اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

ڳرن بجلي بلن ۽ مفت يونٽ وارو معاملو سپريم ڪورٽ پهچي ويو

اسلام آباد :بجلي جي ڳرن بلن ۽ مفت يونٽن جي فراهمي جو معاملو سپريم ڪورٽ پهچي ويو. شهري عورت ڳرن بلن ۽ مخصوص طبقي کي مفت بجلي فراهمي جي خلاف درخواست داخل ڪري ڇڏي. شهري سعيده بيگم پاران داخل درخواست ۾ سپريم ڪورٽ کي اپيل ڪئي وئي ته بجلي جي بلن تي لڳل ٽيڪس ڪالعدم قرار ڏيندي آئي پي پيز کان رڪوري ڪئي وڃي. ان کان علاوه سمورن کاتن جي آفيسرن کي بجلي جي مفت يونٽن جي فراهمي فوري روڪڻ جو حڪم ڏنو وڃي. درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي ته آئين سمورن شهرين کي برابر سهولتون فراهم ڪري ٿو عوام جي سهولت لاءِ بجلي جا بڻايل سليب بحال ڪيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button