ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪرپشن جي اڌوري ڪھاڻي!

Editorial-Article- Allah Bux Rathore

ملڪ جا موجوده حڪمران جن ھي ھام ھنئين تھ ھو ملڪ جي سياسي قيادت جي ڪرپشن جي خلاف مينڊيٽ وٺي اقتدار ۾ آيا آھن، انھن جي ھي دعوا تھ درست ثابت نھ ٿي، پر انھن جي پنھنجي دور ۾ ڪرپشن جا جيڪي ريڪارڊ ٽوڙيا ويا آھن، ان جو انڪشاف ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل جي 2021 جي رپورٽ ۾ ڪيو ويو آھي. ھي رپورٽ ثابت ڪري ٿي تھ جن دعوائون ڪيون تھ اھي “فرشتا” آھن ۽ ھنن جو بيانيو ئي ڪرپشن جي خلاف آھي، اھي گذريل 20 سالن ۾ وڌيڪ ڪرپٽ ثابت ٿيا آھن. انھن جو ڪھڙو اھڙو شعبو آھي، جيڪو صاف ۽ شفاف آھي؟ ان جو ڪوبھ کر پير نٿو ملي. ھي الڳ ڳالهھ آھي، جن ادارن ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي جو ٺيڪو کنيو آھي، اھي اڳ ۾ چوٿين يا ڇھين نمبر تي ھئا، پر ھاڻ اھي ٻئي نمبر تي اچي ويا آھن! ان مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو تھ ھينئر تائين سياسي قيادت جي خلاف جيڪي لٻاڙون ھنيون ويون، اھي خيالي ۽ ھوائي توائي ھيون. رپورٽ لکندڙن ملڪ جي عوام سان جيڪا ٻھ نمبري ڪئي آھي، اھا بھ ظاھر ٿي پئي آھي، ان سان گڏ نھ صرف ڪرپشن جو ٽيگ لڳائيندڙ وائکا ٿيا آھن، پر انھن جي ڌر ٿيڻ يا جانبدار ھجڻ واري ڳالهھ بھ واضح طور نظر اچي ٿي.
پھريان تھ ان ڳالهھ جو جائزو وٺڻ گھرجي تھ ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل جي پاڪستان چيپٽر ۾ شامل “ماھرن” کي ھي ڳالهھ نظر ڇو نٿي اچي تھ جيڪي ملڪ جا اصل حڪمران آھن، جن ملڪ جي تاريخ ۾ ڪڏھن بھ اقتدار منتقل نھ ڪيو آھي، انھن رڳو سويلين کي اقتدار ۾ شريڪ ڪيو يا حصو پتو ڏنو آھي، انھن بابت ھڪ بھ سوال نھ پڇيو ويو آھي! ڇاڪاڻ انھن ھي ڪوشش ڪئي تھ ان اھم اداري، جنھن جي ورلي آڊيٽنگ ٿئي ٿي ۽ انھن جا سودا ۽ ڪڪ بيڪس ڳجھا رکيا وڃن ٿا، انھن بابت ڪنھن critic کان سوال نھ پڇيو ويو، اھو تھ ڇڏيو، ھي سوال ڪنھن عام ماڻھو (Layman) کان بھ نھ پڇيو ويو. جيڪڏھن ڪنھن کان پڇيو وڃي ھا ۽ اھو انھن جي حق يا مخالفت ۾ راءِ ڏئي ھا، تڏھن بھ ھن رپورٽ جي لاج رکجي وڃي ھا. ھي سمجھن ٿا تھ انھن نام نھاد ماھرن ڏانھن ڪنھن جي بھ نظر ناھي. ھينئر تائين، ملڪ ۾ جيتريون بھ بجيٽس پيش ڪيون ويون، انھن ۾ جوڳي رقم ان اھم اداري جي خرچن ۽ عياشين جي حوالي ٿي وئي، اڄڪلھه تھ گھڻي رقم قرض جي ادائيگي تي خرچ ٿئي ٿي. ھي اھڙو ھائبرڊ نظام جو دور آھي، جنھن ۾ انھن “پاڪ دامن” کان ڪو سوال بھ پڇي نٿو سگھي، توڙي جو ھو ملڪ کي ڀيلي کائي وڃن. انھن ملڪ ۾ ھائبرڊ نظام ئي انڪري قائم ڪيو آھي تھ جيئن انھن جي اڇي ۽ ڪاري تي پردو وجھي سگھجي. جيڪڏھن عالمي ادارن، جيڪي ان اھم اداري جي ڪنھن بھ برگيڊ جو حصو ناھن، اھي بھ ايترا ھيسيل ھوندا ۽ انھن ۾ سوال ڪرڻ جي ھمٿ نھ ھوندي تھ پوءِ انھن ڏانھن آڱريون تھ کڄنديون.
