ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

نئون پاڪستان ۽ قومي ڀنگ پاليسي

Editorial-Article-Ali Mohammad Memon

ملڪ جي 22 ڪروڙ عوام جي آگاهي لاءِ وڏي خبر منظر عام تي آئي آهي ته، وزير اعظم عمران خان واري سرڪار طرفان عوام جي خوشحالي ۽ ملڪ کي ترقيءَ جي بلندين تي وٺي وڃڻ لاءِ” قومي ڀنگ پاليسي” تيار ڪئي وئي آهي، جنهن کي منظوري لاءِ وفاقي ڪابينا کي اماڻيو ويو آهي. ڪابينا کان منظوري بعد ملڪ ۾ هر طرف ڀنگ ئي ڀنگ جي ريل پيل هوندي. وفاقي حڪومت جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت طرفان ڪيل پنهنجي ڪارڪردگيءَ جي حوالي سان جيڪي دليل پيش ڪيا ويا آهن، انهن موجب، ملڪ جي آمدنيءَ ۾ اضافي لاءِ قومي ڀنگ پاليسي تيار ڪئي وئي آهي، جنهن تحت سيڙپڪارن جي سهولت لاءِ ڀنگ ريگوليٽري اٿارٽي ٺاهي ويندي، ان اٿارٽي تحت ون ونڊو آپريشن شروع ڪيو ويندو.
واسطيدار وفاقي کاتي واري هر دلعزيز وفاقي وزير شبلي فراز طرفان پنهنجي ڪارڪردگي بابت دليل پيش ڪيا ويا ته ڀنگ جي پوکائي لاءِ ڪيتريون ئي درخواستون ملي رهيون آهن، پهرئين مرحلي ۾ 100 ڪمپنين کي ڀنگ جي پوکائي جا لائسنس جاري ڪيا ويندا. وزير موصوف جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڀنگ پاليسي اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت کانپوءِ ٺاهي وئي آهي، ان پاليسي جي تياريءَ ۾ تعليم واري وزارت، ڪامرس، زراعت ۽ منشيات جي خاتمي واري اداري سان مشاورت ڪئي وئي آهي، ڀنگ جي پوکائي واري احاطي جي چوڌاري بائونڊري وال ۽ فيلڊ ۾ ڪئميرائون لڳايون وينديون. وفاقي وزير جو اهي دليل پڻ هئا ته عالمي سطح تي ڀنگ جي 100 ارب کان وڌيڪ ماليت جي مارڪيٽ آهي، ڀنگ پاليسي ميڊيڪل ۽ انڊسٽريل پوکائي لاءِ ٺاهي وئي آهي. واهه سائين واهه!
مسلم ليگ نواز پنجاب جي صدر رانا ثناءُ الله خان کي اسلام آباد ۾اڍائي مڻ هيروئن جو اسٽاڪ پنهنجي گاڏيءَ ۾ ڪنهن واپار سانگي کڻي وڃڻ واري تهمت تحت گرفتار ڪيو ويو ۽ پنجاب جي اڳوڻي صوبائي قانون واري وزير کي ڇهه مهينا بنا ڪنهن داد فرياد ٻڌڻ جي جيل ۾ رکيو ويو ۽ ان وقت جو وفاقي وزير منشيات شهريار آفريدي صاحب نارڪوٽڪس کاتي جي آفيسر سان گڏ پريس ڪانفرنسون ڪري اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته ملڪ جي سڀ کان خطرناڪ ڏوهاري کي گرفتار ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي وئي آهي. وزير اعظم عمران خان جي مشهور زمانه انصاف جي حڪمراني واري نعري تي عمل ڪري ملڪ ۾ نئين پاڪستان جي نئين تاريخ لکي ويندي. وزير موصوف پنهنجي پريس ڪانفرنسن ۾ لڳاتار اهو پڻ چوندو رهيو ته “مين ني جان الله ڪو ديني هي” جلد ئي سموريون فلمون ۽ ريڪارڊنگز ميڊيا کي پيش ڪيون وينديون ۽ جوابدار کي عبرت جو نشان بڻايو ويندو. آخرڪار، هو نه ڪا فلم پيش ڪري سگهيو ۽ نه ئي هو راڻا ثناءُالله جي گاڏيءَ تي ڇاپي ۾اڍائي مڻ هيروئن ڪڍڻ وارا منظر پيش ڪري سگهيو، پر اڳتي هلي تماشو اهو ٿيو ته نارڪوٽڪس وارن آفيسرن پنهنجي ئي پريس ڪانفرنس ۾ اهو ڪيس ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو. اهڙي ريت، ڇهه مهينا مفت ۾ جيل جي هوا کائڻ کانپوءِ ملزم راڻا ثناءُالله ضمانت تي جيل مان آزاد ٿي ويو ۽ اڃا تائين پنجاب ۾ مڇيون وٽي گهمندو وتي ۽ وزير اعظم عمران خان ۽ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار واري حڪومت کي اکيون ڏيکاريندو وتي.
