انسان جي شخصيت جا بنيادي طور تي ٻه اهم پاسا آهن. هڪڙي سندس جسماني شخصيت ۽ ٻي سندس نفسياتي شخصيت. جسماني شخصيت جو دارومدار سندس جينز تي هوندو آهي، جڏهن ته نفسياتي شخصيت جو دارومدار، سماج، ماحول، سياسي ۽ معاشي حالتن سان گڏ سندس جنسي تربيت تي هوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڪو واقعو يا حادثو ماڻهو جي نفسياتي شخصيت جو اهڙو ته حصو ٿي ويندو آهي جو ان جا اثر ان ماڻهوءَ جي زندگي جي هر حصي ۾ ظاهر ٿيندا آهن ۽ اهو واقعو يا حادثو سڄي ڄمار ان ماڻهو جو پيڇو ڪندو رهندو آهي.
ان حوالي سان جڳ مشهور نفسياتي ماهر سگمنڊ فرائيڊ 1923ع ۾ هڪ نظريو ڏنو، جنهن کي هن شخصي نظريو (Personality theory) سڏيو، جنهن ۾ هن ڄاڻايو ته ماڻهوءَ جي شخصيت جا گهڻائي پاسا آهن ۽ انهن ۾ واضح ٽي پاسا Id, ego ۽ superego آهن ۽ اهي سڀ ماڻهوءَ جي حياتيءَ جي مختلف مرحلن ۾ وڌندا رهندا آهن. اهي جسماني طور دماغ جو حصو نه هوندا آهن، پر اهي هڪ سلسلو يا طريقيڪار هوندا آهن. فرائيڊ وڌيڪ ڄاڻايو ته Id دماغ جو اهو حصو هوندو آهي، جنهن ۾ ماڻهوءَ جي جنسي ۽ حيوان وارين خواهشن سان گڏ ڳجهيون يادگيريون هونديون آهن. اهڙي ريت superego ماڻهوءَ جي ضمير ۽ اخلاقيات سان لاڳاپيل هوندو آهي، جڏهن ته ego دماغ جو اهو حقيقي حصو هوندو آهي جيڪو باقي ٻن حصن ۾ برابري رکندو ايندو آهي. جيتوڻيڪ ماڻهو جي شخصيت جا اهي ٽئي حصا الڳ الڳ هوندا آهن، پر اهي پاڻ ۾ ملي ماڻهوءَ جي نفسياتي شخصيت ٺاهيندا آهن ۽ انهن ٽنهي حصن جو ماڻهو جي عمل سان گڏ ردعمل تي گهرو اثر هوندو آهي. فرائيڊ Id کي گهوڙي سان تشبيهه ڏني جڏهن ته ego کي ان جو سوار سڏيو. جديد تحقيق مان خبر پئي آهي ته اڪثر مونجهارن جو واسطو ماڻهو جي dark core سان هوندو آهي.
انهن مونجهارن جو ناڪاري اثر اهو هوندو آهي ته ماڻهو ٻٽي شخصي مونجهاري (split personality disorder) يا وري گهڻ شخصي مونجهاري (multiple personality disorder) ۾ ڦاسي پوندو آهي. ڪنهن خاص ڳالهه، جملي، عمل جي ردعمل ۾ هن جي اندر لڪل ڪو ٻيو ماڻهو هڪدم جاڳي پوندو آهي ۽ ان تي شديد ردعمل جنهن پاڻ کي يا ٻين کي نقصان رسائڻ اچي وڃي ٿو، جي حد تائين پهچي ويندو آهي ۽ جڏهن اهو ماڻهو پنهنجي حقيقي شخصيت ۾ موٽندو آهي ته کيس ياد نه رهندو آهي ته هن ٻي شخصيت جي اثر هيٺ ڇا ڪيو يا ڇا چيو؟
گهڻ شخصي مونجهارو (multiple personality disorder):
آمريڪي سائڪٽري ايسوسيئشن هن مونجهاري کيDissociate Identity Disorder (DID) جو نالو ڏنو آهي ۽ ان جي وصف ڪندي ڄاڻايو آهي ته هن ۾ يادگيري، شخصيت، جذبن، شين کي پرکڻ، روين ۽ پاڻ کي سمجهڻ جي حوالي سان مسئلا پيدا ٿيندا آهن ۽ انهن جو اثر ماڻهو جي هر عمل ۽ سوچ تي پوندو آهي. ان ۾ اهو احساس ٿيڻ لڳندو آهي ته ڪو ٻيو ماڻهوءَ به آهي جيڪو ان ماڻهو جهڙو نه آهي، هن کان وڌيڪ طاقتور يا عقل وارو آهي، جنهن وٽ هر مسئلي جو حل هوندو آهي. ان قسم جي مونجهاري جو سڌو سنئون واسطو ماضي جي ڪنهن ڀوائتي واقعي يا حادثي سان هوندو آهي جنهن ۾ ماڻهو بيوس هوندو آهي يا وري هن ۾ ڪجهه ڪرڻ يا پاڻ کي بچائڻ جي همت نه هوندي آهي.
