ملڪ جي تاريخ جي ڳُوڙھي ڇنڊڇاڻ ڪجي ته اھو معلوم ٿيندو ته ڊسمبر مھينو، ھر سال ۾ وڏي اھميت رکندو آھي، تنھنڪري ڪالم ۾ ڪجھه واقعن جو حوالو ڏيڻو پوندو. ھونئن به تفصيل سان لکبو ته گهٽ ۾ گهٽ پنجن ڇھن ڪالمن لکڻ جي ضرورت ھوندي. جيئن ته اڄ جمعي جو ڏينھن 31 ڊسمبر 2021ع يعني سال جو آخري ڏينھن آھي، تنھنڪري اسان اڄوڪي ڪالم ۾ گهٽ اسپيس ھئڻ خاطر مختصر حوالو ڏينداسون. بھرحال، اھم واقعن جي اھميت کان انڪار ڪرڻ به ٺيڪ ناھي.
ڊسمبر مھيني جا ڪجھه اھم واقعا آھن: پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جو جنم ڏينھن، پاڪستان جي مقبول اڳواڻ شھيد بينظير ڀُٽي جي شھادت، مشھور سنڌي شاعر شيخ اياز جي وفات، 16 ڊسمبر جو تاريخي واقعو جنھن ڏينھن پاڪستان جي فوج، اوڀر پاڪستان (ھاڻ بنگلاديش) جي گاديءَ واري شھر ڍاڪا ۾ ڀارتي فوج اڳيان ھٿيار ڦٽا ڪيا ۽ سنڌي ثقافت جو اھم ڏينھن جيڪو ھر سال ڊسمبر جي پھرين آچر تي ملھايو ويندو آھي.
پاڪستان جو باني قائداعظم محمد علي جناح 25 دسمبر 1876ع تي ڄائو ھو ۽ سندس وفات 11 سيپٽمبر 1948ع ۾ ٿي ھئي. اسان پرائمري اسڪول جي درسي ڪتابن ۾ اھو پڙھيو ھو ته قائداعظم محمد علي جناح، سنڌ جي اھم شھر جهرڪ ۾ پيدا ٿيو ھو. ڪيترن سالن کانپوءِ، مون اتي وڃي ٽٽل حالت ۾ اھا جاءِ ڏٺي جتي سندس گهر ھو. جيئن ته قاعداعظم اصل ۾ جهرڪ ۾ ڄائو ھو سو درسي ڪتابن ۾ به ائين ئي لکيل ھوندو ھو. جهرڪ تن ڏينھن ۾ ڪراچي ضلعي ۾ شامل ھو، تنھنڪري سندس پيدائش بابت پھريان جهرڪ، پوءِ ضلعي ڪراچيءَ جو حوالو ڏنو ويندو ھو. پوءِ، ضلعي جو لفظ ختم ڪري رڳو ڪراچيءَ جو حوالو ڏنو ويندو ھو. ھونئن به جهرڪ موسميات جي خيال کان وڻندڙ شھر ھوندو ھو ۽ سنڌ جا ڪيترا ماڻھو وزٽ لاءِ اتي ويندا ھئا.
انھيءَ کانسواءِ، جناح صاحب جي ھوندي پاڪستان ۾ 15 آگسٽ تي آزادِيءَ جو ڏينھن سرڪاري طور ملھايو ويندو ھو پر پوءِ ٿاڦيل پھرين وزيراعظم لياقت علي خان 14 آگسٽ تي ڏينھن ملھائڻ شروع ڪيو، جڏھن ته پاڪستان ۽ ڀارت گڏ آزادي حاصل ڪئي پر ڀارت پنھنجو ڏينھن اڃا به 14 آگسٽ تي ملھائيندو آھي.
مسٽر محمد علي جناح سدائين انگريزي لباس پهريندو هو ۽ اڪثر انگريزن جو ٽوپلو به پائيندو هو جيڪو سندس وڻندڙ لباس هو. رڳو ٻن يا ٽن موقعن تي هن شيرواني پاتي پر اسان وارا همراهه، کيس هر هنڌ شيروانيءَ ۾ ڏيکارين ٿا ڄڻ ته شيرواني به ڪو اسلامي لباس هجي. جيڪڏهن شيرواني اسلامي لباس آهي ته پوءِ هندوستان جي وزيراعظم آنجھاني جواهر لعل نهرو ۽ ٻين هندو ليڊرن کي ڇا چوندئو جيڪي سدائين شيرواني پائيندا هئا؟ ٻيو ته ٺهيو، پاڪستان ۾ جيڪي ڪرنسي نوٽ ڇپندا هئا تن ۾ جناح صاحب کي سندس وڻندڙ انگريزي لباس ۾ ڏيکاريو ويندو هو پر چوٿين ملٽري ڊڪٽيٽر ۽ نسلي متڀيد رکندڙ جنرل (ر) پرويز مشرف جي دور ۾ جيڪي ڪرنسي نوٽ ڇاپيا ويا تن ۾ کيس زوري شيرواني پارائي وئي.