مزيدار ڳالهه ته اڳتي هلي اها ٿي جو، اڳوڻو منشيات وارو وزير شهريار آفريدي خيبر پختونخواهه جي سرحدي علائقي ۾ هڪ هيروئن جي ڪارخاني جو پاڻ ئي افتتاح ڪندي منظر عام تي آيو. منشيات مان دوائون ٺاهڻ واري ڪارخاني جي انهيءَ افتتاحي تقريب ۾وزير موصوف هيروئن مان دوائون ٺاهڻ جي وڪالت به ڪندو رهيو ۽ چوندو رهيو ته، منشيات جي هن قسم جي صنعت مان ملڪ کي وڏي پيماني تي پرڏيهي ناڻو حاصل ٿيندو ۽ جيئن ته تحريڪ انصاف جي حڪومت ملڪ ۾ صنعتڪاري ڪرڻ ۽ وڌ ۾ وڌ روزگار جا موقعا پيدا ڪري ملڪ کي خوشحال ۽ مالا مال ڪرڻ واري نعري تي اقتدار ۾ آئي آهي ته هو اهو سڀ ڪجهه ڪري ڏيکاريندي ۽ ملڪ جي اصل مالڪن ۽ سيڙپ ڪارن کي مايوس نه ڪندي.
ساڳي وزير موصوف جيڪو هاڻي ڪشمير جي معاملن جو وزير ٿيڻ کانپوءِ پڻ گهڻي مشهوري ماڻي رهيو آهي، تازو، پاڪستان جي هن مشهور وزير جو آمريڪا جي دوري دوران نيويارڪ ايئرپورٽ تي سيڪيورٽي فورسز هٿان بيقدريءَ جو شڪار ٿيڻ ۽ کيس ڪپڙن کان آجو ڪري شاهڪار تصويرون ٺاهڻ وارا منظر پڻ انٽرنيشنل ۽ ملڪي ميڊيا تي دنيا کي نظر آيا. ان کانپوءِ گذريل ڏينهن، فرانس ۾ پڻ کيس ملڪ جي صحافين خوشبوءِ سونگهي اچي هٿ ڪيو ۽ سندس مصروفيتن ۽ ڪشميري معاملن بابت سرگرمين ۽ گڏجاڻين جون خبرون ٻڌائڻ جي فرمائش ڪري ويٺا پر جواب ۾ وزير موصوف ٻڌايو ته هو ڪشمير بابت گڏجاڻيون ڪرڻ نه پر پنهنجي مٿي جي سور جو علاج ڪرائڻ لاءِ پيرس آيل آهي. هو سندس نجي زندگيءَ جي معاملن ۾ هٿ چراند ڪرڻ کان پاسو ڪن. ملڪ جي اخبارن ۾وزير موصوف ۽ صحافين جي يادگار گڏجاڻي ۽ ان هٿان بيقدريءَ جو شڪار ٿيڻ واريون خبرون پڻ ميڊيا تي اچي چڪيون آهن. هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته، ڇا اسان جي ملڪ جا ڪارخانا اهڙي ڪا دوا اڃا تائين تيار نه ڪري سگهيا آهن جو وزير موصوف جو ملڪ ۾ ئي علاج ٿي سگهي يا وزير صاحب جو اصل مٿي جو سور عالمي مارڪيٽ جي سيڙپڪارن کي ملڪ جي دوائن جي صنعت ۾ سيڙپڪاري لاءِ قائل ڪرڻ هو، جنهن ۾ڪا وڏي ڪاميابي حاصل نه ٿيڻ وارو مٿي جو سور هو پر صحافين نامناسب موقعي تي اچي رنگ ۾ ڀنگ وجهڻ واري گستاخي ڪئي ۽ پاڻ به بيقدريءَ جو شڪار ٿي ويا.
