رانديون

عابد علي جي دل ۾ ٻيو اسٽنٽ اڄ وڌو ويندو

پاڪستاني ڪرڪيٽر عابد علي جي ٻيهر انجيوپلاسٽي ڪري دل ۾ ٻيو اسٽنٽ اڄ وڌو ويندو. ميڊيا مطابق خانگي اسپتال ۾ داخل ڪيل ڪرڪيٽر عابد علي جي دل جي ٻن شريانين ۾ رڪاوٽ جي نشاندهي بعد علاج شروع ڪيو ويو آهي. هڪ ڏينهن اڳ بھ سندس دل جي انجيوگرافي ۽ انجيوپلاسٽي ڪري هڪ اسٽنٽ وڌو ويو هو. جڏهن تھ اڄ ٻيهر انجيوپلاسٽي ذريعي سندس دل ۾ ٻيو اسٽنٽ وڌو ويندو. هوڏانهن عابد علي اسپتال مان وڊيو ذريعي بهتر صحت جي آگاهي ڏني آهي. هن ٻڌايو تھ مان هاڻ ٺيڪ آهيان، دوستن ۽ مداحن جي ڳڻتي ۽ دعائن جو ٿورائتو آهيان.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button