جنگيون ۽ گھرو ويڙهه وغيره رڳو انسان کي متاثر ناهن ڪنديون پر اهي انهن ملڪن ۽ علائقن جي سڄي ماحول، پکين، جانورن، ڍنڍن، دريائن، جبلن ۽ وڻن ٽڻن هر شيءِ کي متاثر ڪنديون آهن. دنيا جا گھڻا ملڪ ۽ علائقا ان جي ثبوت طور پيش ڪري سگھجن ٿا. قبرص هڪ اهڙو ئي بدقسمت ٻيٽ آهي جيڪو مختلف ملڪن جهڙوڪ يونان، خلافت عثمانيا ۽ برطانيا جي راڄ هيٺ رهيو آهي.
هن ٻيٽ تي ترڪ مسلمان ۽ يوناني عيسائي هڪ ڊگھي عرصي کان ميٺ محبت سان رهندا آيا آهن. پر هن وقت اهو هڪ ورهايل ٻيٽ آهي جتي اتر ۾ ترڪ مسلمان ۽ ڏکڻ ۾ يوناني عيسائي رهن ٿا. ترڪيءَ جي ناول نگار ايلف شفق پنهنجي ناول The Island of Missing Trees ۾ ان ٻيٽ جي صورتحال متعلق لکيو آهي. اهو جيتوڻيڪ هڪ احساساتي ناول آهي پر ساڳي وقت ليکڪا ان ٻيٽ جي حوالي سان وڻن، پکين ۽ جيتن وغيره تي تحقيق ڪئي آهي. مختلف ڪتاب وغيره پڙهڻ سان گڏ هن مختلف ماهرن کان انٽرويو وغيره ڪيا آهن.
ناول ۾ گھڻا ئي ڪردار آهن پر ٽي مک ڪردار هڪ يوناني عيسائي ڪوسٽاس، ٻي هڪ ترڪ مسلمان عورت ديفائن ۽ ٽيون انجير جو وڻ آهن. ٻيٽ تي يونانين ۽ ترڪن جي وچ ڇڪتاڻ موجود هوندي آهي ۽ ٻنهي پاسي مختلف شدت پسند تنطيمون پڻ سرگرم هونديون آهن. ان صورتحال ۾ مخالف گروهن سان واسطو رکندڙ مڙد ۽ عورت جي محبت هڪ سماجي ۽ سياسي مسئلو بڻجي وڃي ٿي. ان کي ٻنهي پاسن کان مخالفت ۽ مزاحمت کي منهن ڏيڻو پئي ٿو. اهو سڀڪجھه ڪوسٽاس ۽ ديفائن جي محبت سان ٿئي ٿو، جيڪي اڃا نوجوان هوندا آهن. اهي لڪي ملندا رهن ٿا پر کين هميشه پڪڙجي پوڻ جو ڊپ هوندو آهي. نيٺ کين هيپي فگ نالي هڪ ريستوران، جيڪا هڪ ترڪ يوسف ۽ هڪ يوناني يوريگوس جي ملڪيت هوندي آهي، جا مالڪ پنهنجي ريستوران ۾ جاءِ ڏين ٿا. ان ريستوران جو نالو اتي موجود انجير جي وڻ جي نالي سان هوندو آهي جيڪو پڻ وقت بوقت پنهنجي ڪٿا ٻڌائيندو رهي ٿو.
ٻيٽ جون سياسي حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿينديون پئي ويون. يونان ۾ فوجي بغاوت کانپوءِ قبرص جي صدر ميڪاروئس کي به زوري هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي ويئي. ٻئي پاسي ترڪي پنهنجي مفادن جي تحفظ لاءِ ٻيٽ ۾ فوجي مداخلت ڪئي. ساڳي وقت ٻنهي پاسن جون شدت پسند تنظيمون پڻ سرگرم هيون. ڪوسٽاس جو پيءُ ايسبيسٽاس جي کاڻين ۾ ڪم ڪرڻ جي ڪري ڪينسر جو شڪار ٿي گذاري ويو هو، جڏهن ته سندس ماءُ جيتوڻيڪ پنهنجي مڙس سان رهڻ جي ڪري ان بيماريءَ جو شڪار ٿي هئي پر پوءِ به محنت ڪري پنهنجن ٽن پٽن کي سنڀاليندي هئي. سندس وڏو پٽ شدت پسندي جو مخالف ۽ سوشلسٽ خيالن جو هوندو آهي. هو شدت پسندن هٿان مارجي وڃي ٿو جنهن جي ڪا پڪ نه ٿي ٿئي ته کيس ڪهڙي گروهه ماريو هو. جڏهن ته ٻيون نمبر پٽ شدت پسنديءَ جو حامي هوندو آهي ۽ انهن سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاء گھر ڇڏي هليو وڃي ٿو. سندس ڪا خبر نه ٿي پئي ته آيا هو جيئرو به هو يا نه. ماءُ اهو نه ٿي چاهي ته سندس اڪيلو رهجي ويل ٻار ڪوسٽاس ٻيٽ تي هلندڙ صورتحال جو شڪار ٿئي. ان ڪري هو کيس پنهنجي ڀاءُ ڏانهن انگلينڊ موڪلي ڇڏي ٿي. هو اهڙو اطلاع ڊيفائين کي نه ڏيئي سگھيو پر پوءِ کيس گھڻا خط لکي ٿو جنهن جو هو جواب نه ٿي ڏيئي.
