اسلام آبادپاڪستان

40 لک افغاني اڳ موجود،وڌيڪ بار برداشت نٿا ڪري سگهون:فواد چوڌري

اسلام آباد: سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چوڌري فواد چيو آهي ته جڏهن به نوازشريف يا مريم نواز جو ڪيس هليو ته ان کان پهريان ڪائي آڊيو يا وڊيو ٽيپ ليڪ ٿي وڃي ٿي، جنهن جو مقصد عدالتن مٿان دٻاءُ وجهڻ هوندو آهي. ڀارت سان ڪي به لاڳاپا نه آهن، مودي جي نظريي جي ڪري پورو خطي متاثر آهي. عمران خان واحد ليڊر آهي جنهن جو سڄي ملڪ ۾ ووٽ بئنڪ آهي، پنجاب ۾ اصل مقابلو پي ٽي آئي ۽ (ن) ليگ ۾ ٿيندو. سنڌ ۾ پيپلزپارٽي ۽ پي ٽي آئي سان مقابلو ٿيندو. باقي صرف مهمان اداڪار طور ايندا. فيڪ نيوز تي ايڪشن ٿيڻ گهرجي، ان حوالي سان بل تيار ڪيو. ميڊيا جي احتجاج سبب ان ۾ دير ٿي. قانونن کان سواءِ مسئلا حل نه ٿيندا. چوڌري فواد حسين سياسي منطرنامي جي حوالي سان ٽيوٽر اسپيس تي ٽيوٽر صارفين سان ڳالهائيندي چيو ته پي ٽي آئي واحد جماعت آهي جيڪا سڄي ملڪ ۾ اميدوار بيهاري سگهي ٿي. 1100 کان وڌيڪ سيٽن تي اليڪشن ٿيڻي آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته مريم نواز جي آخري ٻڌڻي 17هون ڀيرو ملتوي ٿي، اهڙي طرح نوازشريف ۽ زرداري جي ڪيسن ۾ به فيصلو نه پيو ٿئي ڇو ته هي ماڻهو پنهنجن ڪيسن جا فيصلا ئي نٿا ٿيڻ ڏين. وفاقي وزير چيو ته چاليهه لک افغان شهري پهريان ئي هتي موجود آهن، اسان جي معيشت وڌيڪ بار برداشت نٿي ڪري سگهي. او آئي سي ڪانفرنس ۾ افغانستان جي صورتحال غور هيٺ ايندي. چوڌري فواد چيو ته اورسيز پاڪستانيز لاءِ نادرا هڪ اپليڪيشن تيار ڪري رهيو آهي جنهن موجب اورسيز پاڪستانيز جي ووٽ جي تصديق ڪئي ويندي. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي وي اسپورٽس کي ڊجيٽل ڪرڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي اي پي پي کي رائٽرز ۽ اي ايف پي نموني ڊجيٽل نيوز ايجنسي بڻايو جلد پي ٽي وي فلمون شروع ڪري رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button