سنڌ

جاتي ۾ واهه جي دروازن ۾ ڦاٿل ول آبپاشي بدران ٽائون ملازمن کان صاف ڪرائي وئي

جاتي ۾ پڃاري برانچ جي ڪنڊاڻ موري جي دروازن ۾ سائي ول ڦاسڻ ۽ صفائي نه ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن جي شڪايت جو نوٽيس وٺندي ايم پي اي محمد علي ملڪاڻي ول صاف ڪرڻ جي هدايت ڪئي. معلوم ٿيو آهي ته آبپاشي کاتي جي عملدارن بدران ٽائون ڪميٽي جاتي ۽ پبلڪ ھيلٿ کاتي جي عملدارن ڪنڊاڻ موري جي دروازن ۾ ڦاٿل سائي ول صاف ڪرائي. ٽائون ڪلارڪ سجاد جت جي اڳواڻي ۾ ٽائون ڪميٽي ۽ پبلڪ ھيلٿ کاتي جي ملازمن پڃاري برانچ جي ڪنڊاڻ موري تي پھچي موري جي دروازن ۾ ڦاٿل سائي ول ڪڍي دروازن جي صفائي ڪئي. ان سلسلي ۾ ٽائون ملازمن نالي نه کڻڻ جي شرط تي ٻڌايو ته شھر جي صفائي سان گڏ آبپاشي کاتي جي برانچن جي مورين مان صفائي جو ڪم به ٽائون ۽ پبلڪ ھيلٿ کاتي جي ملازمن کان ورتو پيو وڃي. ھوڏانھن رابطي ڪرڻ تي ايس ڊي او آبپاشي جاتي امتياز ڀرڳڙي جو فون بند مليو. پڃاري برانچ جي شيرخان ريگيوليٽر جي ٽنڊيل احمد ٽيمڙي ٻڌايو ته پڃاري برانچ ۽ ٻين شاخن تان بيلدار رٽائرد ٿي ويا آھن، باقي نوان ڀرتي ٿيل ھوندا ته ڊيوٽين تي نظر نٿا اچن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button