هڪ پريانٿا هو، جنهن کي ساڙيو ويو. ارسلان محمود جهڙو سهڻو ٻار چوڪ تي محافظن هٿان گوليون هڻي ماريو ويو ۽ فيصل آباد ۾ انسانيت جو چولو چاڪ ٿي ويو. سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪهڙي ڪهڙي ڳالهه تي روئجي. دم گهٽجي رهيو آهي. پنهنجي ڀرپاسي مان بوءِ پئي اچي.
ڏکن جي هڪ مالا آهي، جيڪا ٽٽي پئي آهي. داڻو داڻو الميي ۾ ٽمي رهيو آهي. ڏک عنوان گهڻا آهن پر مسئلن جو گهنٽا گهر هڪ ئي آهي جنهن ملڪ ۾ آئين هڪ رسم وانگر پائمال ٿيندو آهي، ان ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني ڪيئن قائم ٿي سگهي ٿي.
هاڻ پاڪستان جو ڪوبه مسئلو ڏسي وٺو. انتظامي هجي، فڪري هجي يا سماجي هجي. ان جون پاڙون اوهان کي آئين شڪنيءَ ۾ ئي ملنديون. آئين اهو بدوبست آهي جيڪو شين کي تربيت ۾ رکندو آهي. جڏهن اها ترتيب نه رهندي آهي ته سڄو سماج غيرمتوازن ٿي ويندو آهي. اهو سماج هاڻ رڳو مذهبي انتهاپسنديءَ جي وڪڙ ۾ ناهي پر هر قسم جي انتهاپسنديءَ ۾ ورتل آهي. پوءِ بظاهر ان آئين آڌار قائم حڪومتون به پنهنجي آئيني وجود سان ان ڳالهه تي ڪاوڙيل نظر آيون جو سڀئي هڪ پيج تي آهن. پوءِ قاضي حسين آحمد جهڙو اڳواڻ بينظير ڀٽو جي جمهوري ۽ آئيني حڪومت خلاف فرياد ڪندي فوج کي پنهنجو آئيني ڪردار ادا ڪرڻ جو چوندو هو ۽ هاڻوڪو وزير دفاع سيالڪوٽ واقعي تي مزي سان چوي ٿو ته ٻار هن عمر ۾ جوش ۾ اچي ويندا آهن.
آئين ۾ طئي ڪيل اصول قومن کي فڪري تسلسل فراهم ڪندا آهن پر جڏهن آئين پئمال ٿيندو آهي ته سماج کي هڪ فرد واحد پنهنجي لٺ سان هڪلڻ لڳندو آهي. هڪ صاحب اچي حڪم ٻڌائيندو آهي ته منهنجا عزيز هم وطنو، سڄي اسلامي دنيا جا قائد اسين آهيون. سڄي جهان جو درد اسان جي جگر ۾ آهي ۽ افغانستان ۾جهاد جي ميزباني لاءِ رب اسان کي چونڊيو آهي. ٿورو وقت گذري ٿو ته هڪ ٻيو صاحب اچي حڪم ڏيندو آهي. عزير هم وطنو، هي سڀ جهان ۽ جگر ڇڏيو، سڀ کان پهرين پاڪستان، پاڻ کي روشن خيال ٿيڻو آهي.
جڏهن آئين جي بالادستي ناهي رهندي ته قانون جو نظام به تباهه ٿي ويندو آهي پوءِ قانون تي گرفت نه رهندي جيڪو ڪرپٽ هوندو آهي بلڪه جنهن گستاخ تي گرفت ڪرڻي هجي، ان تي قانون لاڳو ڪيو ويندو آهي. جيڪڏهن هم خيال جنم وٺندا آهن ته ڪڏهن پيٽرياٽس جو پردو لاٿو ويندو آهي. قانون ويچارو وقت جي آمر جي صفبندي ۾ رڳو هڪ آله ڪار بڻجي رهجي ويندو آهي.
