ڪراچي: ڪراچي ۾ هلندڙ قائداعظم ٽرافي ۾ ناردرن جي نمائندگي ڪندڙ محمد حريره ٽرپل سينچري اسڪور ڪئي آهي. محمد حريره قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ آل رائونڊر شعيب ملڪ جو ڀائيٽيو آهي، جنهن اسٽيٽ بئنڪ گرائونڊ ۾ بلوچستان خلاف صرف 327 بالن تي 300 رنسون اسڪور ڪري ايوارڊ حاصل ڪيو آهي.
19 ورهين جو محمد حريره فرسٽ ڪلاس ٽرپل سينچري اسڪور ڪندڙ ننڍي عمر جو ٻيون پاڪستاني نوجوان آهي، جڏهن ته حريره جي ٽرپل سينچري موجوده سيزن جي ٻي ٽرپل سينچري آهي. مجموعي طور تي نوجوان بيٽسمين محمد حريره دنيا جو اٺون ننڍي عمر ۾ ٽريپل سينچري ٺاهيندڙ آهي، جڏهن ته جاويد ميانداد 17 سالن جي عمر ۾ ٽرپل سينچري اسڪور ڪندڙ سڀ کان ننڍي عمر جو رانديگر آهي.