ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌين کي پنھنجي شھر اچڻ جي ڌمڪي

Editoail-Artilce Mohmmad Khan Sial

ڪراچي سنڌ جو اھم ۽ گاديءَ جو شھر آھي. سنڌ جي عوام کي پنھنجي پراڻي تاريخي شھر يعني ڪراچيءَ ۾ اچڻ تي کليو کلايو ڌمڪي ڏيڻ جو اعلان، سنڌ جي عوام سان، وڏي زيادتي ۽ ناانصافي آھي. لساني تنظيم ايم ڪيو ايم جي ڊپٽي ڪنوينر وسيم اختر ميڊيا ۾ ڇپيل بيان موجب کليوکلايو نفرت ڪندي دعوى ڪئي آھي ته “تنگ نه ڪريو، اندرون سنڌ وارن جو ڪراچي پھچڻ مشڪل ڪنداسون.”
ھتي اھو ٻڌائڻ ضروري آھي ته “اندرون سنڌ” جي نالي ۾ سندن اشارو سڌيءَ ريت سنڌي عوام ڏانھن آھي. سندس مکيه مقصد اھو آھي ته سنڌي پنھنجي پراڻي ۽ گاديءَ واري شھر ڪراچيءَ ۾ نه اچن ۽ نه ئي ان تي ڪنٽرول ڪن نه ته سندن پھچڻ ڏکيو بڻائينداسون. يعني سنڌ جي اصل رھاڪن کي پنھنجي ئي اھم شھر ۾ اچڻ تي کين زوردار جاني نقصان پھچائي سگهون ٿا.
اھا کليو کلايو سنڌ جي عوام سان دشمني آھي جنھن تي سنڌ جي عوام کي ڳنڀيرتا سان سوچي، بچاءُ جا مناسب قدم به کڻڻ گهرجن ۽ ساڳي وقت اھڙن سنڌ دشمنن کي لغام به ڏيڻ گهرجي. جيڪڏھن اھڙي ڪريل ۽ اعتراض جوڳي ذھنيت برقرار رکي وئي ته ذھني مريض سڀاڻي چئي سگهندا ته پنجابي پنھنجي شھرن لاھور يا اسلام آباد، پٺاڻ پنھنجي شھر پشاور ۽ بلوچ پنھنجي شھر ڪوئيٽا ايندا ته سندن اچڻ مشڪل بڻائينداسون، يعني انھن کي جاني نقصان پھچائينداسون. اھا ڳالهھ خاص ڪري نوٽ ڪرڻ جي آھي ته سنڌ ۾ لکن جي انگ ۾ پٺاڻ اچي رھن ٿا پر تعصب پرست ايم ڪيو ايم وارا انھن جي باري ۾ ته ڪجھه به نٿا ڪڇن پر سنڌ جا اصل رھاڪو پنھنجي اھم شھر ڪراچيءَ ۾ اچن ٿا ته ايم ڪيو ايم وارن جو جيئڻ ئي جنجال ٿي وڃي ٿو يعني سندن ننڊ حرام ٿي وڃي ٿي ۽ ھو کليو کلايو سنڌ جي اصل ماڻھن سان نفرت ڏيکارين ٿا. ھونئن به اھا سچائي آھي ته ايم ڪيو ايم جو وجود ملڪ جي سربراهه ڊڪٽيٽر ضياءُالحق آندو ھو جنھن جو موت 17 آگسٽ 1988ع تي بھاولپور کان 7 يا 8 منٽ پري جھاز اڏامڻ جي ڪري پوڻ ڪري ٿيو ھو. پوءِ، مان پي آءِ اي جو ڊسٽرڪٽ مئنيجر بھاولپور ھئڻ دوران، روڊ ذريعي بھاولپور کان ملتان ويندي، اھا جاءِ خاص طور ڏسڻ ويو ھئس. جيئن ته ايم ڪيو ايم تنظيم ڊڪٽيٽر ضياءُ الحق جي دور ۾ قائم ڪئي وئي ھئي ۽ سنڌ جي تڏھوڪي وڏي وزير سيد غوث علي شاهه (06 اپريل 1985 کان 06 اپريل 1988) ميڊيا موجب ڪروڙين روپيا، ايم ڪيو ايم جي باني الطاف حسين کي ڪراچيءَ ۾ ڏنا ھئا ته ايم ڪيو ايم کي زور وٺرائي. ايم ڪيو ايم کيس ڪراچيءَ مان قومي اسيمبليءَ جي اليڪشن جي سيٽ جي به آڇ ڪئي ھئي پر ھو قبول ڪونه ڪري سگهيو ھو. بھرحال، اھا به سچائي آھي ته قومپرست اڳواڻ جي ايم سيد جو بيان مون پاڻ ميڊيا ۾ پڙھيو ھئم ته ايم ڪيو ايم ٺھرائڻ ۾ سندس به ھٿ ھو.
