غير درجه بندي

چونڊن واري سياست جي شروعات

Editorial-Article-Adil Shahzeb

حڪمران جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) کانسواءِ ملڪ ۾ ٻيون سياسي پارٽيون چونڊ جي موڊ ۾ وڃي چڪيون آهن. سنڌ ۾ سياست بلدياتي ترميمي بل جي چوڌاري گهمندي لساني سياست ڏانهن نڪري چڪي آهي، جيڪو چيو ۽ چورايو پيو وڃي ته ايندڙ چونڊن جي پيش بندي آهي.
ڪي پي ڪي جي 17 ضلعن ۾ 19 ڊسمبر تي بلدياتي چونڊون ٿي رهيون آهن، جتي هن ڀيري پي ٽي آءِ ڪلين سوئيپ جا امڪان ڪافي شڪي نظر پيا اچن.
عوامي نيشنل پارٽي، جي يو آءِ، پاڪستان پيپلز پارٽي يا وري جماعت اسلامي ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائي رهيون آهن. تحريڪ انصاف چونڊون ته وڙهي رهي آهي پر ڪجهه ضلعن کانسواءِ نه ته ان وٽ توانائيءَ سان ڀرپور ٽيم نظر پئي اچي نه ئي ان جي ڪارڪنن ۾ هو جذبو نظر پيو اچي. جيڪو 2013ع ۽ 2018ع جي چونڊ ۾ نظر آيو.
تحريڪ انصاف جو چونڊن جي موڊ ۾ ڀرپور طريقي سان نه اچڻ جو هڪ وڏو سبب خراب معيشت، مهانگائي ۽ گورننس تي اٿندڙ اهي سوال آهن، جيڪي لاڳيتو وڌي رهيا آهن، ڀلي مرڪز هجي يا پي ٽي آءِ جو لاڙڪاڻو چورائيندڙ صوبو ڪي پي ڪي، پي ٽي رڳو دفاعي سياست ڪندي نظر اچي رهي آهي. مني بجيٽ جي اچڻ، ۽ جيئن جيئن آءِ ايم ايف جا شرط لاڳو ٿي ويندا، تحريڪ انصاف پنهنجي ڪارڪردگيءَ جي طعنن هيٺ دٻجي ويندي. عمران خان ميانوالي ۾ جلسو ڪري اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي ته هو اڃا به عوام ۾ مقبول آهي.
پر حقيقت اها آهي، هن وقت خان صاحب جو هٿ عوام جي نبض کان ڪافي پري ٿي چڪو آهي، هو يقين ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ته سندس حڪومت تيزيءَ سان مقبوليت وڃائي رهي آهي، هن جي ڪابينه جا سينيئر وزير لاڳيتو اهو چئي رهيا آهن ته اسين پنهنجن تڪن ۾ نه وڃي سگهندا آهيون. ڳالهه جيڪڏهن نواز ليگ جي ڪجي ته مفاهمت جو بيانيو مزاحمت تي حاوي ٿي چڪو آهي. شهباز شريف کي وزارت اعظميٰ جو اميدوار بظاهر مڃيو ويو آهي.
پر حتمي فيصلي سازي ۾ مونجهاري جي ڪري نواز ليگ هيستائين اليڪشن جي موڊ ۾ نه پئي وڃي.
عملي سياست جي شروعات ۾ دير سان نواز ليگ کي سياسي نقصان ته ٿي رهيو آهي، خاص طور تي ڏکڻ پنجاب جا اليڪٽيبلز پيپلز پارٽيءَ کي سنجيده آپشن طور ڏسي رهيا آهن. پر نواز ليگ جي قيادت ان تي زور پئي ڏئي ته اڃا به ان وٽ وقت آهي ۽ ان جو وڏو سبب اها اهو سمجهي ٿي ته پاڪستان کي درپيش چينليجن مان نڪرڻ لاءِ هن وقت ٽيم رڳو ان وٽ موجود آهي.
پاور ڪاريڊور ۾ اها ڳالهه بحث هيٺ هلي رهي آهي ته خراب معيشت هجي يا بحران ۾ گهريل توانائي سيڪٽر، شاهد خاقان عباسي، مفتاح اسماعيل، خرم دستگير ۽ احسن اقبال جي شڪل ۾ نواز ليگ وٽ اهڙي ٽيم موجود آهي، جيڪا نه رڳو صلاحيت ۽ اهليت رکي ٿي پر ڪنهن ٻي جماعت وٽ ايتري چست ٽيم هن وقت ڪونهي.
پر ڪنهن کي خبر ناهي ته عوام جي قسمت جي فيصلن ۾ رڳو ووٽ ۽ ٽيم جي اهليت ڪانهي، ڪيترين ئي ٻين شين جو عمل دخل هوندو آهي. äæÊå Âåí Ñ ãÚÇã
پيپلز پارٽيءَ جي سياست کي ڏٺو وڃي ته پارٽي ڪي پي ڪي کان وٺي پنجاب ۽ سندس مخالف سياسي جماعتن کي فرنٽ فوٽ تي آڻي چيلينج ڪرڻ شروع ڪيو آهي. لاهور جي ننڍي چونڊ ۾ پارٽيءَ کي ناقابل يقين 30 هزار کان وڌيڪ ووٽ پيا. آصف زرداري کليل نموني نواز شريف تي تنقيد ڪئي ۽ پوءِ ڪراچيءَ ۾ بلاول ڀٽو جو ايم ڪيو ايم چيلينج ڪرڻ ۽ پير ڄمائڻ جون ڪوششون هجن، پيپلز پارٽيءَ جو اعتماد ٻڌائي رهيو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ هن پنهنجي ڏسا طئي ڪري ورتي آهي.
ڊيل جا الزام صحيح هجن يا غلط، اهو بحث پوءِ به پيپلز پارٽيءَ کي ان ڳالهه جو ادراڪ ضرور هجڻ گهرجي ته اقتدار جي اسٽيج جي ويجهو پهچڻ کان پوءِ ڪڏهن ڪڏهن ڪلها لهيو وڃن. ڀلي توهان سڀني جي سامهون فرنٽ اسٽيج تي چڙهڻ جي ڪوششون ڇو نه ڪندا هجو.
نواز ليگ عملي سياسي ڏانهن سرڪي رهي آهي ۽ پيپلز پارٽي عملي سياست جي شروعات زور شور سان ڪري چڪي آهي.
ڏسڻو اهو آهي ته نواز شريف جو تجربو ڪمال ڏيکاريندو يا هو بيڪ ڊور چاڙهيءَ کي ذريعي طور استعمال ڪرائيندي اسٽيج تائين پهچي ٿو يا زرداري پنهنجي جادوئي ڇڙي سان فرنٽ کان ئي اسٽيج تي قابض ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو.
**
انڊپينڊينٽ اردو جي ٿورن سان

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button