سنڌ

نئون ديرو ويجهو لطيف شاهه جو ميلو، ملاکڙي جا دلچسپ مقابلا

نئون ديرو ويجهو لطيف شاهه جو ميلو شروع ٿي ويو، ان موقعي تي ملاکڙي دوران ملھه پھلوان علي نواز ناريجو، اسر ابڙو، اسماعيل ٻرڙو شعبان شر، راجا شر، شڪور شيدي جي جانٽن ۽ گرن آڏو مخالف پاڻ بچائي نه سگهڻ سبب دسجي ميدان مان آئوٽ ٿي ويا. گادي نشين سيد روشن علي شاهه، سيٺ ڀاڳچند ۽ ٻين ملھه جي ڪامياب پھلوانن کي انعام سان داد ڏيندا رھيا، جڏھن ته ميلي ۾ مٺائي، رانديڪن، ڦرڻين ۽ موت جي کوهه تي ٻارڙن جي رش لڳل نظر آئي. سيد روشن علي شاهه چيو ته وڏڙن کان وٺي ھي ميلو ڪرائيندا پيا اچون، ھي ميلو تفريح سان گڏ اسان جي ثقافت به آھي. پ پ اڳواڻ محمد اسحاق چنا چيو ته ڀرپاسي جا ماڻھو اچن ٿا ميلي ۾ مدد ڪن ٿا ۽ ھي نج عوامي ميلو آھي. علي نواز ناريجو چيو ته راندين واري کاتي ۾ شامل ڪرڻ باوجود سار نه پئي لڌي وڃي، ڪرڪيٽ، فٽبال، هاڪي جي رانديگرن کي انعام، نوڪريون ۽ گهر ڏنا وڃن. سماعيل ٻرڙو چيو ته ھزارين تعداد ۾ ملھه جا شوقين ميلو ڏسڻ اچن ٿا سرڪار جي ڪابه سرپرستي ناھي، ھن ثقافتي راند کي سرڪار ھٿي وٺرائي. نذير ميربحر چيو ته اسپورٽس سيڪريٽري ڪاغذ وٺڻ باوجود ضلعي ڪوچ مقرر نه ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button