ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪاربان ٽريڊنگ

Editorial-Article- Ishaq Mangrio

عالمي طور تي ماحولياتي اڀار کان پوءِ وڻن ۾ قدرتي طور تي اسٽور ٿيل ڪاربان جي واپار وڏي ڪاروباري شڪل اختيار ڪري ورتي آهي. گڏيل قومن پاران ماحولياتي طور انهيءَ ڪاروبار کي ريڊ پلس(REDD +) چئجي ٿو. سپريم ڪورٽ ٻيلن تي قبضا خالي ڪرائڻ واري هلندڙ ڪيس ۾ GIS ( جاگرافڪ انفارميشن سسٽم ميپنگ) ۽ سروي آف پاڪستان ذريعي ٻيلن جي موجوده صورتحال ظاهر ڪرڻ جو حڪم ڏئي چڪي آهي. ساڳي ريت ريڊ پلس (REDD +) واري عالمي پاليسي کان پوءِ عالمي بينڪ ماحوليات واري عالمي تنظيم ڊبليو ڊبليو ايف جي سهڪار سان سنڌ سميت سڄي ملڪ جي ٻيلن جي GIS (جاگرافڪ انفارميشن سسٽم ميپنگ) ذريعي ڊجيٽلائيزيشن وارو ڪم هٿ ۾ کڻي ورتو آهي. ماحولياتي طور ٿيندڙ عالمي معاهدا جن ۾ ڪيوٽو ۽ پيرس معاهدي کانسواءِ گلاسڪو ۾ ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس جي نتيجي ۾ گرمي پد ٻن کان اڍائي ڊگري گهٽائڻ لاءِ چيو ويو آهي. جنهن کان پوءِ عالمي سطح تي ڪاربان پيدا ڪندڙ صنعتي ادارا ڪاربان ڪريڊٽ (خريد ڪرڻ) کانسواءِ پنهنجي صنعت هلائي نه سگهندا. اهڙي فيصلي کان پوءِ ريڊ پلس تحت ڪاربان ڪريڊٽ وارو ڪاروبار عالمي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ وڏي اهميت اختيار ڪري ورتي آهي.
ڪاربان ڪريڊٽ ڇا آهي؟
گڏيل قومن جي نگرانيءَ ۾ رڊيوز اميشنس فرام دي فاريسٽيشن اينڊ فاريسٽ ڊي گريڊيشن (آر اي ڊي ڊي ايڪس) پاران ترقي يافتا اهڙن ملڪن جي لسٽ جوڙي وئي آهي، جيڪي پنهنجي مقرر ڪيل هدف کان وڌيڪ ماحول ۾ آلودگي پکيڙي رهيا آهن. جن جي نتيجي ۾ دنيا جي ترقي پذير ملڪن ۾ ماحولياتي تباهي تحت ٻوڏ، زلزلا، ڏڪار ۽ سامونڊي طوفان تحت وڏو نقصان ٿيندو رهيو آهي. ان ڪري عالمي معاهدن تحت اهڙن سرمائيدار صنعتي ملڪن ۽ انهن ملڪن ۾ آلودگي پيدا ڪندڙ صنعتن ۽ ڪمپنين کي سڌو سنئون پابند بنايو ويو آهي ته اهي توانائي، گئس، بجلي ۽ ٻين مدن ۾ ماحول ۾ڪاربان پکيڙڻ کان اڳ ۾ وڌيڪ ڪم تڏهن ڪري سگهن ٿا، جڏهن اهڙي آلودگيءَ جي بچاءُ وارو ڪاربان ڪريڊٽ طور عالمي مارڪيٽ ۾ خريد ڪن.
دونهين مان ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گئس پيدا ٿئي ٿو. قدرتي طور وڻ ڪاربان کي پاڻ ۾ جذب ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ان ڪري وڻ جي ٿولهه ۽ ڊيگهه کانسواءِ ان جي ڄمار سان وڻ ۾ موجود ڪاربان جديد اوزن جي مدد سان ماپي سگهجي ٿو. انهيءَ حساب سان جنهن به وڻ يا ٻيلي ۾ ڪاربان جو مقدار موجود آهي. اهو ڪاربان ماپڻ کان پوءِ گڏيل قومن جي ماحولياتي پروگرام ريڊ پلس (REDD + ) تحت في ٽن جي حساب سان ڪريڊٽ طور تي عالمي مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪري سگهبو. ڪاربان وڪرو ڪندڙ وڻڻ بابت GIS (جاگرافڪ انفارميشن سسٽم ميپنگ) تحت وڻ يا ٻيلو مارڪ ڪري عالمي خريدارن کي ڏيکاريا وڃن ٿا. اهڙا خريدار GIS (جاگرافڪ انفارميشن سسٽم ميپنگ) جي مدد سان ٻيلا ۽ وڻ ڏسي خريد ڪري سگهندا. ان ٻيلي يا وڻن ۾ موجود ڪاربان جو مقدار جديد اوزارن جي مدد سان ماپيل هجڻ سبب کلي مارڪيٽ ۾ نيلاميءَ جي صورت ۾ وڪرو ڪري سگهبو.