هوڏانهن، اسلام آباد ۾سپريم ڪورٽ ۾ گذريل ڏينهن ان معاملي تي هڪ اهم مقدمي جي ٻڌڻي پڻ ٿي آهي. ٻڌڻي جي اخبارن ۾شايع ٿيل رپورٽ موجب، سپريم ڪورٽ ۾ منشيات جي جوابدارن جي سزائن بابت ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ 7 رڪني لارجر بئنچ ڪئي. جنهن ۾ ڀنگ ۽ هيروئن جي سزا الڳ الڳ ڪرڻ کي سٺو سنئوڻ قرار ڏيندي چيو ويو ته ڀنگ ڪيترين ئي بيمارين جو علاج ۽ انساني اعصاب لاءِ قوت بخش آهي. ٻڌڻي دوران جسٽس سجاد علي شاهه چيو ته اڳ ۾ ڀنگ ۽ هيروئن جي سزا برابر هئي، جيڪڏهن ڀنگ ۽ هيروئن جي سزا الڳ الڳ ڪئي پئي وڃي ته اهو سٺو سنئوڻ آهي، ڀنگ هيروئن کان گهٽ خطرناڪ آهي. جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي ريمارڪس ڏنا ته ڀنگ ڪيترين ئي بيمارين جو علاج ۽ انساني اعصاب لاءِ قوت بخش آهي، مختلف ملڪن ۾ ڀنگ کي دوا طور استعمال ڪيو ويندو آهي. جسٽس جمال خان مندوخيل چيو هاڻ ته حڪومت به ڀنگ پاليسي ٺاهي چڪي آهي. عدالتي مددگار بئريسٽر اعتزاز احسن جو ان موقعي تي چيو ته، عدالت کي هڪ دلچسپ واقعو ٻڌائڻ چاهيان ٿو. 1988ع ۾ نواز شريف هزارين ماڻهن سان ضياءُ الحق جي ورسيءَ لاءِ اسلام آباد آيو، اطلاع مليو ته زيرو پوائنٽ تي بسون روڪيون ويون آهن، سيڪيورٽي خدشن تي ڳڻتي ٿي ته آءِ جي ٻڌايو بسن ۾ ڀنگ ڀَري پئي وڃي. اعتزاز احسن جي ٻڌايل واقعي تي عدالت ۾ ٽهڪ پئجي ويا.
ٻئي پاسي گڏيل قومن طرفان پنهنجي جاري ڪيل تازي پڌرائي ۾افغانستان ۾ آفيم جي وڌندڙ پيداوار تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو آهي. ويانا ۾ قائم گڏيل قومن جي منشيات ۽ ڏوهن خلاف جنگ جي اداري جي هڪ رپورٽ موجب آفيم جي غير قانوني عالمي منڊيءَ ۾ هن وقت به سڀ کان وڏو حصو افغانستان جو ئي آهي. اهڙي ريت، پاڙيسري ملڪ افغانستان کانپوءِ هاڻي اسان جي ملڪ ۾به اهڙي قسم جي ڪمن ۽ منشيات جي ڪاروبار وڌڻ جا انديشا وڌي ويا آهن. نئين پاڪستان واري حڪومت طرفان ملڪ جي ترقي لاءِ جيڪو شارٽ ڪٽ وارو رستو چونڊيو ويو آهي ۽ منشيات فروشن کي جهٽ پٽ مالدار بنائڻ واري اهڙي قسم جي ڪاروبار کي رواج ڏيڻ لاءِ جيڪي ڏينهن رات ڪاوشون ڪيون پيون وڃن، انهي عمل سان. يقينن، افغانستان وانگر اسان جي ملڪ ۾ پڻ منشيات جي ڪاروبار جو صنعت ۾ تبديل ٿيڻ ۽ ان جو ملڪ ۾ استعمال وڌڻ جا پڻ سئو سيڪڙو امڪان موجود آهن. ممڪن آهي ته عوامي جمهوريه چين جي اونداهي دور ۾ ماڻهن ۾ آفيم جي بي پناهه استعمال سان برباد ٿيندڙ انهي قوم کي ڪيترن ئي انقلابن ۽ رتوڇاڻن کانپوءِ سجاڳ ٿيڻ ۾ ڪاميابي ته حاصل وئي آهي پر اسان جو ملڪ ۽ قوم جيڪڏهن انهي قسم جي نشي ۽ منشيات جي لت ۾ پئجي ويا ته پوءِ انهن جو صدين تائين صبح ٿيڻ جا ڪي به امڪان نظر نه ٿا اچن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button