اسلام آبادپاڪستان

معاشي صورتحال وڌيڪ خراب آهي،سبسڊي نٿا ڏئي سگهون:نگران حڪومت

اسلام آباد :نگران ناڻي واري وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر عالمي مالياتي اداري آئي ايم ايف جي معاهدي تحت هلڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو آهي ته معاشي صورتحال اندازي کان وڌيڪ خراب آهي، سبسڊي نٿا ڏئي سگهون. آ ايم ايف معاهدي بابت ڳالهه ٻولهه ممڪن ناهي، پروگرام تي عملدارآمد نه ڪريون ته حالتون وڌيڪ خراب ٿي سگهن ٿيون. ڪالهه صحافين سان ڳالهائيندي ۽ ناڻي بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ شرڪت دوران خطاب ڪندي ڊاڪٽر شمشاد اختر چيو ته اڳوڻي حڪومت آئي ايم ايف سان جيڪو معاهدو ڪيو هو ان مطابق هلنداسين. هن چيو ته بجلي جي شعبي ۾ ڪافي عرصي تائين مراعتون ڏنيون ويون آهن. ڏهاڪن جون پاليسيون هڪ ڏينهن ۾ تبديل نٿا ڪري سگهون. هن چيو ته اسان جي حڪومت مخلصاڻي طور تي عوام جي بهتري لاءِ ڪم ڪندي. آئي ايم ايف سان ڳالهه ٿي آهي ان کي خاطري ڪرائي آهي، معاهدي تي عمل ڪنداسين. منهنجي لاءِ آئي ايم ايف نه پر پاڪستاني معيشت اوليت رکي ٿي. ڊاڪٽر شمشاد چيو ته سماجي تحفظ جي منصوبن ذريعي غريبن کي رليف فراهم ڪري رهيا آهيون، پاڪستان لاءِ معاشي استحڪام ضروري آهي ۽ مالي خسارو ختم ڪرڻ ضروري آهي. سليم مانڊوي والا جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته سرڪاري ادارن کي نقصان پهچي چڪو آهي، نجڪاري جو عمل تيز ڪرڻو پوندو. جيڪي ادارا تيار آهن، انهن جي نجڪاري جي ضرورت آهي. گذريل چونڊيل حڪومت آ ايم ايف سان معاهدو ڪيو، ان ڪري نگران حڪومت ته ڪجهه نٿي ڪري سگهي.اسان وٽ محدود اختيار آهن، ان ۾ رهي ڪم ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button