اھو ٻڌائڻ ضروري آھي ته پاڪستان ٺھڻ وقت سنڌ، ھندوستان کان آيل مھاجرن جي ڪوٽا قبول ڪئي ھئي پر پنجاب ٻه لک مھاجر، ڪيمپن ۾ گهڻو وقت ويھاري ڇڏيا ھئا ۽ انھن کي پنجاب ۾ آباد ڪونگ ڪيو. تن ڏينھن ۾ پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي حالت جسماني طرح خراب ھئي ۽ حياتيءَ جي آخري ڏينھن ۾ بلوچستان جي شھر زيارت ۾ ترسيل ھو. سندن وفات کان اٽڪل ٽي ھفتا اڳ، پاڪستان جي پھرين اڻ چونڊيل وزيراعظم لياقت علي خان، وڌيڪ ٻه لک مھاجر اضافي طور سنڌ ۾ زوري آباد ڪري ڇڏيا جن مان گهڻائي ڪراچيءَ ۾ ھئي. اھم سوال اھو آھي ته سنڌ تي ٻه لک اضافي مھاجر مڙھي، اصل مھاجرن جو انگ گهڻو وڌائي ڇڏيو. پر اھا اھم ڳالھه آھي ته سنڌ جي عوام ايڏي وڏي انگ ۾ مھاجر مجبوريءَ وچان قبول ڪيا پر سنڌين جو ٿورو مڃڻ بدران سنڌ سان نفرت جو ڪاروبار گهڻن سالن کان جاري آھي ۽ اھا ڳالھه نوٽ ڪرڻ جي آھي ته پاڪستان جي بڻجڻ کي 74ورھيه گذرڻ کانپوءِ به سنڌ سان نفرت ڪئي وڃي ٿي جيڪا ايم ڪيو ايم جي ڊپٽي ڪنوينر وسيم اختر جي تازي بيان مان ظاھر آھي. ھتي اھو ٻڌائڻ ضروري آھي ته وسيم اختر ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) جو ميئر رھيو ھو. سندس رويو سنڌ سان دشمني ۽ نفرت تي ٻڌل ھو ۽ ھاڻي ريٽائر ٿيڻ کانپوءِ به نفرت جو ڪاروبار ڪري ٿو. ھو ميئر ھو ۽ ھن ھزارين مھاجر ملازم، ڪاغذي طور ڀرتي ڪيا جن کي پگھارون ڏيندا ھئا پر ڪراچيءَ جي ترقياتي سڌارن تي ھنن خرچ ڪونه ڪيا. ٻيو ته ٺھيو ايم ڪيو ايم وارا پ پ پ جي سنڌ سرڪار ۾ به ڪيترا ورھيه اتحادي رھيا پر ھڪ سچائي آھي ته سنڌ سرڪار ۾ پ پ پ سان اقتدار ۾ رھڻ دوران ھنن سنڌ ٽوڙي الڳ صوبو بڻائڻ جو مطالبو ھرگز ڪونه ڪيو ھو. ڪوڙي پرچار ڪندڙن کي، اھو منھنجو چيلينج آھي. ھاڻي ته عمران خان جي وزيراعظم بڻجڻ کانپوءِ، ايم ڪيو ايم وارا سندس حمايت دوران، سنڌ کي ٽوڙڻ جا مطالبا به ڪري رھيا آھن جيڪا ڪيترن صدين کان قائم پراڻي سنڌ سان خلاف وڏي زيادتي ۽ غداري آھي.
منھنجي ڇنڊڇاڻ موجب اھا ڳالھه خاص ڪري نوٽ ڪرڻ جي آھي ته ايم ڪيو ايم، سنڌ جي عوام کي پنھنجي شھر ڪراچيءَ ۾ نه اچڻ جي ڌمڪي 4 ڊسمبر تي ڏني جيڪا خبر ميڊيا ۾ آچر 5 ڊسمبر 2021ع تي ڇپيل آھي. جيئڻ ته سنڌ جي عوام کي ھر سال وانگيان ھن سال به ڊسمبر جي پھرين آچر تي، سڄي سنڌ ۾ ثقافتي ڏينھن وڏي پيماني تي ملھائڻو ھو تنھنڪري آچر 5 ڊسمبر تي ڌمڪي واري خبر ميڊيا ۾ ڄاڻي واڻي ڏياري وئي آھي. ائين لڳي ٿو ته سندن مقصد رڳو سنڌ جي عوام خلاف نفرت جو ڪاروبار جاري رکڻ آھي. ٻيو ته ٺھيو پر ٻين اخبارن کانسواءِ روزاني اردو اخبار “جھان پاڪستان” پھرين صفحي تي چئن ڪالمن ۾ اھا نمايان خبر تفصيل سان شايع ڪئي آھي.