ڪوسٽاس جي ماحوليات ۽ خاص طور تي وڻن جي مطالعي ۾ دلچسپي هوندي آهي. ان حوالي سان هو ڪافي حساس هوندو آهي. گھڻي گرميءَ جي ڪري ٻيٽ جي ٻنهي پاسن چٻرن جو وڏي انگ ۾ مرڻ کيس اداس ڪري ڇڏي ٿو. ساڳي ريت هو پنهنجي ماءُ کي پکين رڌڻ پچائڻ کان منع ڪري ٿو. هو ان ڳالهه کي سمجھي ٿو ته هي ٻيٽ انهن لکين پکين جي پناه گاه آهي جيڪي سياري جي مند ۾ آفريڪا، سائبيريا ۽ ٻين مختلف جاين تان هتي اچن ٿا، جن مان لکين هت شڪار ٿي وڃن ٿا ۽ ڪي خوش قسمت ئي پنهنجي ماڳن ڏانهن موٽي سگھن ٿا. قبرص موٽڻ کانپوءِ ڪوسٽاس کي جھنگ ۾ گھمندي پکين کي ڦاسائڻ لاءِ وڻن سان ٻڌل سوين ڪوڙڪيون نظر اچن ٿيون جن مان گھڻين کي ته هو هڪ رات ۾ ختم ڪري ٿو پر ٻئي ڀيري شڪاري کيس پڪڙي چڱو ڪٽڪو ڏين ٿا. ڪوسٽاس کي ان ڳالهه تي حيرت ٿئي ٿي ته پوپٽ جن کي هڪ نازڪ ۽ ڪمزور جيو سمجھيو وڃي ٿو، لکن جي انگ ۾ اٽڪل اڍائي هزار ڪلوميٽر جو فاصلو طئي ڪري هن ٻيٽ تي پهچن ٿا. پنهنجي مختلف رنگن سان اهي سونهن جو هڪ انوکو ڏيک ڏين ٿا. اهڙو نظارو هن انگلينڊ ۾ به ڏٺو هو ۽ کيس ان ڳالهه تي حيرت هئي ته عام طور اها لڏپلاڻ ٿڌن علائقن کان گرم علائقن ڏانهن ٿيندي آهي ۽ انهن ڇو ابتي واٽ ورتي هئي.
پنجويهه سالن کانپوءِ جڏهن هو پنهنجي هڪ پيشيوراڻي ڪم جي حوالي سان قبرص اچي ٿو ته صورتحال بلڪل بدليل هوندو آهي. جيتوڻيڪ ٻيٽ ٻن حصن ۾ ورهايل هوندو آهي پر اها اڳ جيان خلفشار ۽ افراتفري واري صورتحال نه ٿي هجي. هو ديفائن سان ملڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ نيٺ ان ۾ ڪامياب ٿئي ٿو. گھرو ويڙهه دوران ٻنهي پاسن جا سوين هزارين ماڻهو غائب ٿيا هئا، جن متعلق اها ڄاڻ نه هئي ته آيا اهي جيئرا به هئا يا نه. ديفائن هڪ اهڙي ٽيم، جنهن ۾ مختلف ملڪن جا ماڻهو شامل هوندا آهن ۽ جنهن کي گڏيل قومن جي پٺڀرائي حاصل هوندي آهي، ان سان ڪم پئي ڪيو جيڪا انهن گم ٿيل ماڻهن جي ڳولها ڪري ٿي. جيڪڏهن اهي مري به ويا هئا ته انهن جي سڃاڻپ ڪجي ته جيئن انهن جي خاندانن کي تسلي ٿئي ۽ اهي انهن جي مناسب تدفين ڪري سگھن. ان ۾ ترڪ يا يوناني جو ڪو فرق نه هوندو آهي پر ٻيٽ تي رهندڙ هر ماڻهو ان ۾ شامل هوندو آهي.
