سنڌ

سجاول ۾ نشي ۾ ڌت پوليس اهلڪار پارڪ ۾ بيهوش،وڊيو وائرل

سجاول ۾ پوليس اهلڪار شراب جي نشي ۾ ڌت ٿي پبلڪ پارڪ وٽ شهرين کي گھٽ وڌ ڳالھائڻ شروع ڪري ڇڏيو. ايس ايس پي نوٽيس وٺي پوليس اهلڪار کي معطل ڪري ڪوارٽر گھاٽ ڪرڻ ۽ لاڪ اپ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. خبر موجب سجاول ۾ پبلڪ پارڪ اڳيان پوليس اهلڪار غلام مصطفيٰ سوهو شراب جي نشي ۾ هوش وڃائي ويٺو ۽ شهرين کي گھٽ وڌ ڳالھائڻ بعد اتي ئي روڊ تي بيهوش ٿي ڪري پيو. پوليس اهلڪار جي اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد شهرين پوليس اهلڪار خلاف قانوني ڪارروائي جو مطالبو ڪيو. ٻئي طرف ايس ايس پي سجاول سيد امداد علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺي پوليس اهلڪار غلام مصطفى سوهو کي معطل ڪري ڇڏيو ۽ کيس لاڪ اپ ڪرائي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي سجاول پنهنجي پريس بيان ۾ چيو ته ڄاڻايل پوليس اهلڪار خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ڇو ته اهڙا اهلڪار ڊپارٽمينٽ لا شرمندگي جو سبب بنجن ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button