پاڪستان

هر وقت تيار رهڻ سان ڪنهن به خطري کي منهن ڏئي سگهجي ٿو: آرمي چيف

راولپنڊي: پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته مسلسل تيار رهڻ سان ڪنهن به خطري کي منهن ڏئي سگهجي ٿو. پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ڪنٽرول لائن جي اڳين مورچن جو دورو ڪيو، ايل او سي پهچڻ تي ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد مرزا آرمي چيف جو استقبال ڪيو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا کي ڪنٽرول لائن جي علائقي جي زميني صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي، کيس جٿن جي پيشوراڻين تيارين بابت به آگاهه ڪيو ويو. ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ڪوٽ ڪوٽيرا سيڪٽر ۾ مقرر فوجي جوانن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ جوانن جي جنگي تيارين سميت حوصلي جي واکاڻ ڪندي چيو ته ايل او سي تي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ حڪمت عملي اهم آهي، مسلسل تيار رهڻ سان سمورن خطرن کي منهن ڏئي سگهجي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button