ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

بجلي اگهن ۾ واڌ، عوام تي اضافي بار

Editorial

وزير اعظم عمران خان اڃا ٻه ڏينهن اڳ اهو چيو آهي ته پاڪستان سستو ترين ملڪ آهي. پر هو اها ڳالهه خبر ناهي ته ڪهڙي بنياد تي چوي ٿو. جڏهن ته ملڪ ۾ مهانگائي لڳ ڀڳ 12 سيڪڙو تائين وڃي پهتي آهي. ٿي سگهي ٿو ان کان به وڌيڪ هجي پر عمران خان کي هيءَ ملڪ عوام لاءِ سستو نظر اچي ٿو. هڪ عام ماڻهو يا پگهاردار طبقو پنهنجي پورت ڪيئن ٿو ڪري ان جو اندازو عمران خان کي ان ڪري به ناهي جو هن پنهنجو تعلق پگهاردار طبقي سان نه رهيو آهي. هن ڪڏهن نوڪري ناهي ڪئي ان ڪري کيس خبر ئي ناهي ته هڪ ملازم ماڻهو پنهنجي پگهار مان ڪيئن گذارو ڪندو آهي ۽ ڪهڙي ريت هو پنهنجي ٻارن جو پيٽ پاليندو آهي. عوام واهپي جي شين کان وٺي ٻين استعمال ٿيندڙ سهولتن تائين هاڻوڪي حڪومت سڀڪجهه مهانگو ڪري ڇڏيو آهي. ڪڏهن پيٽرول مهانگو ڪيو ٿو وڃي ته ڪڏهن وري بجلي ته ڪڏهن وري گئس جا اگهه وڌايا ويندا آهن. ان ڪري عوام مٿان معاشي بار وڌندو رهندو آهي پر حڪومت معاشي سڌارا ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. آءِ ايم ايف جون سڀئي شرطون قبول ڪري عوام کي مڏي ڪاتيءَ سان ڪٺو پيو وڃي پر تڏهن به اهو ئي چيو وڃي ٿو ته هي هڪ سستو ملڪ آهي. هڪ ڀيرو وري هاڻوڪي حڪومت عوام تي بجليءَ جو بم ڪيرائي ڇڏيو آهي. جنهن کان پوءِ هاڻ بجليءَ جو في يونٽ وري مهانگو ڪيو ويو آهي.
خبر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته وفاقي حڪومت مهانگائيءَ جي ستايل عوام مٿان هڪ ڀيرو ٻيهر مهانگائيءَ جو بم ڪيرائي ڇڏيو آهي. نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) في يونٽ بجلي 4 رپيا 74 پيسا مهانگي ڪري ڇڏي آهي. بجلي آڪٽوبر جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ تحت مهانگي ڪئي وئي آهي. بجليءَ جون قيمتون وڌڻ سان عوام تي 60 ارب رپين جو اضافي بار پوندو، اهي پئسا بجلي صارفين مان اوڳاڙيا ويندا. نيپرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته واهپيدار کان واڌ ڊسمبر جي بجلي بلن ۾ وصول ڪئي ويندي. نوٽيفڪيشن موجب نيون قيمتون لائيف لائين واهپيدارن ۽ ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن تي لاڳو نه ٿينديون. عوام کي ياد آهي ته جڏهن بجليءَ جو في يونٽ رڳو 8 روپيا هوندو هو ۽ اها بجلي عوام کي سستي پوندي هئي ته عمران خان چوندو هو ته آئون حڪومت جي مهانگي بجلي ڇو ٻاريان ۽ هو پنهنجي گهر جا بل سرعام ساڙيندو پيو هو. هاڻ جڏهن بجلي بنهه گهڻي مهانگي ڪئي وئي آهي ته ان صورت ۾ به عمران خان ان بجليءَ کي سستو سمجهي ٿو. عمران خان کي ايترو ضرور ياد رکڻ گهرجي ته بجليءَ جا اگهه وڌائڻ سان رڳو گهر ۾ استعمال ٿيندڙ بجلي جو بار عوام تي نٿو پوي پر ان سان ٻين شين تي به اثر پوي ٿو. جيڪي ڪارخانا بجليءَ تي هلن ٿا، انهن ۾ ٺهندڙ شيون به مهانگيون ٿي وينديون آهن. ان کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي اهڙا معاملا آهن، جيڪي بجلي سان ڳنڍيل آهن. هن وقت دنيا بجلي بحران کي حل ڪرڻ لاءِ ٻيا ڪيترا وسيلا ڳولي چڪي آهي ته ان وقت پي ٽي آءِ حڪومت وري مهانگي بجلي عوام کي ڏئي رهي آهي.
هيءَ سڀڪجهه آءِ ايم ايف جي چوڻ تي ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته آءِ ايم ايف هر ڀيري قرض منظور ڪرڻ لاءِ بجلي گئس ۽ ٻين اسمن کي مهانگو ڪرڻ جو شرط رکندو آهي جنهن کي حڪومت هر ڀيري قبول ڪري وٺندي آهي. هاڻ جڏهن قرض جي قسط لاءِ آءِ ايم ايف جون شرطون مڃيون ويون آهن ته ان کي عوام ئي ڀوڳيندو رهندو ۽ ان عوام جي کيسي تي بار وڌي ويندو. هن وقت صورتحال ته اهڙي لڳي پئي آهي جو عوام لاءِ ٻن ويلن جي ماني کائڻ جي مشڪل بڻجي ويو آهي. حڪومت عوام کي ڪوڙا انگ اکر ٻڌائي ان کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي رهندي آهي پر حڪومت کي ياد رکڻ گهرجي ته اها عوام کي گمراهه نٿي ڪري سگهي ڇاڪاڻ ته عوام کي سڀ خبر آهي ته هاڻوڪي حڪومت نه رڳو عوام کان هر قسم جو رليف کسي ورتو آهي پر اها ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ ڪرپٽ حڪومت طور به سامهون آئي آهي.
اسين سمجهون ٿا ته عوام لاءِ هڪ ڀيرو وري بجلي مهانگي ڪرڻ ناانصافي آهي. عوام کي ڳرا ڳرا بل موڪليا ويندا ته اهو پنهنجون ٻيون ضرورتون پوريون ڪونه ڪري سگهندو، ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي بجليءَ جي اگهن ۾ واڌ واري فيصلي کي واپس ورتو وڃي ته جيئن عوام جو جيئڻ آسان ٿي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button