رانديون

قومي ٽيسٽ ڪرڪيٽر عابد علي اسپتال مان ڊسچارج ٿي ويو

ڪراچي: پاڪستان ٽيسٽ ڪرڪيٽر عابد علي جي دل جي رڳن ۾ 2 اسٽينٽس داخل ٿيڻ بعد کيس اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويو آهي. عابد علي جي والد چيو ته سندس پٽ کي اسپتال مان ڊسچارج ڪيو ويو آهي پر عابد علي کي ٻن هفتن تائين ڪراچي ۾ رکيو ويندو.

عابد علي جي پيءُ جو چوڻ آهي ته اسپتال ۾ بحالي جا سمورا عمل مڪمل ڪيا پيا وڃن، پي سي بي رهائش جا سمورا انتظام ڪيا آهن. عابد علي جي والد جو اهو به چوڻ آهي ته سندس پٽ هاڻي 110 سيڪڙو بهتر آهي، دعا ڪرڻ تي سڀني جو شڪريو ادا ڪريان ٿو. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ عابد علي کي قائداعظم ٽرافي جي ميچ دوران دل جو دورو پيو هو، جنهن بعد عابد علي کي اسپتال نيو ويو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button