڏهن متحد ٿي هن مسئلي مان نه ڪڍيو ته اهو مسئلو سڀاڻي اسان سڀني جو مسئلو بڻجي ويندو ۽ جڏهن اسان مان ڪو به ان مسئلي ۾ ڦاسي ويندو ته هن کي مددگار هٿ ملڻ بدران تماشائي اکيون ملنديون ۽ هو ان مصيبت ۾ مڪمل طور تي تنها هوندو. اسان کي تنهائيءَ مان اڳ به تمام گهڻي تڪليف پهتي آهي ۽ اسان پنهنجي ماضيءَ مان سبق سکڻ بدران وري ساڳيون غلطيون ورجائڻ تي سندرو ٻڌي بيٺا آهيون. اسان کي تاريخ کان سکڻ گهرجي. اسان کي اختلافن جي عياشيءَ کان بچڻ لاءِ تاريخ سدائين موقعو فراهم نه ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button