ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مھانگائي، اقتصادي تباھي ۽ نفرت جو ڪاروبار

Editorial-Article- Mohammad Khan Sial

ڪنھن به ملڪ جي ڪارڪردگيءَ لا اھو ضروري آھي ته عوام جي ڀلائيءَ خاطر، ڏکين حالتن باوجود ملڪ اندر مھانگائيءَ تي ڪنٽرول ڪجي، لاڳيتي اقتصادي تباھي نه آڻجي ۽ اھم ڳالهھ ته ملڪ اندر نفرت جو ڪاروبار زورن تي ھرگز نه ٿيڻ ڏجي. ھونئن به سياسي مخالف پارٽين خلاف تنقيد ڀلي ڪجي پر نفرت جو ڪاروبار بلڪل نه ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان وڇوٽيون زوردار وڌي وينديون آھن جيڪي اڳتي ھلي ملڪ لا ھاڃيڪار ثابت ٿي سگهن ٿيون. اھڙين زيادتين جي ڪري ملڪ کي جھجهو نقصان به پھچندو آھي ۽ ملڪ به ٽٽي پوندو آھي.
جيڪڏھن ملڪ جو ڪوبه حڪمران عوام جي ڀلائيءَ لا جدوجھد ڪونه ڪندو ۽ رڳو مخالف ڌر خلاف نفرت جو ڪاروبار جاري رکڻ لا ڪات ڪھاڙا کڻي گهمندو رھندو ته انھيءَ ۾ ملڪ جي ترقي توڙي عوام جي ڀلائيءَ جو راز سمايل ھرگز ڪونه ھوندو ۽ عوام ان جو دل جي گهراين سان آجيان به ڪونه ڪندو. اصل ۾ اھڙا ملڪ ته تباھيءَ ڏانھن وڌندا رھندا آھن تنھنڪري وفاقي سرڪار لا ضروري آھي ته مخالف ڌُر خلاف سکڻن ۽ اعتراض جوڳن بيانن کي لاڳيتو جاري رکڻ ۽ بار بار اھميت ڏيڻ کان بھتر آھي ته عوام جي اصلي ڀلائيءَ لاءِ به باقاعدي ڪارناما ڪجن، پوءِ ڀلي مخالف سياستدان وقتي طور کڻي نه مڃن پر عوام اھڙن ڀلائيءَ وارن ڪارنامن کي اڳتي ھلي ضرور مڃيندو آھي.
اسان جي اڳيان شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي جو مثال آھي. اھا پنھنجي جاءِ تي سچائي آھي ته شھيد ڀُٽو، پاڪستان ٽٽڻ يعني 16 ڊسمبر 1971 واري ڏينھن تي پاڪستان طرفان ڍاڪا ۾ ڀارتي فوج آڏو ھٿيار ڦٽا ڪرڻ کان ڪجھه ڏينھن پوءِ ئي اقتدار سنڀاليو ھو پر ڪيترا ذھني مريض فيسبوڪ تي ڪوڙي پروپئگنڊا ڪندا رھندا آھن ته شھيد ڀٽي جي دور ۾ پاڪستان ڀارت اڳيان ھٿيار ڦٽا ڪري شڪست مڃي ھئي.
اھا پنھنجي جاءِ تي سچائي آھي ته ھاڻي وفاقي سرڪار جا حڪمران سکڻن بيانن ذريعي ملڪ کي ھلائڻ جون بار بار ڪوششون ڪري رھيا آھن جنھن ۾ ھو بنيادي طور تي سخت ناڪامياب ثابت ٿيا آھن. وفاقي سرڪار کي چوٿون سال ھلندڙ آھي پر اھا سچائي آھي ته انھيءَ عرصي دوران بار بار مھانگائي ۽ لاڳيتي بي روزگاري ڳاٽي ٽوڙ بڻجي وئي آھي. نه رڳو ايترو پر ملڪ جي اقتصاديات به زوردار تباھيءَ کي منھن ڏئي رھي آھي. عمران خان سرڪار طرفان، ملڪ جي ڪرنسيءَ جو ملھه گهڻو گهٽائڻ سبب، پرڏيھي قرض اڳ ئي ٻيڻا ٿي ويا آھن ۽ ڊالر به ٿلھي ليکي وڃي 180 رپين تائين پھتو آھي.