آئين ملڪي وحدت جو ضامن هوندو آهي ۽ هڪ ايڪائي جو احترام ڪندي، شراڪت جي احساس سان گڏ اڳيان وڌڻ ۾ سهڪاري ثابت ٿيندو آهي. آئين جو محور سڄي قوم هوندي آهي، ان ڪري اهو سماج ۾ فالٽ لائين سان به ڀرپور هوندو آهي پر غيرآئيني بندوبست ۾ مرڪز ۽ محور فرد واحد هوندو آهي. ان ڪري هو ان فالٽ لائين کي نمايان ڪندو آهي. اها فالٽ لائين مذهبي به ٿي سگهي ۽ ايم ڪيو ايم وانگر لساني به. اها فلاٽ لائين جيتري وڌيڪ نمايان هوندي آهي، ملڪ لاءِ نقصانڪار هوندي آهي پر آئيني بندوبست لاءِ اها لائيف لائين جي حيثيت رکندي آهي.
پاڪستان جي قيام کان اڳ ۾ انگريز جي حڪومت رهي ۽ ان کان اڳ ۾ سکن ۽ مغلن جو راڄ هو. راجائن ۽ مهاراجائن جي آڏو خدا جي خلق جي حيثيت رڳو رعايا واري هئي يا محڪوم واري هئي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِِ لازمي هو ته ان کي رعايا مان شهر جو درجو ڏنو وڃي پر هتي پهريون چونڊون ئي 24 سالن کان پوءِ ٿيون. ان جي نتيجي ۾ اقتدار منتقل ئي ڪونه ٿيو. ان ڪري اوڀر پاڪستان الڳ ٿي ويو.
آئين جي آرٽيڪل 256 ۾ چٽو لکيل آهي ته ڪنهن پرائيوٽ آرمي جي اجازت نه هوندي. هاڻ اهو حساب توهين پاڻ لڳايو ته اسان جي ملڪ ۾ ڪيترا لشڪر، ڪيتريون حزبيون، ڪيترا جيش آهن. فرقيوارڻن فسادن جو ميدان اسين ٿياسين ته ڇو ٿياسين ۽ اسان پنهنجي سماج کي ٻارڻ ڇو ٺاهيو. جن اڳواڻن پنهنجا ٻار آمريڪا ۾ پڙهائي ماڻهن جا ٻار ڪشمير ۽ افغانستان ۾ قربان ڪرائي ڇڏيو، اهي اڄ معتبر آهن. جن کي ولن هجڻ گهرجي اهي اڄ هيرو آهن.
جنهن رياستي نظام ۾ آئين پائمال ٿيندو آهي ته سماج ۾ هر شيءِ پائمال ٿيندي آهي، جڏهن آئين پائمال ٿيندو آهي ته ڄڻ ان ڳالهه جو اعلان ٿيندو آهي ته هاڻي دليل جي قوت ناهي رهي. هاڻ قوت دليل بڻجي وئي آهي. قوت دليل بڻجي وڃي ته سماج جهنگ ٿي ويندا آهن، پر طاقتور پنهنجي طاقت آهر جهنگ جو بادشاهه بڻجي ويندو آهي.
هتي ڪو اصول ۽ ضابطو نه بلڪه طاقت ئي هلندڙ وقت جو سڪو هوندي آهي، جڏهن اصول طئي ٿي چڪو ته ان جي شرح توهان جي آڏو آهي. سيالڪوٽ ۾ درندگيءَ تي ڪهڙي ريت وزير دفاع فرمائي ڇڏيو ته ٻار هئا، هن ڄمار ۾ جذبات ۾ اچي ويا. جان جي امان ملي ته فقط اهو پڇڻ چاهين ٿو ته فيصل آباد ۾ به توهان جا ٻار جذبات ۾ اچي ويا هئا؟
**
انڊپينڊينٽ اردو جي ٿورن سان