ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

حيدرآباد مان والار ڪير ختم ڪرائيندو؟؟

Editorail-Article-Rashid Leghari

حيدرآباد شهر هن وقت آباديءَ جي لحاظ کان لکين ماڻهن جي رهائش ۽ ڪم ڪار جي حوالي سان هجوم جو شهر بڻجي چڪو آهي، جنهن ۾ آلودگي، گندگي، خراب پاڻي ۽ مٽي، دز، گاڏين جو دونهن عوام جو ساهه منجهائي ڇڏيو آهي. ساهه جي ايتري تڪليف ڪورونا وائرس به نه ڏني هوندي، جيتري هن شهر کي گاڏين جي دونهن، مٽي ۽ ٻي آلودگي ڏني آهي. شهر ۾ حددخلين جي آزار سبب به شهر سڪڙجي ويو آهي. حددخلين خلاف آپريشن سپريم ڪورٽ جي حڪم تي پوري ملڪ ۾ شروع ڪيو ويو آهي. حيدرآباد ۾ حددخلين جي آپريشن لا سپريم ڪورٽ جي حڪم سان گڏ ها ڪورٽ حيدرآباد 2 ڀيرا وڏا حڪم ناما جاري ڪري چڪي آهي. ان باوجود ساڳي ها ڪورٽ ۾ ٻيهر هڪ پٽيشن داخل ڪئي وئي آهي. اڳ واري حڪم تي عمل نه ٿي سگهيو آهي. جنهن ۾ ڊي سي سميت ميونسپل ڪمشنر، سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ، سيڪريٽري فنانس سميت اعلى عملدار کوڙ شنوائين تي پيش پڻ ٿيا. جنهن ۾ عدالت پوري حيدرآباد مان روڊن ۽ رستن تي قائم عمارتن مان جنريٽر هٽائي رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو. جنهن کي وري بلديا ۽ ميونسپل وارن ڪمائيءَ جو ذريعو ٺاهي ڇڏيو. جنهن بابت عدالت عملدارن کان جنريٽر هٽائڻ واري حڪم تي عمل نه ٿيڻ بابت پڇاڻو نه ڪيو آهي.
مارچ ۽ اپريل مهيني ۾ٿيل شنوائي جي رپورٽ: مارچ مهيني ۾ سنڌ ها ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد ۾ 2 رڪني بينچ جي جسٽس نديم اختر ۽ جسٽس ارشد حسين خان قاسم آباد واسي آغا نظام جي پٽيشن نمبر 2012/1726 تي شنوائي ڪندي، ڊي سي فواد غفار سومرو حيدرآباد کي حددخلين ۽ غيرقانوني اڏاوتن خلاف وڌيڪ آپريشن جاري رکڻ لا ٻن مهينن جي مهلت ڏيندي فٽ پاٿن ۽ روڊن جي تعمير لا ايڊيشنل سيڪريٽري فنانس، ميمبر سينيئر بورڊ آف روينيو ۽ ميمبر لينڊ يوٽيلائيزيشن کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو هو. جنهن ۾ عدالت اهو به حڪم ڏنو هو ته سنڌ بلڊنگس ڪنٽرول اٿارٽي، ايڇ ايم سي جي فنڊن جي جاچ ايف آ اي کان ڪرائي وڃي. جنهن لا ايف آ اي کي حڪم پڻ ڏنو ويو. جج صاحبان پڇاڻو ڪيو ته حيدرآباد ۾ فٽ پاٿن، روڊن ۽ عوامي هنڌن تان قبضا ۽ حددخليون هٽائڻ جو حڪم ڏنو هو، ڇا اهو آپريشن مڪمل ٿيو آهي. جنهن تي ڊي سي حيدرآباد فواد غفار سومرو 52 صحفن تي رپورٽ جمع ڪرائيندي چيو هو ته حيدرآباد ۾ حددخلين خلاف 40 سيڪڙو آپريشن مڪمل ڪيو آهي. جنهن لا اڃا مهلت ڏني وڃي، اسان ماڻهن کان خالي ڪرايل روڊن، رستن ۽ عوامي هنڌن تي روڊ، فٽ پاٿ ۽ گرين بيلٽ تعمير ڪرڻ لاءِ 25 سالن جو پلان جوڙيو آهي. جنهن لاءِ 17 ارب روپيا گهربل آهن. شهر ۾ حددخلين خلاف آپريشن وقت حيسڪو