رانديون

ڏکڻ آفريقا خلاف ٽيسٽ: ڀارتي وڪيٽ ڪيپر رشب پنٽ اڳوڻي ڪپتان ڌوني کي پوئتي ڇڏي ڏنو

نئين دلي: ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر ۽ بيٽر رشب پنٽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ اڳوڻي ٽيسٽ ڪپتان مهندر سنگهه ڌوني کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب رشب پنٽ ڏکڻ آفريڪا خلاف سينچورين ۾ کيڏيل پهرين ميچ ۾ ميزبان ٽيم جي ٽيمبا بواما کي ڪيچ ڪري تمام گهٽ ٽيسٽ ميچن ۾ 100 وڪيٽون وٺڻ وارو ڀارتي وڪيٽ ڪيپر بڻجي ويو آهي. رپورٽن مطابق اڳوڻي ڀارتي ڪپتان مهندر سنگهه ڌوني پنهنجي 36 هين ٽيسٽ ميچ ۾ 100 ڪيچ اسڪور ڪيو هو، جڏهن ته رشڀ پنٽ اهو رڪارڊ پنهنجي 26 هين ٽيسٽ ۾ ٺاهيو آهي.

ان کان علاوا ڀارت جو 23 سالن جو رشڀ پنٽ، مهندر سنگهه ڌوني، سيد ڪرماني، ڪرن مور، نيان مونگيا ۽ ورديمان ساها کانپوءِ ڇهون ڀارتي وڪيٽ ڪيپر آهي، جنهن ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 100 ڪيچون ورتيون آهن. ياد رهي ته مهندر سنگهه ڌوني ڀارتي ٽيسٽ جو ڪامياب ترين وڪيٽ ڪيپر آهي، جنهن پنهنجي ٽيسٽ ڪيريئر ۾ 294 وڪيٽون ورتيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button