ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ٻوڏ متاثرن جي گهرن جي اڏاوت

گذريل سال سنڌ جا ماڻهو ٻوڏ سبب سخت متاثر ٿيا هئا، انهن جا نه رڳو گهر ٻڏي ويا هئا پر سندن ڪاروبار ۽ زراعت به تباهه ٿي وئي هئي. اهڙي ريت اهي نه رڳو پريشان ٿيندا رهيا پر کين پنهنجن اصلوڪن شهرن ڏانهن ويندي گهڻو وقت لڳي ويو، نتيجي ۾ اهي دربدر ٿيندا رهيا. حڪومت انهن جي بحاليءَ لاءِ گهرن جي اڏاوت جو سلسلو شروع ڪيو آهي، جن مان ڪافي گهر ٺهي به چڪا آهن پر اڃا تائين به ڪيترائي گهر ڪونه ٺهيا آهن. حڪومت جون دعوائون هڪڙيون آهن پر ٻوڏ متاثر ٻيون ڳالهيون ڪري رهيا آهن. اهي اها شڪايت ڪن ٿا ته کين نه ته گهر ٺهي پيا ملن ۽ نه ئي وري انهن جي نقصان جو پورائو ڪيو ويو آهي. پر تازو ئي صوبائي وزير امتياز شيخ چيو آهي ته سنڌ ۾ نوي هزار گهر ٺهرائڻ لاءِ 26 ارب رکيا ويا آهن.
شڪارپور ۾ حڪومت سنڌ نوي ھزار گھر ٺاهڻ جي سلسلي ۾ 26 ارب مختص ڪيا آھن. شڪارپور ۾ سنڌ حڪومت پاران گذريل سال جي ٻوڏ متاثرن ۾ گھرن جي تعمير لا پلاٽن جا مالڪاڻي حقن جا سرٽيفڪيٽ ورهائڻ جي تقريب ٿي. تقريب کي صوبائي وزير امتياز احمد شيخ خطاب ڪندي چيو ته گذريل سال ٻوڏ دوران سنڌ ۾ ڏيڍ ڪروڙ ماڻھو متاثر ٿيا، تنھن باوجود سنڌ سرڪار ھر ماڻھو وٽ پھتي ۽ انھن کي ريسڪيو ڪري کين کاڌو، راشن ۽ علاج جون سھولتون ڏنيون. ھن چيو ته سنڌ ۾ 21 لک گھرن جي سروي ڪئي وئي آھي، جنھن لا سنڌ حڪومت پاران فقط گھرن جي تعمير لا ڇھه سئو ارب مختص ڪيا آھن، جن جي تعمير جو عمل شروع ٿي چڪو آھي. ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ابرار جعفر چيو ته ٻوڏ متاثرن کي بروقت 60 ھزار راشن بيگ، ڪئمپن ۾ کاڌو پھچايو، ضلعي مان پاڻي ڪڍرايو، فوتين ۽ زخمين کي معاوضو ڏنو ويو، ٻج ۽ ڀاڻ جي مد ۾ ھارين ۾ پئسا ورهايا ۽ هاڻي گهرن جي تعمير جي سلسلي ۾ 90 هزار گهرن جي تعمير لا سروي مڪمل ڪئي آهي ۽ گهرن جي مالڪاڻن حقن لا پلاٽن جون سندون ورهائي رهيا آهيون. ضلعي چيئرمين ذوالفقار خان ڪماريو، بابل خان ڀيو چيو ته اسان انتظاميه سان ملي عوام جي ڀرپور مدد ڪئي ۽ اڄ شھيد راڻي جي ويزن تحت عورتن کي گھر جو مالڪ بنائڻ لا سندون جاري ڪرايون آھن، ان موقعي تي صوبائي وزير توانائي امتياز احمد شيخ 30 ٻوڏ متاثر عورتن ۽ مردن ۾ پلاٽن جون سندون ورهايون.
26 ارب ڪا معمولي رقم ڪونهي، اها وڏي رقم آهي پر سوال اهو آهي ته ڇا سنڌ حڪومت اها رقم ايمانداريءَ سان گهرن جي اڏاوت تي خرچ ڪرڻ لاءِ تيار آهي يا رڳو ڏيکاءُ ۽ بيان بازيءَ لاءِ اهو ماحول جوڙيو ويو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته ٻوڏ متاثرن جي حالت بنهه گهڻي خراب رهي آهي ۽ جيڪو نقصان کين گذريل سال ٿيو هو، ان جو ازالو اڃا تائين ڪونه ٿي سگهيو آهي. اسين سمجهون ٿا ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جيڪا رقم گهرن لاءِ رکي وئي آهي، ان ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا گهوٻي نه هنئي وڃي ۽ هر حال ۾ اها رقم ٻوڏ متاثرن تي خرچ ڪئي وڃي ته جيئن سندن زندگي بهتر گذري سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button