هن وقت گهڻي آلودگي ڪندڙ صنعتي ملڪن ۾ ڪا به صنعت ڪاربان پيدا ڪرڻ جيترو اڳ ۾ ڪاربان ڪريڊٽ طور خريد ڪندي، ان کان پوءِ پنهنجي صنعت هلائي سگهندو.
ماحولياتي طور سائنسدانن آگاهه ڪيو آهي ته فضا ۾ دونهون ڇڏيندڙ صنعتون، جهاز، ريلون، بجلي گهر، موٽر گاڏيون ۽ ٻيون اهڙيون مشينون جيڪي دونهون پيدا ڪن ٿيون، انهيءَ دونهين ذريعي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گئس فضا ۾ وڃي اوزون ليئر کي نقصان پهچائي ٿي. اوزون ليئر زمين کان اٽڪل 17 ڪلوميٽر مٿي سج جي روشنيءَ جي تک کي فلٽر ڪرڻ وارو قدرتي تهه آهي. جنهن جي ڪري سج جي تيز روشنيءَ مان الٽراوائيوليٽ شعائون ڇڻڻ کان پوءِ واري روشني زمين تي پهچي ٿي. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته صنعتي واڌ ويجهه ۽ وڏي مقدار ۾ڪاربان پيدا ڪندڙ صنعتن جي واڌ کان پوءِ فضا ۾ ويندڙ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گئس اوزون واري تهه کي سخت نقصان پهچايو آهي. ان جي ڪري گرمي ڏينهون وڌيڪ وڌڻ لڳي آهي، موسمون تبديل (ڪلائمينٽ چينج) ٿيڻ لڳيون آهن. گرمي وڌڻ جي ڪري گليشيئرز (دريائن جا سرچشما) تيزيءَ سان ڳرڻ لڳا آهن. ان ڪري هڪ پاسي ٻوڏون ۽ پوءِ ڏڪار واريون مندون اچڻ لڳيون آهن. سمنڊ اڳتي وڌڻ لڳا آهن. ان ڪري سائنسدانن سمنڊن جي ڪنڌيءَ وارا ملڪ ۽ شهر ٻڏي وڃڻ واري اڳڪٿي ڪئي آهي. اهوئي سبب آهي جو گهڻو ڪاربان پيدا ڪندڙ ڪوئلي وارا بجلي گهر ۽ ڪوئلي واريون ٻيون نيون صنعتون ٺاهڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
ورتل ڄاڻ موجب سنڌ ۾ قدرتي ٻيلن ۽ وڻن جي هجڻ وارن 48 هنڌن کي ڊجيٽلائيز بنيادن تي ميپنگ ڪري ڪاربان ماپڻ وارو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. انهيءَ ڄاڻ موجب هن وقت تائين اهو ڪم 80 سيڪڙو تائين مڪمل ٿي چڪو آهي. جڏهن ته ايندڙ سال مارچ تائين سنڌ جي ٻيلن ۾ موجود ڪاربان جي ڊيٽا مڪمل ٿي چڪي هوندي. جنهن کان پوءِ اهو ڪاربان ڪريڊٽ طور عالمي مارڪيٽ ۾ نيلامي لاءِ رکيو ويندو. سنڌ جي سامونڊي پٽي ۾ اٽڪل ست لک ايڪڙن جي پکيڙ وارو تمر جو ٻيلو آهي. ان کان سواءِ درياءَ جي ڪچي جو ٻيلو، پڪي ۽ ايرڊ زون ۾ رينج لينڊ وارو ٻيلو موجود آهي. ڪاربان ڪريڊٽ جي ماهرن موجب هن وقت پنج ڊالر في ٽن جي حساب سان ڪاربان ڪريڊٽ طور عالمي مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿئي ٿو. جڏهن ته سنڌ جي رڳو تمر جي ٻيلي ۾ اٽڪل هڪ ارب پائونڊ سالياني ڪاربان ڪريڊٽ ڪرڻ جو امڪان آهي.