وزيراعظم عمران خان جون وزيراعظم ٿيڻ کان اڳ کوڙ وڊيو وائرل آھن. ھو پنھنجن تقريرن ۾ شھيد ذوالفقارعلي ڀُٽي جي تقريرن جي ڪاپي ڪندو رھندو ھو ۽ سندس ھمدرد به ھو. مون سندس ڪيترا وڊيو ڏٺا ھئا پر وزيراعظم بڻجڻ کانپو روايتي بولاٽي کائي بدلجي ويو آھي جيتوڻيڪ ڪجھه وقت اڳ ھن پاڻ به مڃيو ھو ته مان “يوٽرن” اختيار ڪندو رھندو آھيان. سندس اھڙا بيان به ميڊيا ۾ ڇپيل آھن.
تازو وزيراعظم عمران خان بيان ڏنو آھي ته پاڪستان جي بدحاليءَ جا ذميدار ڀٽو ۽ نواز شريف خاندان آھن. ڀٽو ۽ شريف خاندانن ٻنھي وسيلن جو ناجائز استعمال ڪيو آھي. ڪرپشن ملڪ کي تباھه ڪري ڇڏيو آھي. سندس دعوا موجب مان اڳوڻن وزيراعظم شھيد بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف کي سڃاڻيندو ھوس، ٻيئي ڪرپٽ ھئا جڏھن انھن کي اقتدار مليو ته انھن پيسا ٺاھڻ شروع ڪيا ۽ منھنجي حڪومت ۾ ڪوبه ڪرپٽ ناھي. الجزيرا عرب کي انٽرويو ڏيندي عمران خان اھڙيون دعوائون ڪيون آھن. وزيراعظم اھا به دعوى ڪئي آھي ته مون چيو ھو ته 90 ڏينھن ۾ ڪرپشن ختم ڪري ڇڏيندس، منھنجي سرڪار ۾ ڪوبه ڪرپٽ ناھي. منھنجي ليکڪ طور ڇنڊڇاڻ موجب وزيراعظم ڪرپشن جي خاتمي واري جيڪا دعوى ڪئي آھي سا کل جوڳي آھي ۽ ان جو سچائيءَ سان پري جو به واسطو ڪونھي.
ھونئن به عمران خان جا تڪراري بيان پڙھي ڏاڍو افسوس ٿئي ٿو. ھڪ ته وزيراعظم شھيد بينظير ڀُٽي جون عوام لاءِ عاليشان خدمتون ھيون جو مخالف ڌر وارا به شھيد ڀُٽي سان گڏ سندس واکاڻ ڪندا رھندا آھن. عمران خان جو شھيد بينظير ڀُٽي تي ڪرپشن جو الزام لڳائڻ وڏي زيادتي ۽ ظلم آھي. وري عمران خان جي اھا به انوکي دعوا آھي ته سندس حڪومت ۾ رشوت بلڪل بند آھي جڏھن ته سچائي اھا آھي ته بين الاقوامي ادارا، پاڪستان ۾ رشوت سندس دور ۾ سڀ کان وڌيڪ بيان ڪندا رھندا آھن جن جو حوالو اسان پنھنجن ڪالمن ۾ اڳ به ڏئي چڪا آھيون. اھا وفاقي سرڪار جي وڏي زيادتي آھي جنھن ملڪ کي ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي، بي روزگاري، ڊالر جي ڀيٽ ۾ اگھه گهٽائي قرض وٺي، بار ٻيڻو ڪرڻ ۽ اھڙا کوڙ اعتراض جوڳا قدم کنيا آھن. ٻيو ته ٺھيو پر سنڌ سڀني صوبن کان وڌيڪ وفاق کي آمدني ڏيندي آھي پر وفاقي سرڪار سنڌ کي مناسب جائز حصو مڪمل طور ناھي ڏيندي. جڏھن ته گذريل ساڍن ٽن ورھين کان سندس کليو کلايو رويو سنڌ سان ناانصافي ۽ ظلم وارو آھي.
