رانديون

پي ايس ايل جي لائيو اسٽريمنگ رائيٽس مان 175 سيڪڙو وڌيڪ رقم ملندي: سلمان نصير

لاهور: پي سي بي جي وقتي چيف ايگزيڪيوٽو سلمان نصير چيو آهي ته پي ايس ايل جي لائيو اسٽريمنگ رائيٽس مان 175 سيڪڙو وڌيڪ رقم وصول ڪئي ويندي. سڀ کان وڌيڪ ٻولي ڏيندڙ اداري سان ايندڙ 2 سيزن لا معاهدو ڪيو ويندو. ليگ جي مقبوليت جو اندازو لائيو اسٽريمنگ رائٽس جي تعداد ۾ واڌ مان لڳائي سگهجي ٿو.

هن چيو ته اسان کي يقين آهي ته ايندڙ 2 ايڊيشن ايڪشن سان ڀرپور هوندا ۽ ڪرڪيٽ جي مداحن جي وڏي انگ کي راغب ڪندا. ياد رهي ته پي ايس ايل جو ستين ايڊيشن 27 جنوري تي نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ شروع ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button