بيجنگ ۾ 4 کان 10 فيبروري تائين اولمپڪس منعقد ٿي رهيا آهن. آمريڪا چين ۾ انساني حقن جي صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪندي، اولمپڪس جو بائيڪاٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. برطانيا چيو آهي ته اهو به ان بابت ترت فيصلو ڪندو. چين جو چوڻ آهي ته هيستائين آمريڪا کي اولمپڪس جو دعوت نامو ئي ناهي موڪليو ويو ته بائيڪاٽ جو ڪهڙو مطلب؟
ٻي خبر اها آهي ته گذريل خميس ۽ جمعي تي آمريڪي صدر جي دعوت تي 110 ملڪن جي سربراهن يا اعليٰ شخصيتن جمهوريت کي عالمگير سطح تي مستحڪم ڪرڻ جي طريقن تي غور ڪرڻ لاءِ هڪ ورچوئل ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. اسرائيلي وزيراعظم نٽالي بينيٽ ۽ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي به دعوت ۾ شامل هئا. وچ اوڀر کان هن ڪانفرنس ۾ رڳو عراق کي دعوت ڏني وئي. ڏکڻ آمريڪا کانسواءِ برازيل جي انتهاپسند ماحوليات صدر دشمن بولسنارو کي به دعوت ڏني وئي هئي. چين کي دعوت نامو موڪلڻ جو ته خير سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، البت تائيوان کي دعوت ڏئي چين کي وڌيڪ چيڙائڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي وئي. ڪانفرنس جي ايجنڊا هئي ته عالمي سطح تي آمراڻي سوچ، وڌندڙ ڪرپشن ۽ انساني حقن جي پائماليءَ کان جمهوريت جو تحفظ ڪيئن ڪجي.
پاڪستان کي به بطور هڪ اڀرندڙ جمهوريت جي ڪري ان ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي. پر هڪ ڏينهن اڳ اسلام آباد اهو چئي ان ڪانفرنس ۾ شرڪت کان معذرت ورتي ته اسين مناسب وقت تي جمهوريت کي هٿي ڏيڻ تي آمريڪا سان رابطي ۾ رهنداسين.
ان سفارتي جملي جو اردو ترجمو ڪجهه هينئن آهي ته، ادا ميزبان صاحب هلو اوهان اسان جي دوست چين کي دعوت ناهي ڏني ته نه سهي پر اوهان تائيوان کي دعوت ڏئي ۽ ترڪيءَ کي دعوت نه ڏئي، مودي ۽ نٽالي بينيٽ کي ڀليڪار ڪري اسان لاءِ هڪ وڏي سفارتي مشڪل پيدا ڪري ڇڏي آهي. تنهنڪري اوهان جي ڪانفرنس جي چڪر ۾ اسين پنهنجن پراڻن دوستن کي ڪاوڙائي نٿا سگهون.
سرد جنگ جي 45 سالن واري دور ۾ آمريڪا ڪميونسٽ دنيا کي انساني حقن جي پائماليءَ جي ڏنڊي سان لاڳيتو ڪٽڪو ڏيندو رهيو ۽ انساني حقن جي انهن دشمنن کي گهٽ ڏيکارڻ لاءِ لاطيني آمريڪا کان انڊونيشيا تائين هر رنگ، نسل ۽ قسم جي فوجي وغيره ۽ غير فوجي آمرن کي آزاد دنيا جو پاسبان قرار ڏئي، ان جا ست خون معاف ڪري ڇڏيا. اڄ بظاهر پهرين سرد جنگ جي خاتمي کانپوءِ ٻي سرد جنگ شروع ٿي وئي آهي. پر ڪردار اهي ئي پراڻا آهن. اهي ئي روس ۽ چين اهي ئي آمريڪا ۽ برطانيا، جيڪي پهرين سرد جنگ وانگر ٻي سرد جنگ ۾ به پنهنجي سامهون طاقتن کي اولهه جي طرز زندگي جمهوريت ۽ سلامتي لاءِ خطرو نمبر هڪ ٻڌائي رهيا آهن ۽ انساني حقن جي انهيءَ پراڻي ڏنڊي کي گهمائي رهيا آهن.
ان جي ابتڙ اڄ حواري ملڪن ۾ انساني حقن ۽ آزاديءَ سان ٿيندڙ کيڏ نه پر يارن جو اندروني معاملو نظر اچي ٿو. ڄڻ نه بوتل بدلي، نه شراب بدليو ۽ نه ئي ڪمپني. ائين سمجهي وٺو ته اولهه کي جتي منڊي دستياب آهي، اتي انساني حقن جو ڪو ايجنٽ ناهي. جتي اولهه کي اقتصادي هڪجهڙائي ۽ اسٽريٽجڪ چئلينج درپيش آهن، اتي فقط انساني حقن جي پائمالي ئي بچڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.
