پاڪستانسنڌ

عمران خان جي گرفتاري معاملي کي ڏسون پيا:روس

ماسڪو: اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ گرفتاري تي روس به بيان جاري ڪري ڇڏيو. روسي پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان جي گرفتاري جي معاملي کي ڏسي رهيا آهيون، معاملا پرامن طريقي سان حل ڪرڻ تي زور ڏيون ٿا. روس جو چوڻ هو ته اميد آهي ته پاڪستان ۾ احتجاج سنگين صورتحال اختيار نه ڪندو، اميد آهي ته پاڪستان ۾ حالتون جلد معمول تي اچي وينديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button