سنڌ

”تحفظ ڏنو وڃي“ حيدرآباد واسي جوڙي جو لاڙڪاڻي ۾ احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ حيدرآباد واسڻ ناري پنهنجي مڙس سان گڏجي موتمار ڌمڪيون ملڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي تحفظ جي گهر ڪئي. ان موقعي تي حيدرآباد جي بئراج ڪالوني واسڻ ناري ڊاڪٽر سمبل لغاري پنهنجي مڙس عامر حسين لاشاري سان گڏجي دانهيندي چيو ته 7 نومبر تي گهران نڪري لاڙڪاڻي پهچي پسند جي شادي ڪئي آهي، جنهن ڳالهه تان ڪاوڙجي منهنجي ما ريحانه خاتون، مامو نياز لغاري، پڦاٽ عرفان حيدر لغاري، ماروٽ آصف لغاري ۽ ٻيا قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جن حيدرآباد جي هٽڙي ٿاڻي تي منهنجي اغوا جو ڪوڙو ڪيس مڙس عامر لاشاري ۽ سندس مائٽن مٿان داخل ڪرايو آهي، جنهن ڪيس جي آڙ ۾ هٽڙي پوليس مڙس ۽ سندس گهرڀاتين کي تنگ ڪري رهي آهي. هن چيو ته مونکي ڪنهن اغوا ناهي ڪيو، پنهنجي مرضي موجب عامر لاشاري سان شادي ڪئي آهي، پر مائٽ اسان ٻنهي جا دشمن بڻجي ويا آهن، جن مان زندگين کي خطرو آهي، اسان وس وارين اختيارين کي اپيل ٿا ڪريون ته نوٽيس وٺي اسان کي تحفظ ڏيڻ سميت هٽڙي ٿاڻي تي داخل ڪيس ختم ڪري انصاف ڏياريو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button