هن خطي ۾ انتهاپسندي گھڻي ڀاڱي مذهبي گروهن جي عمل ۾ رهي آهي. بيشڪ هي حقيقت تاريخ جو تمام وڏو سچ آهي ته انهي انتهاپسندي جي شروعات ويدن جي گروهي متڀيد کان شروع ٿي، جنهن کي اسان هن وقت به ذات پات جي بنيادن تي بحث ڪندا آهيون، جنهن ۾ مذهبي پروهتن خلق تي پنهنجي حاڪميت کي قائم رکڻ جي لاءِ روحانيت جو طاقتور بنياد ڳوليو. برهما جي تخليق کي ورهائيندي پنهنجو پاڻ کي انهي جي منهن جي تخليق يعني سسيءَ جي تخليق چيو ته برهما پنهنجي سر مان برهمڻ کي پيدا ڪيو، ڇاتي مان کتري کي، هيٺين ڌڙ مان ويش کي ۽ پيرن مان اڇوت پيدا ڪيائين. چيو ويو ته انهي ورڇ کي جيڪو تسليم نه ڪندو، اهو برهما جي قانون ۽ نظريي جي خلاف ٿيندو. برهمڻ مذهب جو يعني برهما جي نظريي جو وارث ۽ انهي نظريي جو شعور بڻجي ويو، هاڻي ان جي مرضي آهي ته هو مذهب جي جيڪا وڻي سا تشريح ڪري، ۽ جيڪو ان جي اها حيثيت تسليم نه ڪندو، يعني ان ورڇ کي تسليم نه ڪندو يا تنقيد ڪندو، انهي کي برهما جو انڪاري سمجھيو ويندو، يقينن انهي کي سزا به ڀيانڪ ڏني ويندي.
انتهاپسندي جي اها طاقتور ۽ خوفناڪ شروعات پوري دنيا جي عقيدن جي اندر موجود آهي. انتهاپسندي جا رويا هر جاءِ تي رهيا آهن. انتهاپسندي ان وقت تشدد جو هٿيار استعمال ڪندي آهي، جڏهن پنهنجو پاڻ کي طاقتور سمجھندي آهي. قديم دور ۾ مصر جي فرعونن پنهنجو پاڻ کي خدا جو درجو ڏنو هو، انهن کي جيڪڏهن ڪو به نه مڃيندو هو يا ڪو معمولي به تنقيدي سوال ڪندو هو، سخت کان سخت سزا ڏيندي اها ڪوشش ڪندا هئا ته ان سزا کي عبرتناڪ بڻايو وڃي. عراق ۾ بادشاهھ نمرود پنهنجو پاڻ کي خدا جو درجو ڏنو هو، جنهن جو مقصد صرف هي هو ته ڪو به هن جي اٿارٽي کي چيلئنج نه ڪري سگھي ۽ نه ان جي حڪم کان انڪار ڪري سگھي.
حضرت ابراهيم عه جي باري ۾ جيڪو آڙاھه ۾ وجھڻ جو قصو ٻڌايو ٿو وڃي اهو به نمرود جي خدائي حيثيت کي نه مڃڻ جي سزا طور هو. نمرود کيس باھه جي آڙاھه ۾ اڇلرايو هو پر حضرت ابراهيم عه پنهنجي ايمان جي طاقت سان بچي نڪتو، انهيءَ سڀني مثالن جو مقصد رڳو هي آهي ته پنهنجي طاقت کي مڃرائڻ جيئن جو تيئن تسليم ڪرائڻ ڪو به سوال نه ڪرڻ ۽ ڪنهن به اختلاف يا تنقيد کي برداشت نه ڪرڻ واري رويي يا نظريي کي انتهاپسندي سڏيو ويو ۽ سڏيو وڃي ٿو.