مثال طور آمريڪا جو عالمي مذهبي آزاديءَ جي سرڪاري ڪميشن يو ايس سي آءِ آر ايف گذريل ٻن سالن کان ڀارت کي به چين ۽ پاڪستان سان گڏوگڏ انهن 13 ملڪن جي فهرست ۾ شامل ڪرڻ لاءِ سفارش پيش ڪري رهي آهي، جتي مذهبي آزادي ڏينهون ڏينهن سسي رهي آهي. پر گذريل سال پرڏيهي وزير مائيڪ مومپيو ان فهرست ۾ ڀارت جو نالو شامل ڪرڻ جي سفارش کي رد ڪري ڇڏيو ۽ هن سال پرڏيهي وزير اينٿني بلنڪن مذهبي تنگ نظريءَ جي سرڪاري فهرست پڙهندي ڀارت جو نالو کڻڻ بدران اڳيان وڌي ويو. جڏهن ته انهيءَ ئي اينٿني بلنڪن 7 مهينا اڳ مذهبي آزادي ۽ اقليتن سان ٿيندڙ ورتاءُ جي باري ۾ پرڏيهي کاتي جي جاري ڪيل عالمي فهرست ۾ ڀارت جي شموليت تي ڪوبه اعتراض نه واريو هو. ان رپورٽ ۾ مودي ڪابينا جي ڪئين وزيرن جو نالو ورتو ويو ۽ حڪمران جماعت جو تعلق آر ايس ايس سان ڳنڍيندي اقليت جي زبون حاليءَ جو ذڪر به ٿيو. ان رپورٽ ۾ ڀارتي پوليس هٿان عدالتن کان مٿانهين قتل، سرسري گرفتارين، صحافين خلاف ڪيس ۽ حراسمينٽ ۽ ميڊيا سينسرشپ جي وڌندڙ لاڙي جو به اعتراف ڪيو ويو.
جيئن جيئن هاڻوڪن مهينن ۾ چين ۽ روس سان ڇڪتاڻ جو گراف وڌي پيو، پرڏيهي کاتو، دفاع وارو کاتو ۽ وائيٽ هائوس جو هٿ ڀارت تي هلڪو ٿي ويو آهي. اهو ئي مودي جنهن کي 2002ع جي گجرات قتلام کانپو آمريڪي ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو هو، اهو ئي مودي بائيڊن جي صدر ٿيڻ کانپو ورچوئل ملاقات ڪرڻ وارن اولين اڳواڻن ۾ شامل ٿي ويو. جڏهن ته ان ملاقات کان ڪجهه هفتا اڳ انساني آزادين جي تحقيق بابت هڪ ساکائتي اداري فريڊم هائوس جي ڇپايل رپورٽ ۾ ڀارت جو درجو جمهوري ملڪن مان کڻي نئين نيم آزاد جمهوريت جي خاني ۾ منتقل ڪري ڇڏيو.
هن اعليٰ ملاقات جي هڪ هفتي کانپو آمريڪي دفاع واري وزير الائيڊ آسٽن پنهنجي پهرين پرڏيهي دوري تي نئين دهلي پهتو ۽ هن گڏيل هدفن جي حاصلات ۾ اڳڀرائيءَ جو تفصيلي جائزو ورتو. هن گڏيل هدفن ۾ انساني حقن جو سوال سڌي ريت ڇڏيو پر اڻ سڌي ريت نه کنيو. ان کان هڪ سال اڳ جڏهن ٽرمپ نئين دهليءَ ۾ موجود هو ته پراڻي دهليءَ ۾ مسلم اڪثريتي علائقا باهه جي حملن ۽ لڏپلاڻ جو مرڪز رهيا هئا. پر ٽرمپ پري کان آسمان مان اٿندڙ دونهن کي ڪڪر سمجهي رهيو هو. ٽرمپ ته خير ٽرمپ هو، پر ڊيموڪريٽ ته صدارتي مهم ۾ ماما بڻيا هئا. بقول هڪ آمريڪي مدبر جي، فرق رڳو ايترو آهي ته عالمي لاڳاپن جي تناظر ۾ ريپبلڪن انتظاميه سادي ڪاتي وهائيندي گهٻرائي نه ٿي، البت ڊيموڪريٽڪ انتظاميه ان ڪاتيءَ تي ماکي هڻي وار ڪري ٿي.
ٽي مهينا اڳ دهليءَ ۾ تعينات آمريڪي ناظم الامور اتل ڪيشپ (هندوستاني نزاد) ڀارت کي هر سطح تي هڪ سيڪيولر جمهوريت کان هندو راشٽر ۾ تبديل ڪرڻ جي علمبردار آر ايس ايس پرمک موهن ڀاڳوت سان ملاقات ۾ “جمهوريت گروهي هم آهنگي، روشن خيالي ۽ مختلف برادرين جي وچ ۾ پرامن بقا باهمي” جي مامري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ان بابت کنيل اپائن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. آڪٽوبر ۾ آمريڪي نائب پرڏيهي وزير وينڊي شرمين پنهنجي دوري ۾ ان ڳالهه کي ساراهيو ته ڀارت ۽ آمريڪا اسرندڙ جمهوريتون آهن ۽ انهن جي وچ ۾ ويجهو سهڪار خطي ۽ عالم جي مفاد ۾ آهي.
جڏهن به آمريڪا جي ٻٽي معيار تي آڱر کڄندي آهي ته آمريڪي پرڏيهي آفيس اها صفائي ڏيندي آهي ته جنهن به اعليٰ ڀارتي قيادت سان اسان جو رابطو ٿئي ٿو ته اسين پردي پويان ان کي انساني حقن جي اندروني صورتحال تي پنهنجن تحفظات کان آگاهه ڪندا آهيون. ان جو ثبوت پرڏيهي آفيس اهو پيش ڪيو ته سيپٽمبر ۾ مودي-بائيڊن ملاقات دوران آمريڪي صدر عدم تشدد، انسان جو احترام ۽ درگذر جي باري ۾ گانڌيءَ جي ويچارن جو ذڪر ڪيو. (سبحان الله- جوبائيڊن لکنوي جي جئي)