غير درجه بندي

پنجاب کان چترال تائين عوامي ڪاوڙ ڇو؟

Editorial-Article- Dastgir Bhatti

تيرھن جماعتي اتحادي حڪومت ۽ سندن مخالف جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف وچ ۾ ھفتو ڏيڍ اڳ ۾ شروع ٿيل ڊائلاگ بابت مون گذريل آچر واري ڪالم ۾ ھي اڳڪٿي ڪئي هئي ته ٻنهي ڌرين جي موقف ۾ نرمي يا لچڪ نه ھجڻ ڪري ھنن ڳالهين جو نتيجو ٻڙي نڪرندو. نه رڳو ھنن ٻنھي ڌرين جي ڳالهه ٻولهه ناڪام ٿي پر پي ڊي ايم سرڪار ۽ سندن واڳ ڌڻين جنھن غير قانوني ۽ ظالماڻي طريقي سان اسلام آباد ھائي ڪورٽ منجھان اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي گرفتار ڪرڻ خاطر عدالت جا دروازا ۽ شيشا ٽوڙي کيس بايو ميٽرڪ سسٽم مان ڳچيءَ مان جھلي ٻاھر ڪڍيو تنهن سان نه رڳو عدليا جي تذليل ڪئي ويئي پر سوشل ميڊيا ذريعي انھيءَ بدترين واردات جي فوٽيج جڏھن سڄي دنيا ۾ وائرل ٿي ته سمورن مھذب ماڻهن ان واقعي کي فاشزم سان تعبير ڪيو. ملڪ اندر توڙي پرڏيهه ۾ رهندڙ وطن واسين کي ھڪڙي مشهور ۽ مقبول عوامي اڳواڻ سان ڪيل بدسلوڪي تي صدمو رسيو. پنجاب، خيبرپختونخواهه، ڪشمير، گلگت بلتستان کان وٺي برطانيا، امريڪا، ڪيناڊا، آسٽريليا ۽ ٻين گھڻن ئي ملڪن ۾ عمران خان تي ڪيل جبر ۽ تشدد سبب مڇريل ماڻهن احتجاجي مظاهرا ڪيا. پاڪستان جي وڏن شهرن ۾ ته ماڻهن ڪاوڙ وچان سگھارن ادارن تي به حملا ڪري ڇڏيا. ملڪ جي واڳ ڌڻين کي اھو اندازو ئي نه ھو ته اھڙو ڀوائتو ري ايڪشن ٿيندو!
ھاڻي اچو ته سوچيون ته آئين مطابق نوي ڏينهن اندر ضمني چونڊون ڪرائڻ واري سپريم ڪورٽ جي فيصلي بعد اليڪشن ڪرائڻ کان ڪنھن ڪنھن انڪار ڪيو ۽ ڪھڙي ڪارڻ ڪيائون؟ نوي ڏينهن ۾ چونڊن کان انڪار ڪندڙن ۾ سواءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باقي سموريون پارٽيون ھڪ ھيون. منهنجو مطلب آهي ته ملڪ جي سڀ کان پراڻي مذهبي تنظيم جماعت اسلامي تيرھن جماعتي سرڪار کان ٻاهر ھوندي به سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪرائڻ بدران ڇڪتاڻ ۾ وڪوڙيل ٻنهي ڌرين وچ ۾ ٽياڪڙي وارو ڪم ڪرڻ لاءِ آتي ڏسڻ ۾ آئي. جماعت اسلامي جي امير مولانا سراج الحق اھا رٿ ڏني ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪرڻ بدران ھڪ ئي ڏينهن معنيٰ ساڳي تاريخ تي سڄي پاڪستان ۾ اليڪشن ٿيڻ گھرجي جنھن لاءِ تياري خاطر آڪٽوبر تائين ضمني چونڊون مھمل ڪري ڇڏيو. مطلب ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ اليڪشن ڪرائڻ جو خرچ بچي پوندو. انھيءَ عرصي ۾ آئي ايم ايف کان قرض ملي ويندو وغيره وغيره. مطلب ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪرڻ لازمي نه آهي! سندس ان راءِ تي حيران ٿيڻ جھڙي ڪا به ڳالھه ناهي. مولانا فضل الرحمان جي جمعيت علما اسلام وانگر جماعت اسلامي جي مذهبي ڍونگل کي ھاڻي سرائيڪي بيلٽ کان وٺي افغانستان جي سرحد تائين خدا جي خلق سمجهي ورتو آهي. ھنن جون سيٽون ڏھن سالن کان ته تحريڪ انصاف کسي ورتيون آهن. رڳو اھا حقيقت سمجهڻ گهرجي ته پنجاب سان سنڌ جو بارڊر ختم ٿئي ٿو رحيم يار خان ضلعي جي حد شروع ٿيڻ شرط، رحيم يار خان ۾ ماڇين جو سڀ کان وڏو شهر ماڇڪا، پاسي ۾ ڄام پور، سنڌوندي جي ڪپ تي راڄڻ پور سان لڳو لڳ ڪلھوڙن، سومرن، ڀٽين، کوکرن، چاچڙن، ڌاريجن، جاڙيجن، جتوئين، لغارين، ماڇين، مھاڻن ٻين صدين کان آباد ذات برادرين جا سوين شهر ۽ ڳوٺ قائم