سنڌ

لاڙڪاڻي ڀرسان 2 پوليس اهلڪار شهيد، ڳوٺاڻو مارجي ويو

لاڙڪاڻي پوليس وڏا مهر تي چڙهائي ڪندي فائرنگ شروع ڪري ڏني. ٻنهي طرفن کان ٿيل فائرنگ ۾ اي ايس آ سميت 2 اهلڪار شهيد ۽ هڪ نوجوان مارجي ويو ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو. لاڙڪاڻي ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس ڏوهارين جي اطلاع ملڻ تي وڏا مهر پهچي ڪارروائي ڪندي فائرنگ ڪري شروع ڏني. فائرنگ واقعي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، جڏهن ته اي ايس آ سميت 2 اهلڪار شهيد ٿي ويا. پوليس ذريعن موجب ڏوهارين واري اطلاع ملڻ تي وڏا مهر ۾ آپريشن لا پوليس اٽالا جيئن ئي پهتا ته ڏوهارين پوليس موبائيلن کي ڏسندي ئي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن سبب ٻه پوليس اهلڪار اي ايس آ مظفر کوسو ۽ پوليس سپاهي نواب علي جتوئي شهيد ٿي ويا. پوليس فائرنگ ۾ هڪ نوجوان راجا مهر مارجي ويو، جڏهن ته مٺا خان زخمي ٿي پيو. هوڏانهن ٻئي طرف زخمي ٿيل نوجوان مٺا خان جي ما ذليخان دانهيندي چيو ته اسان سان پوليس ظلم ڪيو آهي، اسان جا ٻئي نوجوان نماز پڙهي گهر آيا هئا ته پوليس گهرن اڳيان اچي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن ۾ اسان جا راجا پٽ غلام حيدر مهر ۽ مٺا خان پٽ پهلوان گوليون لڳڻ ڪري زخمي ٿي پيا، جنهن ۾ نوجوان راجا مهر زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف ڊي ايس پي عاقل ثنا الله سرڪي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو آهي ته پوليس پارٽي تي رات جي اونداهي ۾ فائرنگ ڪئي وئي، جنهن سبب پوليس جو نقصان ٿيو آهي ۽ 2 پوليس اهلڪار شهيد ٿيا آهن. هن چيو ته رات جو ٽائيم آهي. ٻئي طرف فائرنگ ۾ شهيد ٿيل پوليس جو اي ايس آ مظفر کوسو ۽ پوليس اهلڪار سپاهي نواز جتوئي جي لاشن کي پوليس چانڊڪا اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ايس ايس پي لاڙڪاڻو عمران قريشي به چانڊڪا اسپتال پهچي ويو. جڏهن ته لاڙڪاڻي ضلعي جي پوليس هن وقت به وڏا مهر ۾ موجود آهي. جنهن سبب پوليس ۽ ڏوهارين ۾ وڏي مقابلي جو امڪان آهي. ٻئي طرف آ جي سنڌ مشتاق مهر لاڙڪاڻو لڳ وڏا مهر ۾ پوليس اهلڪارن جي شهيد ٿيڻ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو. آ جي سنڌ ڊي آء جي لاڙڪاڻو مظهر نواز شيخ کان واقعي جي تفصيلي رپورٽ گهري ورتي. لاڙڪاڻي ويجهو وڏا مهر ۾ پوليس فائرنگ ۾ هڪ نوجوان مارجي ويو ۽ هڪ نوجوان زخمي ٿي پيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button