ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مني بجيٽ ۽ مخالف ڌر

Editorial

هن ملڪ جي عوام کي جهڙي ٿڪل حڪومت ملي آهي، اهڙي ئي وري ٿڪل اپوزيشن حڪومت جي حصي ۾ آئي آهي. اپوزيشن پارٽيون حڪومت پاران ايندڙ هر معاملي تي آواز اٿارڻ جو چوندي آهي، احتجاج ڪرڻ جو چوندي آهي پر کيس ڪابه ڪاميابي نه ملي سگهي آهي. ان جو هڪ اهم ترين سبب اپوزيشن جي پنهنجو پاڻ تي بداعتمادي آهي. اپوزيشن ۾ موجود ٻه وڏيون پارٽيون مسلم ليگ ۽ پيپلز پارٽي هڪٻئي تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. جنهن جي ڪري اپوزيشن پارٽيون وکريون پيون آهن. پي ڊي ايم جهڙو اهم اتحاد به عمران خان جي ڪمزور حڪومت جو وار به ونگو نه ڪري سگهيو. رڳو ان مان ئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته عمران خان جي حڪومت اصل ۾نااهل وزيرن جو هڪ لشڪر آهي پر اها حڪومت ساڍا ٽي سال آرام سان ڪڍي وئي آهي ۽ ان کي ڪوبه لهر نڪي لوڏو آهي. ڇاڪاڻ ته عمران خان کي به خبر آهي ته اپوزيشن ۾ ايترو دم ئي ڪونهي جو اها سندس حڪومت خلاف ڪو وڏو محاذ کڙو ڪري سگهي. پيپلز پارٽي هڪ ٻه ڪوششون ڪيون پر ان ۾ به اها ناڪام وئي ڇاڪاڻ ته ان جي پنهنجي پارٽي ميمبرن ئي ان سان ويساهه گهاتي ڪئي. ان ڪري جو اها پيپلز پارٽيءَ جي پراڻي روايت رهي آهي، تنهنڪري اهو ٿيڻو ئي هو. پر هڪ ڀيرو وري اپوزيشن جماعت مسلم ليگ نواز مني بجيٽ جي حوالي سان پنهنجا خدشا ڏيکاريا آهن. بظاهر ته اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته اپوزيشن جماعت ڪنهن به ريت مني بجيٽ پيش نه ڪرڻ ڏيندي پر اها ٺلهي ڳالهه آهي. ڇاڪاڻ ته حڪومت وٽ ميمبر پورا آهن ۽ ان کانسواءِ جڏهن اپوزيشن پارٽين کي به ڪٿان کان حڪم آيو ته اها بجيٽ پاس ڪرائڻ ۾ دير نه ڪندي.
ان حوالي سان (ن) ليگ جي صدر ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف مني بجيٽ کي قومي سلامتي، خود مختياري ۽ جمهوريت لاءِ خطرو قرار ڏئي ڇڏيو. ٻه ڏينهن اڳ جاري ڪيل بيان ۾ شهباز شريف چيو ته مني بجيٽ منظور ٿي ته پاڪستان جي معاشي خود مختياري هارائي ويندي. هن چيو ته سستي پاڪستان جي پروپئگنڊا ڪرڻ بدران مني بجيٽ واپس ورتي وڃي، اها بجيٽ حڪومت جي جيو اڪنامڪس جي تصور جي ابتڙ آهي. اپوزيشن ليڊر چيو ته مني بجيٽ بلڊوز ڪري منظور ڪئي وئي ته پاڪستان جي نئين اسٽيبلشمينٽ جو نالو آءِ ايم ايف هوندو. مهانگائيءَ جو علاج وڌيڪ مهانگائيءَ جي ڪڙي گوري سان ڪرڻ بيوقوفي ۽ ظلم جي انتها هوندي. عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمت گهٽ ٿيڻ باوجود عوام کي رليف ناهي ڏنو ويو. سندس چوڻ هو ته مني بجيٽ پاڪستان جي مفاد ۾ ناهي، اپوزيشن ڀرپور طاقت سان ان کي روڪيندي، مني بجيٽ روڪڻ جي حڪمت عملي تي ڪم ڪري رهيا آهيون، انشاءَ الله ڪامياب ٿينداسين. اپوزيشن پارٽين کي پهرين پنهنجون صفون درست ڪرڻ گهرجن. ڇاڪاڻ ته اها هن وقت تائين اهو به طئي نه ڪري سگهي آهي ته هاڻوڪي حڪومت خلاف جيڪو سياسي محاذ تيار ڪرڻو آهي، اهو ڪهڙي ريت تيار ڪرڻو آهي. پي ڊي ايم جي اتحاد ۾ به اهو ئي نظر ايندو آهي ته ڪهڙي ريت ان ۾ شامل پارٽيون ڪنهن هڪ نقطي تي راضي نه ٿي سگهنديون آهن. هاڻوڪي حڪومت ته اهو طئي ڪري ورتو آهي ته اها عوام کي سک جو ساهه کڻڻ نه ڏيندي پر اپوزيشن به جيڪڏهن ايتري ڪمزور ۽ ڀاڙي هجي ته پوءِ حڪومت لاءِ پنهنجي مرضيءَ جا فيصلا ڪرڻ سولو ٿي ويندو آهي. تنهنڪري اهو چوڻ ته اسين بجيٽ پاس ٿيڻ نه ڏينداسين، بيان جي حد تائين بهتر ڳالهه لڳي ٿي پر ان جو حقيقت سان ڪوبه واسطو ناهي.
اسين سمجهون ٿا ته مني بجيٽ پاس ٿيڻ سان عوام لاءِ ٻٽو عذاب ايندو، ان سان عام استعمال جي شين جا اگهه به وڌي ويندا پر اپوزيشن رڳو لفظن جي راند نه رهي پر عوام کي رليف ڏيارڻ لاءِ عملي ڪم ڪري ڏيکاري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button