اسلام آبادپاڪستان

بجلي اگهن ۾ لاٿ تي ٽيڪس هدف ڪيئن پورو ٿيندو؟ آءِ ايم ايف پلان گهري ورتو

اسلام آباد : عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) بجلي بلن ۾ رليف جي صورت ۾ ٽيڪس وصولين بابت سوال پُڇي ورتا. آءِ ايم ايف بجلي بلن ۾ رليف لاءِ لکت ۾ پلان پڻ طلب ڪري ورتو. ذريعن موجب آءِ ايم ايف اختيارين ۽ ايف بي آر وچ ۾ ورچوئل ڳالهيون ٿيون، جنهن ۾ ايف بي آر ۽ ٻين اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڳالهين ۾ آءِ ايم ايف، ايف بي آر کان جولاءِ ۾ ٽيڪس وصولي تي بريفنگ ورتي ۽ ان دوران ايف بي آر جي مالي سال 23-2023 جي هدف تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ذريعن موجب موجوده مالي سال جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ اسٽريٽيجي تي ڳالهه ٻولهه ٿي، ان دوران آءِ ايم ايف، ايف بي آر کان هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪامي جي سببن تي سوال جواب ڪيا.ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف بي آر اختيارين آءِ ايم ايف کي ٻڌايو ته هلندڙ مالي سال جو هدف حاصل ڪيو ويندو.ذريعن موجب آءِ ايم ايف پڇيو ته بجلي بلن ۾ رليف ڏنو ويو ته ٽيڪس وصولين ۾ ڪيتري رقم گهٽ ٿيندي؟ بجلي بلن ۾ رليف ٽيڪس گهٽ ڪندئو يا ڪنهن ٻئي مد ۾ اها رقم ڪڍندئو؟ ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف بجلي بلن ۾ رليف لاءِ لکت پلان طلب ڪري ورتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button