طرفان لڳايل بجليءَ جا ٿنڀا رڪاوٽ بڻيل آهي. عدالت اڳوڻي ميونسپل ڪمشنر محمد علي شيخ کي چيو هو ته اوهان عوامي جايون ڪهڙي مقصد لا ليز تي ڏنيون آهن. هڪ انچ به ليز تي نه ڏيڻ ڏينداسين. ايندڙ شنوائيءَ تي ليز رد ڪري مڪمل رپورٽ ڏني وڃي. عدالت ۾ مختلف ماڻهن وڪيلن معرفت پٽيشنون داخل ڪرايون ته سندن خلاف بنا جواز آپريشن ڪيو پيو وڃي. جنهن تي عدالت چيو ته اسان جي ڪم ۾ مداخلت نه ڪريو، فٽ پاٿن ۽ روڊن تان حددخليون هر صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين. ان شنوائيءَ ۾ ڊي سيءَ جي رپورٽ ۾ گرين بيلٽ جي بحال جو ذڪر هجڻ باوجود تازو ڊي سي وري قاسم آباد ۾ بلڊر مافيا کي خوش ڪرڻ لا علي پيليس کان عملدار چوڪ تان گرين بيلٽ ختم ڪري ڇڏيو آهي. جيتوڻيڪ روڊن تان حددخليون هٽائڻ بدران الٽو روڊ جي وچ وارو گرين بيلٽ اکاڙي قاسم آباد کي کنڊر ۾ تبديل ڪيو ويو آهي.

تازو ڊسمبر مهيني ۾ٿيل شنوائي جي رپورٽ: سنڌ ها ڪورٽ حيدرآباد ۾ جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ۽ جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ ٻن شهرين جي حددخليون هٽائڻ لا داخل ڪيل پٽيشن جي شنوائي ڪئي، جنهن ۾ عدالت سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ ۽ سيڪريٽري فنانس کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد، ايڇ ايم سي، ميونسپل ڪميٽي قاسم آباد، ايس ايس پي حيدرآباد، انڪروچمينٽ سيل سميت لاڳاپيل اداري کي غيرقانوني حددخليون هٽائڻ لاءِ 23 ڊسمبر تائين مهلت ڏيندي ريمارڪس ڏنا ته عدالت هاڻي حددخلين خلاف آپريشن مان مطمئن نه ٿي ته حددخلين جي نگرانيءَ لا جوڊيشل مئجسٽريٽ مقرر ڪري آپريشن ڪرائينداسين. شنوائي دوران عدالت سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ ۽ ايس ايس پي حيدرآباد لا پڇيو ته اسان کين ذاتي حيثيت ۾ گهرايو هو. اهي عدالت ۾ ڇو نه پهتا آهن. جنهن تي عدالت کي پوليس عملدار ٻڌايو ته ايس ايس پي جي طرفان آئون پيش ٿيو آهيان، سيڪريٽريءَ جي وڪيل ٻڌايو ته اهو اسلام آباد سينيٽ ڪابينا وٽ ويل آهي. جنهن تي جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ چيو ته ايس ايس پي ۽ سيڪريٽريءَ لا عدالت ڪا اهميت نٿي رکي. ٻنهي جا قابل ضمانت وارنٽ ٿا ڪڍون، عملدارن چيو ته ڄاڻايل عملدار اڳين شنوائي ٿي پيش ٿيندا. وارنٽ جاري نه ڪيا وڃن. ڊي سي حيدرآباد عدالت کي ٻڌايو ته حيدرآباد ۾ حددخلين خلاف آپريشن هلي رهيو آهي. اسان چئني تعلقن ۾ اي سيز ۽ عملو ڏيڻ لا تيار آهيون. رڳو ايڇ ايم سي ۽ بلديا اداري جا عملدار سندن حدن ۾ سافٽ حددخلين جو آپريشن ڪن، هارڊ آپريشن اسان جي ذمي آهي. جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙي چيو ته اسان آپريشن لا هاڻ مهلت ڏيون ۽ مڪمل نتيجو ڏسڻ چاهيون ٿا. حيدرآباد