رانديون

جنوري 2022 ۾ بي پي ايل جو شيڊيول پي ايس ايل ۽ بگ بيش سان ٽڪرا ۾ اچي ويو

لاهور: جنوري 2022 ۾ بنگلاديش پريميئر ليگ جو شيڊيول پي ايس ايل ۽ بگ بيش سان ٽڪرا ۾ اچي ويو آهي. پي ايس ايل ۽ بگ بيش سان اختلافن جي باوجود بنگلاديش پنهنجي پريميئر ليگ جي ڪاميابي لاءِ پراميد آهي، ٽي-20 ليگ جنوري ۾ ڪرائڻ جو منصوبو تيار ڪيو آهي. انهي ئي مهيني جي آخري هفتي ۾ پي ايس ايل شروع ٿي ويندو. بي پي ايل جي فائنل شيڊيول ۽ فرنچائز جو اڃا تائين اعلان نه ڪيو ويو آهي پر بنگلاديش بورڊ پراميد آهي ته شيڊول ٽڪراءُ جي باوجود به سندس ليگ جو رنگ نه ڦٽندو.

گورننگ ڪائونسل جي ميمبر شيخ سهيل هڪ مقامي اخبار کي ٻڌايو ته هو هن مهيني ڊرافٽ جو عمل مڪمل ڪري رهيا آهن. پي ايس ايل سبب اسان کي ڪو مسئلو ناهي، ڪرڪيٽرن جي سليڪشن مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان ٽي-20 ليگ لاءِ ممڪن نالن تي غور ڪري سگهون ٿا، اصل خدشو ڪرونا وائرس سبب پيدا ٿيل صورتحال مان آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button