غير درجه بندي

ڪارونجهر جي ڪٽائي بابت سموريون ليزون رد ڪرڻ جو حڪم


حيدرآباد: سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد ڪارونجهر جي ڪٽائي بابت سموريون ليز 24 ڪلاڪن اندر رد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

غيرقانوني ليز ڏيندڙن ۽ ڪارونجهر جي ڪٽائي ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو

 جسٽس محمد شفيع صديقي ۽ جسٽس ارشد حسين خان تي ٻڌل 2 رڪني بينچ وڪيل شنڪر ميگهواڙ جي درخواست تي ٻڌڻي هلائي، درخواست گذار موقف اختيار ڪيو ته سنڌ جي سونهن ڪارونجهر مان پٿر جي ڪٽائي جو سلسلو اڃا جاري آهي

 ڪارونجهر ۾ ڪيترائي آڳاٽا مندر، مسجدون ۽ ٻيون عبادتگاهون آهن، ثقافتي ورثو هئڻ سبب ڪارونجهر نيشنل هيريٽيج قرار ڏيڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي

جسٽس محمد شفيع رمارڪس ۾ چيو ته غير قانوني طريقي سان ڪارونجهر جي ڪٽنگ ڪندڙن خلاف 24 ڪلاڪن اندر ڪيس داخل ڪيا وڃن

 ڊپٽي ڪمشنر کي 24 ڪلاڪن اندر سموريون ليز رد ڪرڻ ۽ ڪٽائي روڪڻ جو حڪم، سڀاڻي رپورٽ پيش ڪرڻ جو به حڪم ڏنو ويو آهي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button