رانديون

ويرات ڪوهلي ۽ روهت شرما ڏکڻ آفريڪا جي دوري دوران گڏ نه کيڏندا

ممبئي: ڀارتي ٽيسٽ ڪپتان ويرات ڪوهلي ۽ نئون ون ڊي ڪپتان روهت شرما ڏکڻ آفريڪا جي دوري تي گڏ نه کيڏندا. ڀارت ڏکڻ آفريڪا جي دوري دوران پهرين ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏندو، جنهن کانپوءِ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏي ويندي. روهت شرما زخمي ٿيڻ سبب ٽيسٽ سيريز کان ٻاهر ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب ويرات ون ڊي سيريز کان به دستبردار ٿي ويو آهي. روهت کي تازو ئي ويرات کان ون ڊي ٽيم جي ڪپتاني کسي انڊيا جي ٽيم جو ڪپتان بڻايو ويو آهي، جنهن کان پوءِ اهڙيون خبرون اچي رهيون آهن ته ويرات ڪپتاني وڃائڻ تي خوش ناهي.

ڀارتي ٽيم 16 ڊسمبر تي ڏکڻ آفريڪا جي دوري لاءِ رواني ٿيندي، ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 26 ڊسمبر تي کيڏي ويندي. ويرات ڪوهلي ٽيسٽ سيريز ۾ ٽيم جي قيادت ڪندو، جڏهن ته روهت شرما 19 جنوري کان شروع ٿيندڙ ون ڊي سيريز ۾ ٽيم جي قيادت ڪندو، ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ٽيسٽ ۽ ون ڊي سيريز لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف ميڊيا رپورٽن موجب ويرات ڪوهلي پنهنجي ڌيءَ واميڪا جي پهرين سالگرهه تي پنهنجي خاندان سان وقت گذارڻ چاهي ٿو. ويرات جي ڌي جي سالگرهه 11 جنوري تي آهي، جڏهن ته ٽيون ٽيسٽ ميچ به 11 کان 15 جنوري تائين کيڏيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button