ديفائن ڪوسٽاس کي گذريل پنجويهه سالن ۾ جيڪي ڪجھه وهيو واپريو ان متعلق ٻڌائي ٿي. هو کيس ٻڌائي ٿي ته جڏهن هو انگلينڊ ويو ته هو پيٽ سان هئي. هن جيئن ته پنهنجن گھر وارن کان ان ڳالهه کي لڪائڻ چاهيو ٿي، ان ڪري ان ٻار ڪيرائڻ جو فيصلو ڪيو پر ان ۾ هو ڪامياب نه ٿي سگھي.
ان ٻار جي پيدائش يوسف ۽ يوريگوس جي ريستوران هيپي فگ ۾ ٿي هئي پر ان دوران اهي ٻيئي دهشتگردن هٿان اغوا ٿي ويا هئا ۽ خبر نه ٿي پئي ته اهي ڪيڏانهن ويا. ٻار کي هڪ برطانوي خاندان کي سنڀالڻ لاءِ ڏنو ويو پر اهو ٻار ڪجھه عرصي ۾ مري ويو.
هيپي فگ ۾ انجير جو وڻ پنهنجي ڪٿا ٻڌائي ٿو. مالڪن جي غائب ٿيڻ ۽ ريستوران جي بند ٿيڻ کانپوءِ ان جي خراب حالت هوندي آهي. اڏوهي کيس صفا نستو ڪري ڇڏي ٿي. اڳ مالڪ سندس سار سنڀال لهندا هئا ۽ انهن بيمارين کان کيس محفوظ رکندا هئا. پر هاڻي ائين نه هو. هو ٻڌائي ٿو ته مختلف جيت ۽ پکي جهڙوڪ طوطا، ماکيءَ جي مک ۽ ڪوئا وغيره وٽس اچن ٿا، اهي کيس پنهنجيون ڪهاڻيون ٻڌائين ٿا. ماکيءَ جي مک کيس هڪ ڀيري ٻڌايو ته هو هڪ اهڙي ليبارٽريءَ ۾ ويئي جتي گم ٿيل ماڻهن جي لاشن جي سڃاڻپ لاءِ سندن ڊي اين اي وغيره جي تشخيص ڪئي ويندي هئي. اتي ان کي خبر پئي ٿي ته يوسف ۽ يوريگوس جا هڪٻئي سان ٻڌل لاش هڪ کوهه مان مليا هئا. هڪ ڀيري ڪوسٽاس ۽ ديفائن جڏهن هيپي فگ اچن ٿا ته وڻ جي حالت ڏسي ڪوسٽاس اهو فيصلو ڪري ٿو ته هو ان جي هڪ صحت مند ٽاري کي انگلينڊ کڻي ويندو. اتي ان جي سار سنڀال ۽ پرورش ڪندو. انگلينڊ ۾ هڪ برفاني طوفان دوران هو ان کي محفوظ رکڻ لاءِ زمين ۾ پوري ڇڏي ٿو. پوءِ جيئن بهار جي مند اچي ٿي هو ان کي اتان ڪڍي ٿو.
ديفائن به ڪوسٽاس سان گڏ انگلينڊ وڃي ٿي جنهن جي ڪري سندس مائٽ ساڻس سڀ ناتا ختم ڪري ڇڏين ٿا. انهن کي هڪ ڌيءَ ادا ڄمي ٿي. انگلينڊ ۾ ڪوسٽاس جو لڳايل انجير جو وڻ ۽ اها ڇوڪري گڏوگڏ وڏا ٿين ٿا. آخر ۾ ديفائن پنهنجن ذهني مسئلن جي ڪري آپگھات ڪري ٿي.
هن ناول جي خاص ڳالهه اها آهي ته ليکڪا ڪٿي به نسلي منافرت ۽ تعصب جو شڪار ناهي ٿي بلڪه هن مک ڪردارن سميت مختلف ڪردارن وسيلي نسلي هم آهنگي ۽ ڪنهن فرق کانسواءِ ٻيٽ ءِ ان جي سڀني رهاڪن جي ڀلائي جي ڳالهه ڪئي آهي. هنِ انهن ماڻهن کي ننديو آهي جيڪي ان هم آهنگي ۽ ٻيٽ جي امن کي خراب ڪن ٿا ۽ نتيجي ۾ ٻيٽ جي ورهاست جو سبب ٿيا آهن. ساڳي ريت هو فڪشن جي پيرائي ۾ ماحوليات، وڻن ٻوٽن، پکين ۽ جيتن وغيره جو ذڪر ڪري ٿي. اهڙي ريت قبرص سميت مختلف ملڪن ۾ گم ٿيل ماڻهو پڻ هن ناول جو موضوع آهن. اهو پڻ ايلف شفق جو هڪ ڪارائتو ناول آهي.