رانديون

انڊر 19 ايشيا ڪپ ۾ 2 آفيشلز ڪرونا ۾ مبتلا، ميچ ختم

دبئي ۾ جاري انڊر 19 ايشيا ڪپ جي 2 آفيشلز ۾ ڪرونا وبا جي تصديق ٿي وئي آهي، جنهن بعد سريلنڪا ۽ بنگلاديش جي ٽيمن وچ ۾ جاري ميچ کي ختم ڪيو ويو آهي. ميڊيا مطابق سريلنڪا ۽ بنگلاديش جي ٽيمن وچ ۾ رٿيل ميچ جاري هئي تھ ڪرونا جي نشاندهي بعد ختم ٿي وئي. ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ ٽيمن ۾ ميچ جي 33هين اوور دوران آفيشلز جي ڪرونا ٽيسٽ جيو نتيجو سامهون آيو، جنهن جي اطلاع تي رانديگرن کي پاسيرو ڪيو ويو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي تھ هن ميچ سان لاڳاپيل سمورن ماڻهن جي ڪرونا ٽيسٽ ڪرائي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button