هوڏانهن سنڌ جي ساحلي پٽي ۾ تمر جي ٻيلن ۾ رهندڙ آباديون پنهنجي ٻارڻ، اٺن جي وڳن ۽ ٻين جانورن جي چاري لا تمر جو استعمال ڪندا رهيا آهن. گڏيل قومن جي اداري پاران ڪلائمينٽ چينج ۽ موسمي تبديلين سبب تباهي هيٺ ايندڙ ملڪن ۾ پاڪستان ستين نمبر تي شامل ڪيو ويو آهي. ان ڪري پاڪستان کي پڻ دنيا جي اهڙن ملڪن ۾ شامل ڪيو ويو آهي. جتي ٻيلن واري علائقن جي رهواسين کي ماحولياتي طور وڻن جي بچاءُ لا انهي علائقي جي وڻن جو ڪاربان ڪريڊٽ وارو سودو عالمي مارڪيٽ ۾ ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي. چيو وڃي ٿو ته اڳتي هلي ٻيلن جي تحفظ لاءِ مقامي آباديءَ کي ڪاربان ڪريڊٽ جي بنياد تي آگاهي ڏني ويندي ته جيئن سرڪار بدران اهي پنهنجي علائقي جو ٻيلو بچائي ۽ سنڀالي سگهن ته جيئن هو پاڻ انهي علائقي جي وڻن جو ڪاربان ڪريڊٽ وارو سودو عالمي مارڪيٽ ۾ ڪري سگهن.
ريڊ پلس تحت ملڪ ۾ بلوچستان جي زيارت ۽ زرغون ويلي ۾ جونيپر جي وڻن جي اهميت بڻجي سامهون آئي آهي. جن جي قدامت ٽن هزار سالن کان وٺي پنج هزار سال ٻڌائي وڃي ٿي. اهوئي سبب آهي جو زيارت ۾ زرغون ويلي ۾ جونيپر جي هڪ لک 10 هزار هيڪٽرز کي 1977ع ۾ يونيسيف پاران عالمي ورثو قرار ڏنو ويو هو. پر شديد سردي واري مند ۾ انهي علائقي جا ماڻهو سردي کان بچا لا عالمي ورثو قرار ڏنل جونيپر جي وڻن کي وڍي سياري جو ٻارڻ ڪندا رهيا آهن. ان ڪري بلوچستان ۾ جونيپر جي وڻن جي نئين انداز ۾ ٻيهر ميپنگ شروع ڪئي وئي آهي. ساڳي ريت گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير، ڪي پي ڪي ۽ پنجاب ۾ پڻ GIS (جاگرافڪ انفارميشن سسٽم ميپنگ) وارو ڪم هلندڙ آهي، جنهن تحت ٻيلن جي وڻن مان ڪاربان ڊيٽا معلوم ڪرڻ وارو ڪم هٿ ۾ کنيو ويو آهي. اهڙي ميپنگ کان پوءِ انگن اکرن سان دنيا کي ٻڌائي سگهبو ته پاڪستان ۾ وڻ ڌرتيءَ جي ڪيتري حصي ۾ پکيڙ رکن ٿا ۽ پاڪستان وٽ ڪاربان ڪريڊٽ لاءِ ڪيتري مقدار ۾ موجود آهي.
ياد رهي ته سرڪاري انگن اکرن موجب سنڌ ۾ 787897 ايڪڙ ڪچي ۽ پڪي جا ٻيلا هئا. جن ۾ 605583 لک ايڪڙ ڪچي جو ٻيلو ۽ 182314 لک ايڪڙ پڪي جو ٻيلو هو. جڏهن ته ساحلي پٽيءَ ۾ 751063 لک ايڪڙ تمرن جو ٻيلو ۽ سنڌ جي ايرڊ زون ۾ رينج لينڊ وارو 1319788 لک ايڪڙن تي ٻيلو موجود آهي. ڏسڻو اهو آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم کان پوءِ ۽ ريڊ پلس تحت GIS ميپنگ ۽ سروي پاڪستان جي ڊمارڪيشن کان پوءِ ڏسي سگهبو ته سر زمين تي ڪيترو ٻيلو بچيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button