ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ ۾ پاڻي کوٽ

Editorial

سنڌ پاڻي کوٽ جي حوالي سان سدائين دانهون ڪندي رهندي آهي، پر تنهن هوندي به سندس آواز کي ٻڌو نه ويندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾نه رڳو پاڻيءَ جي کوٽ سبب آبادگار پريشانيءَ کي منهن ڏيندا آهن پر عام ماڻهو به ان کوٽ کي برداشت ڪندو رهندو آهي. وفاقي حڪومت سنڌ کي ان جي حصي جو پاڻي ڏيارڻ تي ڪو ڪردار ادا نه ڪندي آهي پر جڏهن سنڌ پنهنجي حصي جو پاڻي گهرندي آهي ته اهو چيو ويندو آهي ته سنڌ کي ان جي حصي جو پاڻي ملي رهيو آهي پر سنڌ ۾ پاڻي چوري ٿي رهيو آهي. جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته وفاق ۽ ارسا سنڌ کي پاڻي فراهم ڪرڻ ۾ ڪيترا سنجيده آهن. اڳ ته سنڌ جا وزير سنڌ ۾ پاڻي کوٽ لاءِ دانهيندا هئا پر هاڻ ته وفاقي صلاحڪار به اهو اعتراف ڪري رهيو آهي ته سنڌ ۾ پاڻي کوٽ آهي.
پاڻي وسيلن بابت وفاقي وزارت جي صلاحڪار ۽ پاڪستان واٽر پارٽنرشپ جي سي اي او محمد طارق چيو آهي ته پاڻي جي کوٽ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ آهي ۽ انهيءَ کوٽ کي بهتر منصوبابندي سان ئي منهن ڏيئي سگهجي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ صوبو جيئن ته دريا جي پڇاڙ ۾ اچڻ جي ڪري پاڻي جي وڌيڪ کوٽ کي منهن ڏيئي رهيو آهي، جنهن کي پڻ بهتر بنائڻ لاءِ سنڌ جي آبادگارن ۽ ڪئنالن جي بهتر انتظام ڪاري سان پاڻيءَ جي کوٽ تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. ان سلسلي ۾ پاڪستان واٽر پارٽنرشپ پاران گلوبل واٽر پارٽنرشپ جي فني مدد سان پاڻي جي سرڪاري ادارن کي آگاهي ۽ فني سکيا ڏني ويندي. نارا ڪينال ايريا واٽر پارٽنرشپ پاران پاڪستان واٽر پارٽنرشپ ۽ ايگريڪلچر ڊپارٽمينٽ جي گڏيل سهڪار سان پاڻيءَ جي وسيلن جي بهتر انتظامڪاري ۽ موسمياتي تبديلين سان ٺهڪي ايندڙ فصلن متعلق مشوارتي گڏجاڻي سيڪريٽري ايگريڪلچر جي ڪاميٽي روم ۾ ٿي گذري. پروگرام جي صدارت سيڪريٽري زراعت سنڌ پرويز احمد سيهڙ ڪئي ۽ پروگرام جو مهمان خاص پاڻي وسيلن بابت وفاقي صلاحڪار ۽ پاڪستان واٽر پارٽنرشپ جي سي اي او محمد طارق هو. پروگرام جي شروعات ۾ حميده مسعود شاهه چيئرپرسن نارا ڪينال ايريا واٽر پارٽنرشپ ۽ ڊائريڪٽر پاڪستان واٽر پارٽنرشپ آجياڻو ڏنو ۽ چيو ته ڪئنال ايريا واٽر پارٽنرشپ سنڌ ۾ پاڻي جي انتظامڪاري ۽ زرعي سڌارن تي ڪم ڪري رهيو آهي ۽ آبادگارن توڙي سرڪاري ۽ غيرسرڪاري ادارن جي تربيتي سکيا لاءِ آگاهي ۽ مشاورتي گڏجاڻين جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.
اسين سمجهون ٿا ته سنڌ ۾ پاڻي کوٽ جو مسئلو بنهه گهڻو سنجيده آهي، تنهنڪري ان پاسي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، ان لاءِ ضروري آهي ته وفاق سنڌ جي مطالبي کي مانُ ڏيندي سندس ڳالهه ٻڌي ۽ سنڌ ۾پاڻيءَ جي کوٽ کي حل ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار نڀائي ته جيئن سنڌ جي زرعي معيشت بحال ٿي سگهي ۽ ماڻهو معاشي طور خوشحال ٿي سگهن.

راڻي باغ بابت ڪورٽ جا خدشا
دنيا ۾ جيڪي به راڻي باغ آهن، انهن ۾ نه رڳو جانور دوست ماحول کي هٿي ڏني ويندي آهي پر اتي انهن جي هر قسم جي ضرورت جو خيال پڻ رکيو ويندو آهي، پر اسان جي ملڪ ۾ جيڪي به چڙيا گهر آهن، اهي جانورن لاءِ قيد خانا بڻجي ويا آهن، جنهن جي ڪري جانور اتي گهڻو عرصو جيئرا نه رهي سگهندا آهن. اسان جي سامهون ڪراچيءَ جي چڙيا گهر جو مثال هڪ تازو مثال آهي، جتي هڪ شينهن مري ويو. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اتي ٻين جانورن سان ڪهڙي حالت هوندي. تازو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ به ان معاملي تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ملڪ جي چڙيا گهرن جي قانوني حيثيت تي سوال اٿاري ڇڏيا. عدالت اڻلڀ بازن جي ايڪسپورٽ خلاف داخل ڪيل درخواست تي شنوائي ڪئي. عدالت فالڪنز ايڪسپورٽ روڪڻ واري حڪم ۾ جنوريءَ جي ٻئي هفتي تائين واڌ ڪري ڇڏي. چيف جسٽس اطهر من الله جو چوڻ هو ته راڻي باغ آهن ئي غير قانوني ته انهن ۾ رکڻ لاءِ جانور ڪيئن ٿا گهرائي سگهجن؟ جانور پڃرن ۾ بند رکڻ لاءِ ناهن هوندا، انسانن جي تفريح لاءِ جانورن کي درآمد ڪري قيد ۾نٿو رکي سگهجي. چيف جسٽس چيو ته عدالت راڻي باغن بابت اڳ ئي فيصلو ڏئي چڪي آهي، جيڪو عالمي سطح تي حوالو بڻجي چڪو آهي. نيو يارڪ جي سپريم ڪورٽ ۾ عدالتي مددگار اسان جي فيصلي جو حوالي ڏئي رهيا آهن. موسمياتي تبديلي واري وزارت ايندڙ شنوائي تي جواب ڏئي ته ان فيصلي راڻي باغن جي قانوني حيثيت ڇا آهي. موسمياتي تبديلي واري وزارت جي نمائندن جواب ڏنو ته عدالتي فيصلي بعد راڻي باغ موجود رهڻ جي ڪا گنجائش ناهي. عدالت ڪيس جي وڌيڪ شنوائي جنوري جي ٻئي هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
اسين سمجهون ٿا ته جتي جتي به ملڪ ۾ راڻي باغ قائم ڪيا ويا آهن، اتي جانورن لاءِ بهتري سهولتون فراهم ڪيون وڃن. ان کانسواءِ انهن جي علاج معالجي به خيال رکيو وڃي ۽ گڏوگڏ انهن جي رهڻ لاءِ بهتر ماحول ٺاهيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button