منھنجي ذاتي ڇنڊڇاڻ موجب، وفاق جون دعوائون رڳو شھيد ڀُٽي ۽ نواز شريف تي الزام ھڻڻ سان ختم نه ٿيون ٿين پر ملڪ جا ٻيا ڊڪٽيٽر يعني ٻه سربراھه اٽڪل ويھه سال اقتدار ۾ رھيا آھن، انھن جو رويو کليو کلايو ملڪ جي عوام سان عام طور پر سنڌ جي عوام سان خاص طور نفرت وارو رھيو ھو. اھا اچرج جهڙي ڳالهھ آھي ته وزيراعظم عمران خان ٻن ڊڪٽيٽرن مرحوم جنرل ضياءُالحق ۽ جنرل (ر) پرويز مشرف جي عوام دشمنيءَ خلاف بيان نٿو ڏئي. اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ، جنرل مشرف خلاف ڪجھه بيان ميڊيا موجب ڏنا ھئائين پر پاڻ اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ اھو سندس لاءِ ھيرو بڻجي ويو آھي. ڪجھه وقت اڳ، جنرل (ر) پرويز مشرف لاءِ عدالت موت جي سزا جاري ڪئي ته ان کي ناڪام بڻائڻ لاءِ مختلف اٽڪلون ڪم آنديون ويون ۽ ان ۾ ڪامياب به ٿيا. عمران خان ته سال 2002 ۾ جنرل (ر) مشرف کي سڄي ملڪ ۾ حاصل ڪيل اڪيلو ووٽ، سندس فائدي ۾ ڏنو ھو. عمران خان جي اھا دعوى ھئي ته مشرف کي بچاءُ جو موقعو نه ڏنو ويو. منھنجو تبصرو: ڀلا 6 ورهين ۾ 125 شنوايون ڇا هيون؟ ايمنسٽي انٽرنيشنل عدالتي فيصلي تي ڄاڻايو ھو ته مشرف کي پنهنجي دور ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙيءَ جو جواب ڏيڻو پوندو، ڪوبه قانون کان مٿاهون ناهي.
بھرحال، بي بي سي جي خبر موجب عمران خان وڊيو ۾ چيو هو: “مان مشرف کي نه ٿو مڃان، مشرف ملڪ جو سڀ کان وڏو غدار آهي” پر افسوس اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ، مشرف جي عوام دشمنيءَ جو عام طور حوالو به نٿو ڏئي. سندس بيانن مان اھو عام تاثر آھي ته کيس شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي، اڳوڻي وزيراعظم شھيد بينظير ڀُٽي ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان نفرت آھي. ھتي ھڪ ڀيرو وري به سمجهاڻي ڏيڻ ضروري آھي ته جائز تنقيد ڪرڻ ۽ نفرت ڪرڻ ۾ زمين آسمان جو فرق ھوندو آھي.
منھنجي سينيئر ڪالمسٽ طور ڇنڊڇاڻ آھي ته عمران خان سرڪار جي ساڍن ٽن ورھين جي ڪارڪردگيءَ کي ڏسي اھو چئي سگهجي ٿو ته ھاڻوڪي وفاقي سرڪار جنھنجون سنڌ کي ڇڏي رھيل ٽن صوبن ۾ به حڪومتون آھن سا ملڪ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي نااھل ثابت ٿي رھي آھي. کين ٻڌائڻ ضرور آھي ته ھاڻوڪي سرڪار، ملڪ جي سڄي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ ناڪام ۽ عوام دشمن ثابت ٿي آھي جنھن کي قوم سڄي حياتي معاف ڪونه ڪندي. ڀلي نوٽ ڪريو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button