اسرائيل جي 1982 ۾ لبنان تي حملي جو مقصد لبنان ۽ خاص طور بيروت مان فلسطينين جي سياسي ۽ فوجي موجودگي کي ختم ڪرڻ هو. هڪ ڊگھي عرصي تائين بيروت ڄڻ محاصري ۾ هو. هوا ۽ سمنڊ مان لاڳيتو شهر تي حملا جاري هئا. شهر جو پاڻي بند ڪيو ويو هو. ان صورتحال ۾ دانشورن، شاعرن ۽ ليکڪن جو ڇا ڪردار هئڻ گھرجي. اهو هڪ بحث جو موضوع هو. ان وقت فلسطين جو ناميارو شاعر محمود درويش بيروت ۾ موجود هو. هو پنهنجي فليٽ مان ان سڀڪجھه کي ڏسي ٿو. پنهنجي ڪتاب Memory for Forgetfulness ۾ هو تفصيل سان پنهنجو موقف پيش ڪري ٿو ته انهن حالتن ۾ دانشورن جو ڪردار ڇا هئڻ گھرجي. هو پنهنجي هڪ دوست شاعر سان ملڻ چاهي ٿو جيڪو اڃا لکي پيو. هو سندس هوٽل وڃي ٿو ۽ ساڻس ملي ٿو. اتي هڪ ٻيو دوست به اچي ٿو. ان کي هو پنهنجي شاعر دوست متعلق ٻڌائي ٿو ته هو اڃا لکي ٿو. هو کانئس پڇي ٿو ته تون ڇا پيو ڪرين ته هو کيس جواب ڏئي ٿو ته آئون خاموش آهيان، هن وقت بندوق ۽ هٿيار ڳالهائين ٿا.
هوٽل ڪموڊور ۾ هڪ آمريڪي صحافي کانئس اهو ساڳيو سوال ڪري ٿو ته تون هن جنگ ۾ ڇا لکي رهيو آهين ته هو کيس جواب ڏئي ٿو ته آئون پنهنجي خاموشي لکي رهيو آهيان. صحافي وري کانئس پڇي ٿو ته ان جو مطلب آهي ته بندوقن ۽ توبن کي هاڻي ڳالهائڻ گھرجي. هو کيس جواب ڏئي ٿو ته ها انهن جو آواز مون کان وڌيڪ زوردار آهي. صحافي وري کانئس پڇي ٿو ته پوءِ تون ڇا پيو ڪرين؟ هو کيس جواب ڏئي ٿو ته آئون ماڻهن کي مضبوطي سان بيهڻ جو چئي رهيو آهيان. هو وري کانئس پڇي ٿو ته ڇا اوهان اها جنگ کٽندا؟ هو کيس جواب ڏيندي چئي ٿو نه، اصل ڳالهه مضبوطي سان بيهڻ آهي ۽ مضبوطي سان بيهڻ ئي اصل ۾ سوڀ آهي. هڪ ٻيو سوال ته ڪڏهين تون وري شاعري ڪرڻ شروع ڪندين ان جو جواب هو ڏئي ٿو ته جڏهين بندوقن جا آواز ٿورو ماٺ ٿيندا. جڏهين آئون پنهنجي خاموشي، جنهن ۾ اهي سڀ آواز آهن، کي ختم ڪندس. جڏهين مون کي مناسب ٻولي ملندي. هڪ ٻيو سوال ته مطلب ته هن وقت تنهنجو ڪو ڪردار ناهي؟ سندس جواب هجي ٿو ته نه شاعري ۾ هن وقت منهنجو ڪو ڪردار ناهي. منهنجو ڪردار نظم کان ٻاهر آهي. منهنجو ڪردار هن وقت هتي شهرين ۽ ويڙهاڪن سان گڏ هئڻ آهي.
هو ٻڌائي ٿو ته ڪجھه دانشورن ان موقعي کي پنهنجن مخالفن کان بدلي وٺڻ جو بهتر موقعو ڄاتو ۽ پنهنجن زهريلي قلمن جو رخ پنهنجن ساٿين جي ڇاتين ڏانهن ڪري ڇڏيو. اسان بيڪار ۾ رڙيون ڪندا رهياسين ته انهن فروعي معاملن کي ختم ڪيو. ليکڪن بيروت جو محاصرو ناهي ڪيو ۽ نه ئي انهن جي ڪري عمارتون پنهنجن رهائشين مٿان ڪريون آهن. ڏسجي ته بدترين لحاظ کان اوهان جون اهي لکڻيون ادب ناهن ۽ جيڪڏهين انهن کي بهتر طور ڏسجي ته اهي انٽي ايئر ڪرافٽ گن ناهن. انهن جو چوڻ آهي ته نه، اهو ليکڪ يا نظم جو آخري امتحان آهي ته آيا اها انقلابي آهي يا نه، اهو نظم يا ته هاڻي پيدا ٿيندو يا وري اهو پنهنجي پيدا ٿيڻ جو حق وڃائي ويهندو.
