غير درجه بندي

ملڪيتن کي نقصان رسائيندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي:وڏو وزير

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان نيازي جي گرفتاري کانپوءِ پي ٽي آءِ ڪارڪنن پبلڪ ٽرانسپورٽ جي بسن، واٽر ٽينڪرز ۽ ڪچرو کڻندڙ گاڏين سميت ڪيترن ئي سرڪاري گاڏين تي ساڙيو، جن خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي، جڏهن ته عمران خان خلاف نيب تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. اربع ڏينهن وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان نيازي جي گرفتاري کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران تصديق ٿيڻ تي نيب پاران سندس خلاف داخل ڪيل ڪيس ۾ گرفتاري لاءِ ڪارروائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف قانون جي ڀڃڪڙي ۽ ڪارڪنن سڄي ملڪ ۾ تشدد جو رستو اختيار ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن صوبي خاص ڪري ڪراچي ۾ شاهراهه فيصل ۽ ڪجهه ٻين روڊن کي بلاڪ ڪيو، جنهن سبب لکين ماڻهن جي روزاني زندگي متاثر ٿي. جيڪي پنهنجي ڪمن واري جڳهين کان گهرن ڏانهن سفر ڪن ٿا، ايترو ئي نه پر ڪيترائي ماڻهو پنهنجين فلائيٽن لاءِ ايئرپورٽ ڏانهن پهچي به سگهيا. نه رڳو ايترو پر پي ٽي آءِ ڪارڪنن پبلڪ ٽرانسپورٽ جي بسن، واٽر ٽينڪرن ۽ ميونسپل سروسز لاءِ استعمال ٿيندڙ ڪچري جي ٽرڪن سميت ڪيترن ئي سرڪاري گاڏين کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. وڏي وزير چيو ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن خانگي گاڏين ۽ عمارتن کي به نقصان پهچايو، جنهن جو ڪاٿو لڳايو پيو وڃي. ان صورتحال جو نوٽيس وٺندي وڏي وزير پوليس کي هدايت ڪئي ته امن امان کي يقيني بڻايو وڃي ۽ ضلعي انتظاميا کي هدايت ڪئي وئي ته هو سرڪاري ۽ خانگي ملڪيتن جي حفاظت کي يقيني بڻائين ۽ سمورا رستا کوليا وڃن ته جيئن شهري بنا ڪنهن پريشاني جي پنهنجي منزلن تي پهچي سگهن. پوليس امن امان کي برقرار رکڻ ۽ ڪنهن به سرڪاري يا خانگي ملڪيت کي وڌيڪ نقصان کان روڪڻ لاءِ گرفتارين ۽ اسٽريٽ ڪليئرنس سميت ضروري قدم کنيا آهن. ضلعي انتظاميه/سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ (SSWMB) روڊن تان گندڪچرو صاف ڪيو ۽ سڙيل/نقصان ٿيل گاڏين کي هٽايو. سنڌ جي وڏي وزير رات (اڱاري ۽ سومر جي وچ ۾) شهر ۾ امن ۽ امان جي صورتحال ڏسڻ لاءِ ڪيترن ئي علائقن جو دورو ڪيو ۽ هدايتون ڏنيون ته جيڪو به ماڻهو جان ۽ مال کي نقصان پهچائي ان خلاف قانون تحت سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. وڏي وزير اربع جي صبح ۽ منجهند جي وقت اهم علائقن ۽ روڊن جو ٻيهر معائنو ڪيو ۽ ڪراچي جي پرامن رهواسين تي زور ڏنو ته هو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان سهڪار ڪن ۽ هر شهري جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ قانون تي عمل ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button