سنڌ

سنڌي ادبي بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين غلام مصطفى قاسمي جي ورسي، قبر تي گل نڇاور

نامياري عالم، اديب، محقق ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين علامه غلام مصطفيٰ قاسمي جي ورسي جي موقعي تي چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ مخدوم سعيد الزمان ’عاطف‘ جي هدايتن تي سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ سيد سڪندر علي شاهه، علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي قبر تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ مخدوم سعيد الزمان ’عاطف‘ علامہ غلام مصطفي قاسمي جي ورسي جي مناسبت سان جاري ڪيل تعزيتي بيان ۾ چيو آهي ته مولانا قاسمي صاحب مذهبي عالم هجڻ سان گڏ شفيق انسان ۽ وڏو محقق ۽ گهڻن ئي ڪتابن جو مصنف رهيو، سندس سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمتون ساراهه جوڳيون آهن، جنهن شاهه ولي الله اڪيڊمي جهڙا ادارا قائم ڪيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button