رانديون

آسٽريليا هٿان انگلينڊ کي 9 وڪيٽن تان شڪست

آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيم ايشز سيريز جي پهرين ٽيسٽ ۾ انگلينڊ کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق انگلينڊ جي ٽيم چوٿين ڏينهن تي 8 وڪيٽون وڃائي رڳو 220 جي اسڪور ۾ 77 رنسن جو اضافو ڪري سگهي آهي. جڏهن تھ ڊيوڊ ملان ۽ جوئي روٽ ڄمي کيڏي نھ سگهيا ۽ مين بيٽرز بھ مزاحمت نھ ڪئي، جنهن سبب سڄي ٽيم 297 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. اهڙي ريت ڊيوڊ ملان پنهنجي اسڪور ۾ هڪ رنس جو اضافو ڪري 82 ۽ جوئي روٽ اسڪور ۾ 3 رنسن جو اضافو ڪري 89 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا، بين اسٽوڪس 14، اولي پوپ هڪ، جوز بٽلر 23، ڪرس ووڪس 16، اولي رابنسن 8 ۽ مارڪ ووڊ 6 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا ۽ آسٽريليا کي کٽڻ جي مد ۾ 20 رنسن جو هدف ڏنو. آسٽريليا جي بالرن مان نيٿن ليان 4 شڪار ڪيا، پيٽ ڪمنز ۽ ڪيمرون گرين 2، 2 وڪيٽون ورتيون، جوش هيزل ۽ مچل اسٽارڪ هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي. آسٽريليا 20 رنسن جو هدف ايلڪس ڪيري جي وڪيٽ وڃائي ماڻيو، جيڪو 9 رنسن تي آئوٽ ٿيو. مارڪس هيرس 9 رنسون ٺاهيون 2 رنسون ايڪسٽرا جون مليون. آسٽريليا جي ٽريوس هيڊ کي 152 رنسن جي اننگ کيڏڻ تي پليئر آف ميچ قرار ڏنو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button