سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ گرفتار استاد جي آزادي لائي گسٽا جو احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻي ۾ گسٽا تعلقي يونٽ طرفان ڪرپشن ڪيس ۾ سينٽ جوزف هاءِ اسڪول جي گرفتار ٿيل استاد سجاد حسين جعفري جي آزادي لاءِ ڪالهھ يارهين ڏينهن به پريس ڪلب اڳيان علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، جڏهن ته احتجاج جو پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت نوٽيس وٺندي پ پ پ تعلقي باقراڻي جي صدر طارق انور سيال کي احتجاج ڪندڙ استادن ڏانهن ڳالهيون ڪرڻ لاءِ موڪليو، جنهن ڳالهين بعد استادن کي مسئلو حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي، اهڙي خاطري تي استادن طرفان احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي طارق انور سيال چيو ته استادن کي يقين ٿو ڏياريان ته بي فڪر ٿيو توهان جا مسئلا حل ڪرايا ويندا، استاد جيڪڏهن روڊن تي اچي احتجاج ڪندا ته نئين نسل جي تعليم متاثر ٿيندي، استادن سان زيادتي ٿيڻ نه ڏينداسين. هوڏانهن احتجاج ڪندڙ استادن عبدالصمد کوکر، حاجي خان جانوري، جليل ميمڻ، گل محمد کهاوڙ، نظر محمد مغيري، عبدالقيوم قريشي، جواد جعفري ۽ ٻين چيو ته پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت احتجاج جو نوٽيس وٺندي طارق انور سيال اسان ڏانهن موڪليو، جنهن يقين ڏياريو ته اينٽي ڪرپشن انسپيڪٽر عبدالستار چانڊيو کي هٽائي ايماندار آفيسر کي مقرر ڪري استاد سجاد جعفري مٿان ڪرپشن ڪيس واري معاملي جي سٺي نموني جاچ ڪرائي ويندي ۽ بيگناهه گرفتار استاد سجاد جعفري کي آزاد ڪرايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button