ھاڻ ان اصل رپورٽ جو ذڪر، جيڪا عمران خان جھڙي “فرشتي” جي مک تان پردو کڻي ٿي. ھميشھ جيان ھن ڀيري بھ ڪرپشن ۾ پھرين نمبر تي پوليس آھي. اداري تي الزام آھي تھ اھو ڪرپشن جو ڳڙھه آھي، جن ماڻھن کان سوال پڇيا ويا، انھن مان 41 سيڪڙي کان وڌيڪ جو خيال ھو تھ پوليس پھرين نمبر تي ڪرپٽ ادارو آھي. ٻئي نمبر تي اسان جي “فرشتن” سان ڀريل عدليا آھي، جيڪا ٻئي نمبر تي ڪرپٽ آھي، ملڪ جي اٽڪل 17 سيڪڙي کان وڌيڪ ماڻھن ان کي ڪرپشن جا بادشاهھ قرار ڏنو، ٽئين نمبر تي مختلف ادارن جي ٺيڪن ۽ ٽينڊرز جو اچي ٿو، اھي ادارا بھ ڪرپشن جا بادشاھه آھن، اسان وٽ خاص ڪري سنڌ ۾ جيڪي ڌريون ٽينڊر جاري ڪن ٿيون، انھن جي ڪرپشن جا قصا ئي نرالا آھن. ھن سروي ۾ ملڪ جي 86 سيڪڙو حصو وٺندڙن جو خيال ھو تھ وفاقي حڪومت جو پنھنجو احتساب جو عمل غير مطمئن ڪندڙ آھي. ھنن انگن اکرن مان سمجھي سگھجي ٿو تھ ھينئر احتساب ڪندڙ ادارن جو زور رڳو حڪومت جي مخالفن تي رھيو آھي. احتساب ڪندڙ وفاق جي ادارن ۾ نيب، ايف آءِ اي ۽ ٻيا ننڍا وڏا ادارا آھن. انھن سمورن ادارن لاءِ ملڪ جي اعليٰ عدليا ڪھڙا رمارڪس پئي ڏنا آھن، انھن مان سمجھي سگھجي ٿو تھ ھي ڪيترا پاڪ دامن آھن. ڪرپشن تي ڪنٽرول نھ ٿيڻ جا جيڪي سبب ڄاڻايا ويا آھن، انھن ۾ 52 سيڪڙو ماڻھن جو خيال ھو تھ احتساب جو نظام ڪمزور آھي، 29 سيڪڙو جو چوڻ ھو تھ حڪومت ۾ ويٺل طاقتور ماڻھن جي لالچ بھ ڪرپشن کي ھٿي ڏني، ٽين اھم ڳالهھ تھ سرڪاري ملازمن جي پگھار گھٽ ھجڻ سبب ڪرپشن ٿئي ٿي، 19 سيڪڙو ماڻھن ملازمن کي ڪرپشن جو دوشي قرار ڏنو.
ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ جا قائد اعظم وارا 14 نقطا آھن. ھنن 14 نقطن ۾ ڪرپشن جي اڌوري ڪھاڻي بيان ڪئي وئي آھي. سروي ۾ چوٿين نمبر تي صحت جي اداري کي شامل ڪيو ويو. ڪرونا وائرس جي ڏينھن ۾ جيڪا ڪرپشن ٿي، ان بابت سروي ۾ حصي وٺندڙن جو خيال آھي تھ ھي ڪرپشن جو وڏو رڪارڊ آھي، جنھن جو ڪوبھ مثال نٿو ملي. 2020 جي عدليا اندر پينڊنگ ڪيسز جو بھ ذڪر ڪيو ويو آھي، جنھن مطابق نيشنل جوڊيشل ڪاميٽي مطابق سپريم ڪورٽ ۾ 46 ھزار 698 ۽ لوئر ڪورٽس ۾ 17 لک 72ھزار 990 ڪيس التوا ۾ پيا آھن. جڏھن تھ ھاءِ ڪورٽس جو ذڪر نھ ڪيو ويو آھي.
شھرن مان ڪچري کڻڻ واري معاملي تي جيڪا سياست ڪئي وئي، ان کان تھ سڀ واقف ھئا، خاص ڪري ڪراچي جو ذڪر عام ٿيو، ھاڻ تھ ڪراچي جو سمورو ڪچرو چيني ڪمپني سولڊ ويسٽ مينيجمنٽ جي حوالي ڪيو ويو. ڪچري ۾ جيڪا ڪرپشن آھي، اھا بھ گھٽ ناھي، ھي اربين رپين جو معاملو آھي. تقريبن 14 سيڪڙو شھرين جو خيال آھي تھ ھي شعبو بھ ڪرپشن جي حوالي آھي، جڏھن تھ پاڻي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال ۾ ڪرپشن ڏانھن ترتيب وار تيرھن تيرھن سيڪڙو حصو وٺندڙ آڱر کنئين. ھي عوام جي خدمت وارا شعبا آھن،جيڪي پڻ ڪرپشن جي ور چڙھيل آھن. ھينئر حيرت جھڙي ڳالھه آھي تھ جن ماڻھن کي ڊيلي ويجز تي صفائي لاءِ رکيو ويو، انھن کي ڪمپني تھ 800 رپين جي ڏھاڙي ڏئي ٿي، پر پيٽي ٺيڪيدار انھن کي 400 رپيا ڏھاڙي ڏئي ٿو. ھي بھ ڪجهھ ڏينھن صفائي ڪن ٿا، ان کانپوءِ جڏھن روڊ ۽ رستا گندگي جي ور چڙھي وڃن ٿا تھ انھن کي صاف ڪرڻ جو عمل شروع ٿئي ٿو. ھينئر لوڪل گورنمينٽ ۾ جن ايڊمنسٽريٽرز کي مقرر ڪيو ويو آھي، انھن جون بھ ويھه ئي آڱريون گيھه ۾ آھن.
ھن سروي ۾ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ جيڪي قدم تجويز ڪيا ويا آھن، انھن ۾ 40 سيڪڙي جو خيال آھي تھ ڪرپشن جي ڪيسن ۾ سخت سزائن ۽ سخت قدم کڻڻ جي ضرورت آھي. ھي سزائون ڪھڙي نوعيت جون ٿي سگھن ٿيون، انھن جي وضاحت نھ ڪئي وئي آھي. چيني ڪمپنيون جيڪي ويسٽ مينيجمنٽ سميت ڪيترن ئي ادارن کي ٽيڪ اوور ڪري چڪيون آھن، انھن جي پنھنجي ملڪ ۾ ڪرپشن تي بھ موت جي سزا مقرر آھي، پر اسان اھڙين سزائن کي ڪنھن بھ صورت ۾ افورڊ ڪري نٿا سگھون. اسان سمجھون ٿا تھ جيستائين نظام شفاف نھ ھوندو، سزائن سان مسئلو حل نھ ٿيندو. 34 سيڪڙو کان وڌيڪ سروي ۾ حصو وٺندڙن جو خيال آھي تھ نيب جي ذريعي سرڪاري آفيسرن خلاف تيز قدم کڻڻ جي ضرورت آھي. 25 سيڪڙي جو خيال آھي تھ جن سرڪاري آفيس ھولڊرن کي ڪرپشن ۾ سزا ملي، انھن کي مڪمل طور نااھل قرار ڏنو وڃي.