دائم آهن جتان جا رهواسي سرائيڪي ۽ سنڌي ٻولي روانيءَ سان ڳالهائيندا آهن. ھنن ذات برادرين جون گھوٽڪي، ميرپور ماٿيلو، رانوتي ۽ ڏھرڪي کان سواءِ سرحد پار ھندستان ۾ پڻ مٽيون مائٽيون آهن. اھا ته انگريزن جي بدمعاشي ھئي جن سنڌ کان نه رڳو ھي اتريان علائقا کسي پنجاب جي نقشي ۾ ٺوڪي ڇڏيا بلڪ سنڌين کان اڌو اڌ ٿرپارڪر، جيسلمير، بيڪانير، ڪڇ، ڀڄ، لسٻيلو ۽ ٻيا گھڻا ئي سنڌ جا تاريخي شهر ۽ ماڳ ڦري اھو پلاند ورتائون ته سنڌين انگريز جي فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ کان انڪار ڪري پير پاڳاري سورهيه بادشاهه جي آزاديءَ واري جدوجهد ۾ شامل ٿي سامراجي حاڪمن خلاف بغاوت ڇو ڪئي؟ پاڪستان جي وفاقي حڪومت ۾ ويٺل تيرھن ئي جماعتن جي اڳواڻن جي تاريخ کان اڻڄاڻائي ۽ رڳو مذهب جي اوٽ ۾ اٻوجهھ عوام کي گمراهه ڪرڻ وارين 75 سالن کان مڙھيل ناڪاره ۽ مدي خارج پاليسين جو جنازو نڪري چڪو آهي سوشل ميڊيا جي اڄوڪي جديد دؤر ۾!
عمران خان بابت منھنجي راءِ اخبارن ۽ سوشل ميڊيا تي پڙھندڙ دوستن گذريل ساڍا ٽي سال پڙھي آھي. مون کيس اسٽيبلشمينٽ جو لاڏلو، موقعي پرستيءَ جو شڪار ناڪام وزيراعظم ۽ سنڌ دشمن بار بار لکيو آهي. اڄ به سمجھان ٿو ۽ اھو به ڄاڻان ٿو ته عمران خان کي اسٽيبلشمينٽ وارا ذرو به اشارو ڪن ته ھو پنھنجو موقف بدلائڻ ۾ ويرم ئي نه ڪندو. پر خيبرپختونخواهه جي اتر وزيرستان کان وٺي پشاور ۽ پنجاب جي رحيم يار خان، بھاولپور، ملتان ميانوالي ۽ جھنگ ضلعن ۾ سالن کان دھشتگردي سبب بي موت مارجي ويل بيگناهه انسانن خاص ڪري پنهنجن مٽن مائٽن جا لاش دفن ڪري ڪري ھي ماڻھو ٿڪجي پيا آهن. ھو ڏھن سالن کان ڪي پي ڪي ۾ عمران خان جي صوبائي سرڪار جو ڪار وهنوار ڏسي انھيءَ نتيجي تي پهتا آهن ته دھشتگردن کي فنا ڪرڻ ۾ ھرھڪ ادارو ناڪام ٿي ويو آهي. ھاڻي آهي نه آهي ته رڳو عمران خان جيڪو سندن شهرن ۽ ڏورانهين آبادين ۾ روس ۽ چين جي واھر سان امن امان قائم ڪري سگهي ٿو.
ھن وقت پاڻ اکين سان ڏسي رهيا آهيون ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس ساٿين جو گھيرو تنگ ڪرڻ لاءِ جيڪي به قدم کنيا وڃن ٿا انهن ۾ پوليس ۽ وڌ ۾ وڌ رينجرس يا فيڊرل ڪانسٽيبلري کي استعمال ڪن ٿا ته جيئن ماڻهن کي ڪاوڙ لڳي ته رڳو انھن ادارن تي ڪاوڙجن. پر حقيقت ۾ جيڪو سماجي ۽ سياسي شعور رحيم يار خان کان وٺي ملتان، لاھور کان پشاور ۽ آزاد ڪشمير کان گلگت ۽ چترال تائين عام ماڻهن جي دلين ۽ ذھنن ۾ پيدا ٿي چڪو آهي ان کي Reverse Gear ۾ وجھي، ڏکايل بکايل ۽ اٽي لپ لاءِ تڙپايل ڪروڙين انسانن کان اھو شعور ۽ سچائي سندن برباديءَ جي اصل ذميوارن کي بچائي نه سگهندي.

ڇا اڄ ھن ملڪ جي گھٽيءَ گھٽيءَ ۾ خدا جي خلق جو چؤٻول ڪنھن کي ٻڌڻ ۾ نه پيو اچي ته 75 سالن کان پاڪستان تي راڄ ڪندڙ اصل حڪمران ڪير آهن جن جي غلط سوچ ۽ ھاڃيڪار پاليسين ڪارڻ امير ماڻھو ويتر امير ۽ ڏينهن رات پورھيو ڪندڙ مسڪين ۽ سندن ٻچڙا ھڪڙو ويلو به ڍئو ڪري ماني نه ٿا کائي سگهن؟ پاڪستان جي 75 سالن ۾ ٿيل سياسي ۽ سماجي ڏڦيڙ، غربت، اڻھوند ۽ بيروزگاريءَ جي لڳاتار صدمن جا سٽيل انسان پنهنجي برباديءَ جي اصل ذميوار ڌرين متعلق حقيقت کان اڃا تائين آگاهه نه ٿي سگھيا آهن؟ جيڪڏهن ڪوبه شخص يا ڪابه طاقتور طبقي جي نمائندگي ڪندڙ ڌر ايئن سمجهي ٿي ته اھا سندن ڀل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button