رانديون

ڀارت پهرين ٽيسٽ ۾ ڏکڻ آفريقا کي 113 رنسن تان هارائي ڇڏيو

ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ ڏکڻ آفريقي ٽيم کي 113 رنسن جي وڏي اسڪور تان شڪست ڏئي برتري حاصل ڪري ورتي آهي. ميڊيا مطابق سنچورين جي ميدان تي کيڏيل پهرين ٽيسٽ جي ٻي اننگ ۾ ڏکڻ آفريقي بيٽر 305 رنسن جي هدف پويان کيڏندي 191 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا. آخري ڏينهن واري ميچ ۾ ڪپتان ڊين ايلگر 77 ۽ ٽيمبا باوما 35 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، ڪوائنٽن ڊي ڪوڪ 21، ڪيشو مهاراج 8، مارڪو جينسن 13، ويان ملڊر هڪ اسڪور ڪري سگهيا. جڏهن تھ ڪيگاسو ربادا ۽ لنگي نگڊي ٻڙي تي پويلين واپس هليا ويا. ڀارتي بالرن محمد شمي، جسپريت ڀمراهه 3،3، محمد سراج ۽ روي چندرن ايشون 2،2 وڪيٽون ورتيون آهن. ڀارتي بيٽر ڪي ايل راهل پهرين اننگ ۾ 123 ۽ ٻي اننگ ۾ 23 رنسن ٺاهڻ تي پليئر آف ميچ قرار ڏنو ويو آهي. ان کان اڳ ڀارت پهرين اننگ ۾ 327 ۽ ٻي اننگ ۾ 174 رنسون ٺاهيون ۽ ڏکڻ آفريقا پهرين اننگ ۾ 197 ۽ ٻي اننگ ۾ 191 رنسون ڪيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button