سروي ۾ مڪاني حڪومتن جي نظام جو ذڪر بھ سامھون آيو، ڪرونا وائرس تي ڪنٽرول جو موثر ذريعو اھي ادارا ٿي سگھيا پئي، 48 سيڪڙي جو خيال آھي تھ جيڪڏھن مڪاني ادارن جا چونڊيل نمائندا ھجن ھا تھ اھي ڪرونا جي خلاف اثرائتي مھم ھلائي سگھيا پئي، پر ھي سمورو ڪم غير سرڪاري ادارن جي حوالي ڪيو ويو، جيڪي ڪرپشن ۾ نائين نمبر تي آھن. ملڪ جي 73 سيڪڙو حصو وٺندڙن جو چوڻ آھي تھ مڪاني حڪومتن جي غير حاضري سبب ڪرپشن ۾ اضافو ٿيو آھي. جيڪڏھن حقيقي سروي ڪيو وڃي تھ ڪھاڻي ان جي ابتڙ آھي. ھي ادارا بھ ايترائي ڪرپشن ۾ ٻڏل آھن، جيترا حڪومت جا ٻيا ادارا ۽ انھن جا اھلڪار ٿي سگھن ٿا. مڪاني ادارن جا ناظم يا يوسي چيئرمين گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ استعمال ٿيندڙ گٽر جي ڍڪڻ کان وٺي، اسٽريٽ لائيٽ تائين ھر قسم جي ڪرپشن ۾ ملوث ڏٺا ويا. باقي انھن ڪيتريون گھڻ ماڙ عمارتون ٺھرايون، انھن پنھنجن مائٽن ۽ ڪوڙن نالن تي ڪيترا ٺيڪا ڏنا ۽ ملازمن جي پگھارن کان وٺي ڊيٽ ۽ ڄم سرٽيفڪيٽس ۾ ڪيتري ڪرپشن ڪئي، ھي الڳ ڪھاڻي آھي. 81 سيڪڙو ماڻھن جو چوڻ ھو تھ انھن پنھنجن سرڪاري ڪمن لاءِ ڪنھن بھ قسم جي رشوت ڏيڻ کان انڪار ڪيو. 93 سيڪڙو ماڻھن جو خيال ھو تھ پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ مھانگائي، ماضي جي ٻن حڪومتن کان وڌيڪ رھي، پ پ جي دور ۾ اڍائي سيڪڙو، ن ليگ جي دور ۾ 4 ڏھائي ڇھه سيڪڙو رھي، جڏھن تھ پي ٽي آءِ جي حڪومت جي دور ۾ 23 سيڪڙي تائين مھانگائي ريڪارڊ ڪئي وئي. 86 سيڪڙو ماڻھن جو خيال ھو تھ موجوده حڪومت ۾ انھن جي آمدني ۾ گھٽتائي ٿي. جنھن ۾ حڪومت جي نااھلي،ڪرپشن، غير ضروري مداخلت ۽ ٻيا معاملا شامل آھن. 67 سيڪڙي جي لڳ ڀڳ سروي ۾ حصو وٺندڙن جو خيال ھو تھ حڪومت جو احتساب جو عمل جانبدار ۽ ھڪ ڌريو آھي. ھي آھي تبديلي سرڪار جي ڪھاڻي!

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button