غير درجه بندي

پارس شاهه ڪيس ۽ اسان جو قانون

آفاق جتوئي
دنيا جي ملڪن جي ترقيءَ جو هڪ راز اهو آهي ته اتان جي هر شهريءَ لاءِ آئين، قانون ۽ انصاف برابر آهي. جديد دور ۾ موت جي سزا جا ست طريقا رائج ٿيل آهن. جن ۾ ڦاهي ڏيڻ، سر قلم ڪرڻ، سنگسار ڪرڻ، گولي هڻڻ، زهريلي انجيڪشن هڻڻ، گيس چيمبر ۽ بجليءَ جي ڪرسيءَ وسيلي سزا ڏيڻ.
ڦاهي ڏيڻ ۽ گولي هڻڻ دنيا جي گهڻن ملڪن ۾ لاڳو آهي. سنگسار ڪرڻ ۽ سر قلم ڪرڻ جي سزا سعودي عرب، ايران، قطر، افغانستان، يمن ۽ گڏيل عرب امارتن ۾ عام آهي. سنڌ ۾ شهرين جا خاص ڪري ٻه قسم آهن. هڪ خاص شهري ۽ ٻيو عام شهري.
هڪ طرف خاص شهري انهن کي چئجي ٿو جن جو کيسو مايا سان ڀريل هجي يعني وزير، مشير، سرمائيدار، جاگيردار، وڏيرا، مير، پير، سردار ۽ وزيرن جي آشيرواد تي پلجندڙ رهزن بيروڪريٽس.
ٻئي طرف عام شهري اهي آهن، جيڪي وچولي طبقي يا هيٺئين طبقي جا ماڻهن آهن جن جو سرمايو ڏهاڙي سان جڙيل آهي. سنڌ ۾ موت جي سزا لاڳو ڪندڙ خاص شهريءَ کان ڊڄي ٿو ۽ عام شهريءَ لاءِ واڳون جيان وات ڦاڙيو ويٺو آهي. قانون جي ڪرسيءَ تي ويٺل صاحب پڻ وچولي طبقي ۾ شامل ٿئي ٿو، جيڪو خاص شهريءَ کان سدائين ڊنل رهيو آهي.
ويجهڙ ۾ ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ ايم پي اي ڄام اويس جوکيو پنهنجا حربا استعمال ڪري مقتول جي ڀاءُ افضل جوکيو کي خريد ۽ شيرين جوکيو تي راڄوڻي ڪري ڪيس کٽي ته ورتو پر تاريخي عدالتي قتل ڪيو، ساڳي ريت ايم پي اي ڄام اويس جوکيو جي ويجهن دوستن چانڊين جي سردارن پنهنجي برادريءَ جي ماڻهن جا ميهڙ ۾ ٽي قتل ڪيا پر 2018ع کان هن مهل تاريخ مٿان تاريخ ڏيڻ ئي جج صاحب بهتر سمجهن ٿا.
جڏهن به اهڙو ماحول پيدا ٿئي ٿو ته ملڪ جا قانون دان، دانشور، اديب ۽ انساني حقن جا علمبردار يڪدم سڄاڳ ٿيندا آهن پر سنڌ ۾ موجوده صورتحال ڪجھه ان جي ابتڙ آهي ڇو ته ڪجھه قانوندان، دانشور، اديبن کانسواءِ خاص شهرين جا واٺا ملوث آهن ته متان سندن گوليءَ جو شڪار نه ٿيان.
نومبر 2022ع تي سنڌ جي ناليواري ليکڪ ۽ ڪمپيئر سيد ماڪن شاهه رضويءَ جي پٽ ۽ سنڌ جي ناليواري آرٽسٽ سحر شاهه رضوي جي ڀاءُ پارس شاهه جو حيدرآباد ۾ پنهنجي ئي گهر ۾ رت سان ريٽيل لاش مليو. هاڻ هن ڪيس ۾ خاص شهرين جون سڌي ريت ته اٽڪلون نظر ڪونه ٿيون اچن پر هڪ ڳالھه واضح نظر ٿي اچي ته ڪراچيءَ ۾ ويٺل انساني حقن جا علمبردار ۽ انهن جي ڌر بڻيل قانون دان ۽ اصغر سومري جهڙا اديب ڪيس ۾ مقتول پارس شاهه جي انصاف لاءِ مددگار ٿيڻ بدران ڪيس ۾ رنڊڪون پيدا ڪري رهيا آهن.
پوليس آفيسر انسپيڪٽر سراج لاشاري ان قتل کي قتل ثابت ڪرڻ بدران طبي موت قرار ڏئي فائيل بند ڪري ڇڏيو. جنوري 2023ع تي پارس شاهه جي خاندان ۽ سول سوسائٽي طرفان ايس ايس پي امجد شيخ جي آفيس آڏو ٽن ڪلاڪن تائين ڌرڻو لڳو پر مجال آهي جو ايس ايس پي امجد شيخ ٻاهر نڪرڻ مناسب سمجهيو هجي. 17 مئي 2023ع تي سانگهر پوليس پارس شاهه ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ڪئي ۽ پارس شاهه جي زال جي ماسات اسرار شاهه کي گرفتار ڪيو، جنهن ميڊيا سامهون ڏوهه جو اعتراف ڪندي چيو ته پارس شاهه جي گهر واري فرزانه شاهه جي چوڻ تي هن ۽ فرزانه شاهه جي ڀاءُ ديدار شاهه گڏجي پارس شاهه جو قتل ڪيو آهي. هاڻ جڏهن ڪيس مقتول جي خاندان جي حمايت ۾ اچڻ لڳو ته چيو پيو وڃي پارس شاهه جي ڀيڻ مشهور آرٽسٽ سحر شاهه جي مڙس اصغر سومري سحر شاهه تي ٻن مهينن جي بدترين تشدد بعد لاتعلقيءَ جو اظهار ڪيو. جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچيءَ ۾ اصغر سومري جي ويجهن دوستن سان انصاف جي اکين تي پٽيون رکي دوستيءَ ۾ وفاداريءَ جو ثبوت ڏيڻ جي ڪوشش ۾ ڪيس جو رخ موڙي ڇڏيو.
جڏهن قبرڪشائيءَ جي ڳالھه ٿي ته قاتل ڌر يعني انساني حقن جي علمبردارن درخواست داخل ڪرائي قبرڪشائيءَ کان انڪار ڪيو. پر ملير ڪورٽ قبرڪشائيءَ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. مان ۽ سنڌ جو باشعور طبقو سمجهي ٿو ته ڪيس جو فيصلو هڪ ڏينهن پارس شاهه جي حق ۾ ايندو ۽ فرزانه، سندس جو والد، ڀاءُ ديدار شاهه ۽ ماسات اسرار شاهه هڪ ڏينهن جيل ۾ هوندا. انساني حقن جي پاسداري بدران ڪيس تي اثرانداز ٿيندڙن خلاف عدالتي ڪارروائي ٿيندي يا هر عام شهريءَ جو پارس شاهه ۽ سندس گهر ڀاتين جيان زنده رهڻ جو بنيادي حق کسيو ويندو؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button