رانديون

ويسٽ انڊيز جي ٽيم ڪرونا ۾ مبتلا رانديگر ڇڏي ڏيهه هلي وئي

ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيم ڪرونا ۾ مبتلا رانديگر آفيشلز کي پاڪستان ۾ ئي ڇڏي ڏيهه هلي وئي آهي. ميڊيا مطابق ون ڊي سيريز ملتوي ٿيڻ بعد 21 رڪني اسڪواڊ مان 6 رانديگر ڪرونا سبب پاڪستان ۾ ڪورنٽائين ٿي ويا آهن، جن کي ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ ترسايو ويو آهي. پي سي بي جي ترجمان موجب ڪرونا مثبت آيلن ۾ 6 رانديگر ۽ 3 آفيشلز شامل آهن، باقي 20 رانديگر ۽ آفيشلز جهاز ۾ چڙهي ڏيهه هليا ويا آهن. ترجمان جو چوڻ هو تھ ويسٽ انڊيز جو 20 رڪني اسڪواڊ صبح سوير ڏيهه روانو ٿيو. جڏهن تھ ڪرونا ۾ مبتلا 9 ڄڻا ڪرونا ٽيسٽ نيگيٽو اچڻ ۽ ڪورنٽائين مدو پورو ٿيڻ بعد واپس ويندا. هوڏانهن پي سي بي جي هدايتن تي پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز ۾ ون ڊي سيريز ملتوي ٿيڻ بعد شوقينن کي ٽڪيٽون واپس ڪرڻ جو فيصلو ٿيو آهي، جنهن لا خانگي ڪمپني شيڊول پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي تھ ٽڪيٽن جا پيسا 3 کان 4 ڏينهن ۾ واپس ڪيا ويندا، پر جيڪي ماڻهو ٽڪيٽون رکڻ چاهين اهي ري شيڊول دوري ۾ بھ ڪم اچي سگهنديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button