انتهاپسندي جو عمل پوري تاريخ ۾ تشدد جي صورت ۾ ئي آيو آهي ۽ نظر ايندو رهندو. انهي جي سياسي صورت يعني جڏهن انتهاپسندي اقتدار جي طاقت سان گڏجي عمل ڪري ٿي، پنهنجا حڪم مڃرائي ٿي، تڏهن فاشيت بڻجي ٿي وڃي. فاشيت جو اصطلاح هٽلر ۽ ميڪاولي جي نسل پرستانا نظرين جي سياسي عمل کي سڏيو ويو. وڌ کان وڌ اهو فوڪس هٽلر جي نازي پارٽي تي ئي ٿيندو رهيو آهي. عظيم جرمن آرين جو تصور ڏيندي هٽلر باقي دنيا کي حقير ۽ هيٺين درجن ۾ ورهايو ۽ دنيا تي حڪمراني ڪرڻ پنهنجو قدرتي اخلاقي ۽ قانوني حق سمجھيو. پهرين عالمي جنگ جي پابندين ۽ ذلتن کي هٽلر فاشي نظريي سان ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جرمني جي ماڻهن کي عظيم طاقت سڏيندي هن پهريون حملو اتي موجود يهودين جي خلاف ڪيو، جن کي عذاب ڏئي قتل ڪيو، ٽارچر ڪيمپن ۾ بند ڪيو. سندس نظريو هي هيو ته دنيا ۾ جيڪڏهن هڪ يهودي به رهندو ته اهو شيطان جي برابر هوندو، تنهن ڪري انهن جو پورو نسل مٽائڻ تمام ضروري آهي پر اسان کي هي ٺيڪ طرح سان ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته هٽلر جي فاشيت جو شڪار رڳو يهودي نه ٿيا پر هر سياسي مخالف توڙي جو اهو جرمن هو، هٽلر جي عذابن ۽ تشدد جو نشانو بڻيو. ان کي انهن عذابن مان گذاريو ويو، جنهن مان يهودي گذري رهيا هئا، بلڪل اهڙي طرح جيئن مذهبي گروھه انتهاپسندانه تشدد جي راھه اختيار ڪندي مخالفن کي ڪو دليل يا جواب ڏيڻ جي بجاءِ بي رحمانه تشدد ڪندا آهن ۽ ان تشدد کي اهڙي عبرت جو نشانو بڻائيندا آهن ته جيئن ڪو به اختلاف رکندڙ معمولي اختلاف جي جرئت به نه ڪري سگھي. خوف ۽ ڏهڪاءَ جو اهو دور پوري يورپ جي انتهاپسند تاريخ ۾ فاشيانه انداز ۾ رهيو، جتي ڪيٿولڪ پهريان پروٽيسٽن جي خلاف تشدد ڪندا هيا ۽ پوءِ جن جن شهرن ۾ يا ملڪن ۾ پروٽيسٽنٽ طاقتور ٿا ته انهن به ڪيٿولڪس جي خلاف ساڳيو ئي ڪردار ادا ڪيو.
يورپ جي اونداهي دور جي ان تاريخ ۾ اسان هي به ڏسون ٿا ته پوري شهر ۾ جتي ڪنهن گروھه جو اڪثريتي غلبو هوندو هو، اتي مخالف عقيدي جو ماڻهو شهري جي حيثيت ۾ به رهي نه پئي سگھيو، ان کي شهر نيڪالي ڏني ويندي هئي يا تشدد ڪيو ويندو هو. پر جيڪڏهن ڪو صرف دليلن جي حد تائين سخت مخالفت ڪندي هنن جي انتهاپسندي کي چيلئنج ڪندو هو ته انهي کي زندهھ ساڙيو ويندو هو. يورپ جي اندر جڏهن جاڳرتا جي تحريڪ شروع ٿي ته ان تحريڪ جمهوريت سان گڏوگڏ پاپائيت جو سخت مقابلو ڪيو ۽ آخر پاپائيت کي سياسي عمل، قانون سازي جي معاملن مان رياست کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. رياست جي ڪنهن به قانون سازي ۾ مذهب جي دخل کي