کي فري انڪروچمينٽ وارو شهر بڻايو. جوڊيشل آفيسر روز روڊن تان گذرن ٿا. اسان کي خبر آهي ته شهر جي ڇا حالت آهي. جڏهن ته اي ڊي سي ون لال ڏنو منگي عدالت کي ٻڌايو ته حيدرآباد ۾ قاسم آباد سميت لطيف آباد جي يونٽ نمبر 1 کان 12 تائين فلاحي پلاٽن، راندين جي ميدانن تي رهائشي ۽ ڪمرشل عمارتون تعمير ڪيون ويون آهن. جنهن لا ايڇ ڊي اي وارا ئي اجازت ڏين ٿا. اڳوڻا نقشا ۽ پلان گم ڪري نوان جاري ڪيا وڃن ٿا. هن چيو ته راڻي باغ وٽ غيرقانوني پيٽرول پمپ تعمير ڪرڻ لا ڪنهن اجازت ڏني آهي. گدو چوڪ تي غيرقانوني پيٽرول پمپ قائم ڪيو ويو آهي، هن چيو ته قاسم آباد جي فيز، 1، 2 جا اصل رڪارڊ ۽ پلان موجود ناهن. اسان کي لاڳاپيل ادارا، ايڇ ڊي اي رڪارڊ ٽائون پلاننگ جو نقشو ڏيڻ لا تيار ناهن. هن چيو ته راندين جا گرائونڊ، فلاحي پلاٽ، پارڪن جا پلاٽ سڀ وڪرو ڪيا ويا آهن. اسان کي اصل نقشا ۽ رڪارڊ ڏين ته کين ٻڌايو ته ڪهڙو پلاٽ ڪنهن جو ڪٿي آهي. هن چيو ته مون ڪراچيءَ ۾ مقرري دوران شيل جو غيرقانوني پمپ ڊهرايو هو. جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙي چيو ته ڪيس داخل ڪرڻ حددخلين جي خاتمي جو حل ناهي. اوهان اهي ايف آ آر به ملازمن مٿان داخل ڪيون هونديون. جيڪي وري آزاد به ٿي ويندا. اسان کي هر صورت ۾ رزلٽ کپي، اسان ڪراچي ۾ واٽر مافيا خلاف به ڪيس داخل ڪرايا هئا، جنهن جا ڪي به نتيجا نه ملي سگهيا هئا. حيدرآباد ۾ حددخلين جي آپريشن کي سنجيده ورتو وڃي. سپريم ڪورٽ ۽ ها ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڇو نٿو ڪيو وڃي، حددخلين خلاف ڊي سي حيدرآباد جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميٽي ڇا ڪيو آهي. سب ڪميٽيز ڇا پيون ڪن. عدالت جي حڪمن تي عمل نه ٿيڻ لا رڪاوٽ ڪٿي آهي. اسان کي ٻڌايو. عدالت حڪم ڏنو ته سافٽ آپريشن جي نگراني لوڪل کاتو ڪري پنهنجي رپورٽ ڏئي. عدالت چيو ته اسان حيدرآباد جي کوکر پاڙي ۾ روڊن، گهٽين ۾ بيٺل موٽر سائيڪلن هٽائڻ ۽ انڪروچيمنٽ ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن تي عمل ڇو نه ڪيو ويو آهي. جتان جلد حددخلين جو خاتمو ڪري رپورٽ ڏني وڃي. سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ ۽ ٻيا عملدار حيدرآباد ۾ آپريشن جي نگراني ڪن. سافٽ حددخلين جي خاتمي جي ذميواري ايس ايس پي حيدرآباد ۽ لاڳاپيل ٿاڻي جي ايس ايڇ اوز جي آهي. جيڪي روز جي بنياد تي ڪارروائي عمل ۾ آڻين ۽ آپريشن جي نگراني ڪن.
هاڻي عدالت کي گهرجي ته حيدرآباد ۾ حددخلين جي خاتمي لا اڳ ۾ ڏنل حڪمن ۽ فيصلن تي جلد عمل ڪرائي. ان تي عمل ٿيو ته حيدرآباد ڳتيل آبادي ۾ هوندي به هڪ ڪشادي شهر جو ڏيک ڏيندو. جنهن ۾ هر انساني رش مان نڪري سک جو ساهه کڻي سگهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button