هن مونجهاري کي ٽن درجابندين ۾ ورهايو ويو آهي:
1_ Dissociative Identity Disorder (DID)
2_ Dissociative amnesia ۽
3_Depersonalization/Derealization Disorder
آمريڪا ۾ ڪم ڪندڙ سڊرن انسٽيٽيوٽ اهڙن مريضن جي حوالي سان تحقيق ڪندو آهي. ان اداري هن مونجهاري جي وصف بيان ڪئي آهي ته هن مونجهاري ۾ ماڻهو پنهنجي سوچ، يادن، جذبن، عمل ۽ ان ڳالهه ته هو ڪير آهي؟ کان لاتعلق ٿي ويندو آهي. هيءَ هڪ عام رواجي عمل آهي جنهن مان لڳ ڀڳ هر ماڻهو گذرندو آهي. ان مونجهاري جو سڀ کان هلڪو پاسو سجاڳي ۾ خواب ڏسڻ، يا ڪنهن فلم يا ناول جي ڪردار ۾ وڃائجي وڃڻ آهي. ڪنهن ڀوائتي حادثي يا ڪنهن ڏوهه جو نشانو ٿيڻ کانپو هي مونجهارو ماڻهو کي انهن ڪيفيتن تي قابو ڪرڻ ۾ مدد ڪندو آهي، جن تي عام رواجي حالتن ۾ قابو ڪرڻ ڏکيو هوندو آهي. گهڻ شخصي مونجهاري جي اهم نشانين ۾ ڪجهه اهم نشانيون هيءَ آهن ته ماڻهوءَ کي لڳي ته هن سان هڪ کان وڌيڪ شخصيتون لاڳاپيل آهن جيڪي مختلف طريقن سان ڪم ڪن ٿيون ۽ جن جو ردعمل ڪجهه مخصوص حالتن ۾ الڳ ٿلڳ آهي. معمول واري زندگي جي ڪجهه شين، ماضي جي ڪنهن واقعي يا پنهنجي ذات کي ياد ڪرڻ ۾ ڏکائيءَ جو احساس، يا وري تمام گهڻي ڊپريشن ۾ اچي وڃڻ، سماجي زندگي ۾ ڏکائي اچي وڃڻ.
اهي ماڻهو جن سان ننڍپڻ ۾ جنسي يا جسماني ڏاڍائي ٿي هجي، انهن ۾ هي مونجهارو عام نظر ايندو آهي.
اهڙي ئي بيماري يا مونجهاري جي نشاندهي ڪندي 1998ع ۾ جڳ مشهور ناول نگار سڊني شيلڊن ناول “ٽيل مي يور ڊريمز” لکيو، جيڪو لڳ ڀڳ 360 صفحن جو ناول آهي ۽ جنهن کي آمريڪا ۾ وليم ميرو جڏهن ته برطانيا ۾ هارپر ڪولنس ڇپرايو.
سڊني شيلڊن (1917_2007):
آمريڪي ليکڪ سڊني شيلڊن جو ڳاڻيٽو انهن ليکڪن ۾ ٿيندو آهي جن جي ناولن جون لکين ڪاپيون وڪرو ٿينديون آهن. هو آمريڪي رياست شڪاگو ۾ 1917ع ۾ ڄائو، هڪ ليکڪ سان گڏ هو فلمن جو ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر پڻ هو. سندس وڏڙا روس جا يهودي هئا، جيڪي لڏپلاڻ ڪري آمريڪا ۾ اچي رهيا. هن ڊينور جي ايسٽ ها اسڪول مان شروعاتي تعليم حاصل ڪئي ۽ ان کانپو اسڪالرشپ تي نارٿ ويسٽرن يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي ۽ يونيورسٽي جي ڊراما گروپ ۾ مختصر ڊراما لکيا. هن لکڻ جي شروعات ڏهن سالن جي ڄمار ۾ هڪ نظم لکي ڪئي، جنهن جي ڇپجڻ تي کيس پنج آمريڪي ڊالر مليا. هن کي سنسني خيز تجسس (suspense and thriller) سان ڀريل ناولن جو وڏي ۾ وڏو آمريڪي ليکڪ پڻ قرار ڏنو ويو. ان حوالي سان هڪ انٽرويو ڏيندي هن چيو ته:”مان پنهنجن ڪتابن کي اهڙي نموني لکندو آهيان جو پڙهندڙ آخري پني تائين پڙهڻ بنا انهن مان هٿ نه ڪڍي.”