اسان کين چيڙائيندي چيو ته پوءِ اوهان هومر کي ايليد ۽ اوڊيسي لکڻ ڇو ڏني. ٽالسٽائي ۽ ٻين وڏن ليکڪن کي ڇو لکڻ ڏنو. ليکڪو هر ڪو ساڳي ريت پنهنجو ردعمل نه ٿو ڏئي. جيڪو هن وقت لکڻ چاهي ٿو ان کي هن وقت لکڻ ڏيو ۽ جيڪو پوءِ لکڻ چاهي ٿو ان کي پوءِ لکڻ ڏيو. جيڪڏهين اوهان مون کي اهو ڪجھه چوڻ جي اجازت ڏيو جيڪي آئون چوڻ چاهيان ٿو ته ڪنهن کي الزام ڏيڻ کانسواءِ آئون اهو چوندس ته زخمين، اڃايلن ۽ اهي جيڪي پاڻي، ماني ۽ اجھي جي ڳولها ۾ آهن انهن کي اوهان جي شاعري جي گھرج ناهي. ويڙهاڪ اوهان جي شاعري کي ليکين ئي نه ٿا. کپي ته ڳايو ياِ پنهنجي زبان بند رکو. اسان ان جنگ ۾ غير اهم آهيون. پر اهو اسان جي وس ۾ آهي ته اسان ماڻهن کي ٻيون خدمتون آڇي سگھون ٿا. هڪ ويهه لٽر پاڻي جو دٻو هڪ وڏي خدمت آهي. هن وقت پنهنجي تخليقي اظهار ۾ سونهن نه پر انساني ذميواري ڏيکارڻ جي ضرورت آهي. ان ڪري هاڻي ڪردار ڪشي گهڻي ٿي ويئي. ڀلا ڇا ٿي پيو ته هڪ نقاد جي حواسن جواب ڏيئي ڇڏيو ۽ هو بيروت ڇڏي ويو.
جيڪڏهين ڪو ڊراما نگار سڙڪ پار ڪرڻ کان ڊڄي ٿو ۽ ڪنهن شاعر پنهنجو سر وڃائي ڇڏيو آهي ته پوءِ ڇا ٿي پيو. اهو ان ڪري آهي ته اهو نقاد اوهان جي شاعري ۽ ڊرامن جو مداح نه هو ۽ اوهان ان کي محاصري ۾ رکيو هو ۽ هاڻي ان جي خلاف هرزه سرائي ڪري رهيا آهيو.
اسان ۾ جيڪي ثقافتي باقيات موجود آهن اهي جنگ جي للڪار کي هڪ اڀاريندڙ شعر سان ڳنڍين ٿيون. اهي باقيات شاعر جي ڪردار کي واقعن تي تبصرو ڪندڙ، جهاد لا اتساهيندڙ يا جنگ جو نامه نگار سمجھن ٿيون. عربي ادبي مزاج جنگ هلندي شاعري جو سوال ڪرڻ جو عادي بڻجي ويو آهي. هر ويڙهه وقت اهي اهو سوال اٿاريندا آهن ته نظم ڪٿي آهي. ڪنهن تاريخي سياق وسباق کان قطع نظر شاعري جو سياسي نظريو واقعن سان گڏوچڙ ٿي ويو آهي.
ان خاص لمحي ۾ جڏهين جنگي جهاز اسان کي ماري رهيا آهن اهي دانشور هڪ گم ٿيل همراهه جي پويان ڪاهي پيا آهن ۽ اهڙين نظمن جي گھر ڪري رهيا آهن جيڪي انهن جنگي جهازن جي برابري ڪري سگھن يا گھٽ ۾ گھٽ طاقت جي توازن کي هيٺ مٿي ڪري سگھن. نظم جيڪڏهين هاڻي تخليق نه ٿو ٿئي ته پوءِ ڪڏهين تخليق ٿيندو ۽ جيڪڏهين اهو پوءِ تخليق ٿئي ٿو ته ان جو هن وقت ڪهڙو فائدو ٿيندو. اهو سوال ساڳي وقت سولو ۽ ڏکيو به آهي جنهن جي لاءِ هڪ منجھيل جواب جي ضرورت آهي. جهڙي ريت اهو چوڻ جي اجازت ڏني وڃي ته هڪ نظم هڪ خاص جا، هڪ خاص ٻولي ۾ جنم وٺي ٿو پر اهو گلي ۽ ڪاغذ تائين نه ٿو پهچي. هڪ معصومانا سوال کي هڪ معصومانا جواب گھربل آهي سوائي ان ڳالهه جي ته پنهنجي ان ساٿ ۾ اها ان شاعر کي قتل ڪرڻ جي خواهش سان ڀرپور آهي جيڪو اهو پڌري ڪرڻ جي همت ڪري ٿو ته هو پنهنجي خاموشي لکي رهيو آهي.
