ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

گهرو تشدد جو شڪار عورتون

Editorial

سنڌ ۾ عورتن تي تشدد جي واقعن ۾ گهٽتائي ته ڪانه آئي آهي پر جيڪي به واقعا ٿين ٿا، انهن مان ائين محسوس ٿئي ٿو ته عورتن کي ڪيڏي بيدرديءَ سان تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. ڇاڪاڻ ته عورتون نه پنهنجي مڙس وٽ محفوظ نظر اچن ٿيون ۽ نه ئي پنهنجن مائٽن ۾ انهن کي تحفظ مليل آهي. جنهن جي ڪري انهن جون زندگيون هر وقت داءُ تي لڳل نظر اچن ٿيون. ٻه ڏينهن اڳ به اهڙا ئي واقعا ٿيا آهن، جن مان خبر پوي ٿي ته ڪهڙي ريت عورتن کي قتل ڪري هڪ ڀيرو وري اهو پيغام ڏنو ويو آهي ته عورتون ڪٿي به محفوظ نه آهن. اهي واقعا نه رڳو انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهن پر غير اخلاقي پڻ آهن.
ڪالهوڪي خبرن موجب ڪوٽڙي ۾ مڙس پنهنجي زال کي ڪهي ڌڙ سسي کان ڌار ڪري قتل ڪري فرار ٿي ويو. رپورٽ موجب ڪوٽڙي ٿاڻي جي حد درگاھه بابا صلاح الدين ڀرسان جهوپڙين ۾ رهندڙ لاڏائو قبيلي سان تعلق رکندڙ 4 ٻارن جي ماءُ شڪارپور جي رهواسڻ 28 سالن جي شهناز جعفريءَ کي سندس مڙس معشوق جعفري ڇرين جا وار ڪري ڌڙ سسي کان ڌار ڪري بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو ۽ واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو. اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال پهچايو، پوليس عورت جي ڏير امداد ۽ ويڳي ماءُ بانو جعفريءَ کي گرفتار ڪري ورتو. ان سلسلي ۾ عورت جي ڏير امداد جعفري ٻڌايو ته هڪ هفتو اڳ اسان هتي پنڻ لا پهتاسين، رات دير سان منهنجو ڀاءُ ڇرين جا وار ڪري ڀاڄائي کي قتل ڪري فرار ٿي ويو، مون کي ڪا به خبر ناهي ته ڀاءُ ڀاڄائي کي ڇو قتل ڪيو. هوڏانهن ايس ايڇ او ڪوٽڙي امان الله ميراڻي ٻڌايو ته اسان کي اطلاع مليو ته عورت کي قتل ڪيو ويو آهي، اسان پهتا آهيون، جاچ ڪري رهيا آهيون ته عورت کي ڇو قتل ڪيو ويو آهي. عورت جي ڏير ۽ ويڳي ماءُ کي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪئي آهي. جڏهن ته ٻي خبر موب
حيدرآباد ۾ جوابدار مڙس پنهنجي زال ٽن ٻارن جي ما کي ڇرين جا وار ڪري بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو آهي. عورت کي گهرو جهيڙي دوران قتل ڪيو ويو. حيدرآباد جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد لطيف آباد يونٽ نمبر 8 اڪبري مسجد وٽ جوابدار عمران ڀٽي گهر ۾ ڇرين جا وار ڪري پنهنجي زال ٽن ٻارن جي ما ندا ڀٽي کي زخمي ڪري ڇڏيو، اهڙي اطلاع تي اي سيڪشن پوليس پهچي پهرين ڀٽائي اسپتال بعد حيدرآباد سول اسپتال پهچايو، جتي عورت زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي، جڏهن ته جوابدار زال کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو. پوليس ٻڌايو ته جوابدار ۽ سندس مقتولا زال وچ جهيڙو ٿيڻ جا اطلاع مليا آهن، جنهن دوران عورت کي ڇرين جا وار ڪري مڙس قتل ڪيو آهي، عورت کي ڳلو ڪپي قتل ڪيو ويو آهي. پوسٽ مارٽم کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي. لاش گهر نيو ويو ته ڪهرام مچي ويو. جوابدار لطيف آباد جي نجي اسڪول ۾ پٽيوالي جي ڊيوٽي ڪندو هو. پوليس ٻڌايو ته جوابدار جي گرفتاريءَ لا ڇاپا هنيا پيا وڃن.
مٿين واقعن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته حيدرآباد جهڙي شهر ۾ عورتون گهرو تشدد جو شڪار ٿي حياتي وڃائي رهيون آهن. ان جو هڪ اهم ترين سبب اهو آهي ته عورتن کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا به تحفظ فراهم نٿا ڪري سگهن ۽ گهرو تشدد جا ڪيس ڪنهن ليکي ۾ ئي ڪونه آهن. گهڻو ڪري ته اهڙن واقعن جا جوابدار بچي به ويندا آهن. ان ڪري انهن واقعن جو ٿيڻ معمول جي ڳالهه ٿي ويو آهي. اسين سمجهون ٿا ته اهي ٻئي واقعا افسوس جوڳا آهن. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته قتل جي وارداتن ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ عورتن کي گهرو تشدد کان بچائڻ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button