روڪيو ويو جنهن کي سيڪيولرزم سڏيو ٿو وڃي. جمهوري ۽ سيڪيولر انقلابن سماج کي روشن خيالي ۽ مضبوط جمهوريت جي فڪرن سان جوڙيو، انهي کي طاقتور ڪيو. اظهار جي آزادي فڪر جي آزادي جو بنياد بڻي ته فلسفن ۽ نظرين طاقت سان اڳتي وڌڻ شروع ڪيو. انهي جو ئي نتيجو هو جو انهن نظرين ذاتي ملڪيتن جي حق کي به چيلئنج ڪيو ۽ انهي تي تنقيد ٿيڻ لڳي. رياست جي حق حاڪميت تي فرد ۽ گروھه جي حق کي ختم ڪيو ويو. جڏهن به ڪو فرد يا گروھه سياسي طور تي قبضو ڪري ٿو ته ان کي آمريت سڏيو ويو ۽ انهي جي خلاف حقارتي رويو اختيار ڪندي عوام جي اقتدار اعليٰ يعني جمهوريت جي جدوجهد کي حق بجانب سمجھندي انهي جي حمايت ڪئي وئي. دولت پرست گروھه ۽ سياست جي اندر جمهوريت جي مخالفت ڪندڙ گروھه ان آزادي کي ڪڏهن به پنهنجي حق ۾ ناهي سمجھيو، تنهن ڪري هنن هڪ ٻي حڪمت عملي اختيار ڪندي اظهار آزادي کي اخلاقيات ۽ مذهبن تي بد اخلاق تنقيد ڪرڻ جي آزادي قرار ڏيندي دنيا جي اندر نفرت جي هڪ ٻي راند شروع ڪئي. هاڻي بداخلاقي حرڪتون ڪندڙ پنهنجي انفرادي فڪر ۽ شخصي آزادي جو دليل ڏئي ٿو. سرمائيدار طبقو انهن کي هشي ڏيندي سمجھي ٿو ته انهي جو ردعمل وري نفرتن ۽ ٽڪرائن جي صورت ۾ پيدا ٿيندو. ٽين دنيا جي ملڪن ۾ انهي جو نتيجو هڪ ٻي انتهاپسندي جي صورت ۾ اڀري ٿو، جو عوام انهن کي مذهبي عقيدن جي بنيادن تي سپورٽ ٿو ڪري ۽ ڪنهن حد تائين هنن جو مطالبو درست به ٿئي ٿو پر اهو وڌندي انتهاپسندي جي عمل مان گذري فاشيت جي طرف ائين ئي وڌي ٿو وڃي جيئن مظلوم تشدد برداشت ڪندي طاقتور ٿيڻ کان پوءِ ساڳيو ردعل ڏيکاريندا آهن. پر هي معاملو اتي نٿو بيهي. انتهاپسندي جنهن جي بنيادن ۾ سون سالن جو تسلسل، نظريو، عقيدو ۽ بالادستي ويٺل آهي، اها انتهاپسندي جڏهن منظم صورت ۾ سياسي عمل جي ميدان ۾ اڳتي وڌي ٿي ته پوءِ پنهنجي طاقت جو اظهار مخالفن جي لاءِ فاشيت جي صورت ۾ ڪري ٿي ۽ اهائي فاشيت رياست جي لاءِ خوفناڪ ۽ خطرناڪ بڻجي ٿي، ڇو ته رياست پنهنجي معيشت ۽ فڪري ترقي ۾ معذور ۽ مڏي جڏي ٿي ويندي. جڏهن معيشت ۽ فڪري آزادي ترقي نه ڪندي ته لازمي طور تي اها رياست بدتر ۽ بدحالي جو شڪار ٿيندي. ٽين دنيا جا ملڪ، خاص ڪري هي خطو، انهن سانحاتي ڪيفيتن مان گذري رهيو آهي ۽ اهوئي هن خطي جي عوام جو الميو آهي ته هو ڪهڙو رستو اختيار ڪري؟
رياست تي ويٺل قوتون انهي ڪوشش ۾ هر وقت رڌل آهن ته طاقت جو توازن ۽ رٽ انهن جي ڪنٽرول ۾ رهي پر
هر روز انهن جي طاقت نون نون للڪارن ۽ ٽڪرائن مان گذرندي، عوام جي لاءِ بد کان بدتر صورتحال پيدا ڪندي رهندي آهي. اهو رياست جي لاءِ خوفناڪ ۽ ڀيانڪ مستقبل جو اهڃاڻ هجي ٿو.