اها هڪ سورهيائپ جي ڳالهه آهي ته انهن هوائي حملن دوران اسان ايترو وقت ڪڍي ٿا وٺون جو ان سڄي گپ شپ ڪرڻ لاءِ تيار هجون ۽ ان شاعر جي ڪردار جو بچاءُ ڪري سگھون جنهن جون لکڻيون ان ڪري منفرد آهن جو اهي حقيقي حالتن کي جيئن اهي ظاهر ٿين ٿيون اهي چٽين ٿيون. اهو سڀ ڪجھه اسان ان وقت ڪري رهيا آهيون جڏهين هر شي ڳالهائڻ بند ڪري ڇڏيو آهي، گڏيل تخليق جو اهڙو لمحو جڏهين ماڻهن جو رزميو پاڻ پنهنجي تاريخ ٺاهي رهيو آهي. بيروت سجاڳ ۽ تخليقي طور پاڻ لکي رهيو آهي. ان جا اصل شاعر ۽ ڳائڻا ان جا پنهنجا ماڻهو ۽ ويڙهاڪ آهن جن کي ڪنهن به ريت ڀڳل تارن واري سرندي سان مزي وٺڻ يا همت وٺڻ جي ضرورت ناهي. اهي اهڙي حقيقي لکڻين جي پيڙهه رکندڙ آهن جن جي سورهيائپ ۽ عجب ۾ وجھندڙ زندگين کي بيان ڪرڻ لاءِ هڪ ڊگھي عرصي تائين اها ٻولي نه ملي سگھندي. پوءِ ڀلا ڪيئن ڪا لکڻي، جنهن جي لاءِ ڪافي وقت گھرجي، ڪيئن ان ويڙهه ۾ اهڙو روپ وٺي سگھندي جنهن ۾ راڪيٽن جا سر هجن. پوءِ ڀلا ڪيئن روايتي شاعري، ۽ هن وقت سڄي شاعري روايتي آهي، ڪيئن ان شاعري کي بيان ڪري سگھندي جيڪا هڪ ٻرندڙ جبل جي پيٽ ۾ پلجي رهي آهي.
دانشورو صبر ڪريو. ڇاڪاڻ ته هن وقت زندگي ۽ موت جو مسئلو سڀ کان مٿانهون آهي. پنهنجن سڀني هٿيارن کي ويڙهه جي ميدان لاءِ مخصوص ڪرڻ ۽ پنهنجي وجود جو سوال هڪ آفاقي ۽ حقيقي صورت وٺي چڪو آهي. اهي شاعر ۽ شاعري جهڙن اخلاقي سوالن کان وڌيڪ اهم سوال آهن. اها ڳالهه وڌيڪ مناسب آهي ته اسان ان احساس کي مان ڏيون جيڪو ان وقت ظاهر ٿي رهيو آهي. انساني وجود جي هڪ ڪناري کان ٻئي ڪناري ۽ هڪ حالت کان ٻي حالت تائين منتقلي. اهو مناسب آهي ته روايتي شاعري کي اها ڄاڻ هئڻ گھرجي ته ان نئين تخليق جي موجودگي ۾ پنهنجي نماڻي خاموشي کي ڪيئن برقرار رکجي. جيڪڏهين دانشورن لاءِ گولي هلائڻ ضروري ٿي ٿو پئي ته کين پنهنجن پراڻن نظرين، پراڻن سوالن ۽ پنهنجي پراڻي اخلاقيات کي گولي هڻڻ گھرجي. هن وقت اسان بيان ڪندڙ کان وڌيڪ بيان ٿيندڙ واري حيثيت ۾ آهيون. اسان کي يا ته مڪمل طور پيدا ٿيڻو پوندو يا مڪمل طور مرڻو پوندو.
اسان جو پاڪستاني عظيم دوست فيض احمد فيض وري هڪ ٻئي سوال ۾ ورتل آهي. هو پڇي ٿو ته آرٽسٽ ڪٿي آهن؟ آئون موٽ ۾ کانئس پڇان ٿو ته ڪهڙا آرٽسٽ، فيض؟ بيروت جا آرٽسٽ. هو جواب ڏئي ٿو. آئون کانئس وري پڇان ٿو ته تون انهن کان ڇا چاهين ٿو؟ هو چئي ٿو ته ان جنگ کي شهر جي ديوارن تي چٽين. آئون رڙ ڪندي کيس چوان ٿو ته توکي ڇا ٿي ويو آهي. ڏسين نه ٿو ته اهي ديوارون ته لڏي رهيون آهن.
ليکڪ اهڙن ليکڪن ۽ دانشورن جو به ذڪر ڪيو آهي جن ان جنگ ۾ پنهنجي شڪست کي محسوس ڪندي ٻئي پاسي وڃڻ ۾ پنهنجي عافيت سمجھي آهي ۽ اهڙا به آهن جيڪي پيٽرو ڪلچر جا نمائندا آهن ۽ فلسطينين جي بجائي عرب حڪمرانن جي مفادن جي نمائندگي ڪري رهيا آهن. اهو جنگ ۽ بحران جي وقت ۾ هڪ محب وطن ليکڪ ۽ شاعر جو موقف آهي.