ناول ٽيل مي يور ڊريمز (1998):
هي 360 صفحن جي لڳ ڀڳ ناول جي پهرين حصي ۾ ٽن ساهڙين ايشلي پيٽرسن، ٽوني پرسڪوٽ ۽ ايلٽي پيٽرس کي ڏيکاريو ويو آهي، ٽنهي جي شخصيت هڪ ٻئي کان صفا مختلف آهي، هڪڙي شرميلي آهي ته ٻي وري ان جي ابتڙ آهي، جڏهن ته ٽين کي وري پنهنجي نوڪري سان چاهه آهي. هڪ ڏينهن ايشلي گهر اچي ٿي ته ڏسي ٿي هن جو گهر وکريو پيو آهي، هو جيئن سامان رکي وئي هئي ان ترتيب سان نه رکيل آهي ۽ کيس لڳي ٿو ته ڪو هن جو پيڇو ڪري رهيو آهي، هو ڊڄي وڃي ٿي ۽ پوليس ۾ حفاظت جي عريضي ڏئي ٿي. ان جي ٻئي ڏينهن سندس گهر مان هڪ لاش ملي ٿو، جڏهن ته هن جي علائقي ۾ ساڳي نموني ٻه ٻيا به قتل ٿين ٿا. جاچ دوران پوليس کي اهڙيون شاهديون ملن ٿيون ته ٽنهي قتلن ۾ ڪو لاڳاپو آهي ۽ قاتل ساڳيو ئي آهي. جڏهن ته ايشلي کي اهو ياد نه آهي ته اهو همراهه سندس گهر ڪيئن پهتو ۽ کيس قتل ڪنهن ڪيو. پوليس ان قتل جي شڪ ۾ ايشليءَ کي ٻڌي وڃي ٿي. جنهن کانپو خبر پئي ٿي ته ايشلي، ٽوني ۽ ايٽلي ٽي الڳ مايون نه پر اهي ايشلي جا الڳ الڳ روپ آهن ۽ هن کي گهڻ شخصي مونجهاري واري نفسياتي بيماري آهي جنهن جي ڪري کيس ڪجهه به ياد نٿو رهي. ايشلي جو پيءُ ڊاڪٽر اسٽيون پيٽرسن وڏي اثر وارو ماڻهو آهي ۽ هو ڌي کي بچائڻ لا هڪ مشهور وڪيل سان رابطو ڪري ٿو. جڏهن ته جيل ۾ ٻه نفسياتي ماهر اوٽو ليوس ۽ گلبرٽ ايشليءَ جي ٿيراپي ڪن ٿا ۽ هڪ هنڌ ڊاڪٽر گلبرٽ کي احساس ٿئي ٿو ته ايشلي ننڍپڻ ۾ ڪنهن ڏاڍائيءَ جو شڪار رهي آهي. اڳيان هلي خبر پئي ٿي ته هن کي سندس پيءُ ئي ننڍپڻ ۾ جنسي ڏاڍائيءَ جو نشانو بڻايو ۽ جڏهن هن سان پيءُ پهريون ڀيرو جنسي ڏاڍائي ڪئي ته هن جي اندر ٽوني جي شخصيت پيدا ٿي پئي. اهڙي ريت پيءُ جي لڳاتار ڏاڍائي جي ڪري هن جي اندر ٽين شخصيت ايٽلي جي پيدا ٿي. جڏهن ٽوني ظاهر ٿيندي آهي ته ايشلي ۽ ايٽلي لڪي وينديون آهن ۽ جڏهن ايٽلي ظاهر ٿيندي آهي ته ايشلي ۽ ٽوني لڪي وينديون آهن.
هيءَ ناول ڪمال مهارت سان لکيو ويو آهي جنهن ۾ تجسس واري جز کي نمايان رکيو ويو آهي، شروع واري حصي ۾ ته ڪٿي به اها خبر نٿي پئي ته ڪو ايشلي، ٽوني ۽ ايٽلي هڪ ئي مائي آهي، ٽنهي جي شخصيت، عادتن، جذبن ۽ مختلف شين تي ردعمل کي اهڙو ته الڳ الڳ ڏيکاريو ويو آهي جو پڙهندڙ کي جڏهن اها خبر پئي ٿي ته اهي ٽئي مايون هڪ ئي ڪردار جا ٽي الڳ روپ آهن ته پڙهندڙ کان ڇرڪ نڪريو وڃي.
نفسياتي بيمارين ۽ مونجهارن تي ڪيترائي ناول لکجي چڪا آهن، پر گهڻ شخصي مونجهاري جي حوالي سان سڊني شيلڊن جو هي ناول پنهنجو مٽ پاڻ آهي.