عمران خان جو ايم ڪيو ايم بابت بيان. اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ، سندس فرمان ھو ته جيڪڏھن ايم ڪيو ايم سان اتحاد ڪندس ته مون جهڙو منافق ڪوبه ڪونه ھوندو. ھونئن به ڏسجي ته ايم ڪيو ايم جون پاليسيون زوردار اختلافي ۽ تعصب جي بنياد تي رھيون آھن. مھاجرن جي تعصب پرست تنظيم (ايم ڪيو ايم) کي سنڌ سان نفرت ڇڏڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته سنڌين جا اڳ ئي مٿن کوڙ احسان آھن سي کليو کلايو مڃڻ گهرجن. اھا سچائي آھي ته سنڌين مھاجرن جو مقرر ڪيل وڏو انگ ته اڳ ئي قبول ڪيو ھو پر جڏھن پنجاب ٻن لکن مھاجرن کي قبول ڪونه ڪيو ۽ کين ڪيپمن ۾ رکيو ته پوءِ اڻ چونڊيل پھرين وزيراعظم لياقت علي خان اھي ٻه لک مھاجر به وڌيڪ سنڌ ۾ مڙھي ڇڏيا. بھرحال، بيمار جناح صاحب جي مرڻ کان ڪجھه ڏينھن اڳ، ھن ائين ئي ڪيو.
ڪنھن دوست وسيم اختر جي سنڌ دشمنيءَ تي منھنجي پوسٽ تي تبصرو ڪندي لکيو: ڪراچي سنڌين جي آھي، وسيم اختر پنھنجي دماغ جو علاج ڪرائي. ڪراچي ته سنڌ ۽ سنڌين جي آھي. ھي تازو ڪراچي ميئر رھيو آھي. ان دوران 160 ارب رپيا وڌيڪ ڪرپشن ڪري ھڙپ ڪيا. انھن ماڻھن کي، سنڌ ۽ سنڌي تعصب ۽ نفرت کان ٻي ڪا صلاحيت ۽ اھليت ڪانھي. اھي پاڻھي تباهه ۽ برباد ٿي ويندا. سنڌي امن آستي، صلح محبت ۽ رواداداريءَ جا علمبردار آھن.”
آمريڪا ۽ جرمنيءَ وارن سنڌ جي ثقافتي ڏينھن کي خاص اھميت ڏئي بيان جاري ڪيا. اڳ ۾ مون ڪيناڊا وارن جا بيان به ساڳي موضوع تي پڙھيا ھئا. جيئن ته اردو ميڊيا، سنڌ جي اھم ثقافتي ڏينھن جي خبر آخري پيج تي ٻن ڪالمن ۾ سادي نموني شايع ڪئي آھي، جيڪا سنڌ سان وڏي ناانصافي آھي. اھا تلخ سچائي آھي ته اردو ميڊيا جو رويو سنڌ سان ھمدرديءَ وارو سدائين گھٽ رھيو آھي.
سنڌ جي بلدياتي نظام 2021ع خلاف ناظم آباد ۾ احتجاج ڪيو ويو. ايم ڪيو ايم اڳواڻن جو چوڻ آھي ته “نااھل ۽ ڪرپٽ ديھي سنڌ جا نمائندا” 13 سالن کان شھري علائقي تي مڙھيل آھن. ايم ڪيو ايم جي بدتميزن ته اھو به چيو آھي ته ڪراچي ڊاڪن (ڌاڙيلن) جي ھٿن ۾ آھي. ٻئي طرف، پي ٽي آءِ وارن ٺٽيَ ۾ مظاھرو ڪندي چيو ته سنڌ سرڪار سنڌ کي تباهه ڪرڻ چاھي ٿي. بھرحال، وفاقي سرڪار جي چئن سالن جي لاڳيتي سنڌ دشمني ڏسڻ ۾ نٿي اچي.
آمريڪا، جرمني، ڪيناڊا سميت ڪيترن ملڪن سنڌي ثقافت ڏينهن تي مبارڪن جا نياپا ڏنا آھن پر ڪن دوستن اھم سوال پڇيو آھي ته وزير اعظم عمران خان ثقافتي ڏينھن تي اهڙي مبارڪ سنڌ کي ڇو ڪونه ڏيندو آھي؟ اھو اھم سوال آھي.
بھرحال، اسان جو سنڌ جي عوام کي نيڪ نيتيءَ سان عرض آھي ته ھو لساني تنظيم ايم ڪيو ايم ۽ سندن حامي حڪمران پارٽي پي ٽي آءِ جي سنڌ خلاف لاڳيتين ڪاررواين جو ڳنڀيرتا سان نوٽيس وٺن ۽ سنڌ جي يڪجهتي برقرار رکڻ لاءِ، سندن سنڌ دشمنيءَ جي سختيءَ سان مخالفت ڪن. اھو ڪم نه رڳو سنڌ سرڪار جو آھي پر سنڌ ۾ رھندڙ سڀئي رھاڪو، جن ۾ پاڻ کي قوم پرست سڏائيندڙ شامل آھن. سي سڀ سندن سنڌ دشمنيءَ جي قانون اندر رھي سخت مخالفت به ڪن ٻي حالت ۾ سنڌ جو ايندڙ نسل کين معاف ڪونه ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button