بنگلاديش جي ڪاميابيءَ جو ڏينھن ھر سال 16 ڊسمبر تي بنگلاديش جي”فتح جو ڏينھن” طور ملھايو ويندو آھي ۽ تازو انھيءَ ڏينھن جي 50هين سالگره ملھائي وئي آھي. اھا سچائي آھي ته بنگلاديش جنھن جو پراڻو نالو اوڀر پاڪستان ھو سو پاڪستان جو حصو ھو، تنھن جي ڪل آبادي اٽڪل 56 سيڪڙو ھئي، جيڪا ان وقت اولھه پاڪستان (ھاڻي پاڪستان) کان وڌيڪ ھئي پر گهڻائيءَ جي باوجود بنگالي، ٿورائيءَ کان آزادي حاصل ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا. اھا ڪيڏي نه افسوس جي ڳالھه آھي ڇاڪاڻ ته گڏيل پاڪستان جي آزاديءَ حاصل ڪرڻ ۾ اوڀر پاڪستان (ھاڻ بنگلاديش) جو مکيه حصو ھو جنھن کان ڪير به انڪار ڪونه ٿو ڪري سگهي. سال 1971ع ۾ اوڀر پاڪستان جي مڪاني ماڻهن سان اٽڪل 9 مھينا فوجي آپريشن جي ويڙهه جاري رھي. پوءِ،ھندستاني فوج، بنگالين جي مدد ڪرڻ لاءِ اتي وڃي ويڙهه ڪئي پر 16 ڊسمبر 1971ع تي پاڪستان ڍاڪا جي (رمنا ريس ڪورس گارڊن) ۾ ھٿيار ڦٽا ڪيا ۽ اٽڪل 90 ھزار فوجي، ڀارت جا قيدي بڻجي ڀارت کڻي ويا.
اھا سچائي آھي ته ڀارت سان جنگ وقت پاڪستان جو سربراهه ايئرمارشل يحى خان ھو. 16 ڊسمبر 1971ع تي ھٿيار به سندس حڪم تي ھندوستاني فوج آڏو ڦٽا ڪيا ويا پر فيس بوڪ تي ڪيترا ماڻهو اھا پوسٽ ڪندا رھندا آھن ته ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جو سربراهه ھو ۽ سندس ھوندي ھٿيار ڦٽا ڪيا ويا. اھو الزام سو سيڪڙو ڪوڙو آھي ڇاڪاڻ ته ڀٽو صاحب اقتدار ۾ ڪونه ھو. ٻيو ته ٺھيو پر جنرل ضياءُالحق اھو بيان ڏنو ھو ته ڀٽي صاحب جي بيان تي، ملڪ ٽٽي پيو. ھونئن به مخالف پارٽيءَ جي ليڊر جي رڳو بيان ڏيڻ سان ملڪ ناھي ٽٽندو. بنگلاديش جو پھريون وزيراعظم شيخ مجيب الرحمان بڻيو ته بيان ڏنائين ته اسان سال 1952ع کان، اردوءَ کي اسلامي ملڪ جي اڪيلي قومي ٻولي بڻائڻ ۽ بنگاليءَ کي قومي ٻولي نه بڻائڻ خلاف آزاديءَ جي جدوجھد ڪئي ھئي. مون کي ياد آھي ته مان انھن ڏينھن ۾ ريڊيو پاڪستان سنڌي نيوز ڪراچيءَ جو ريگيولر ملازم ھئس ته اسان شيخ مجيب جي آزاديءَ واري خبر رليز ڪئي ھئي. ھونئن به بنگلاديش وارن آزاديءَ جي اصل جدوجھد سال 1952ع کان شروع ڪئي ھئي. ڍاڪا (ھاڻي بنگلاديش جي گاديءَ جو شھر) ۾ بنگاليءَ کي قومي ٻولي بڻائڻ لاءِ جدوجھد شروع ڪئي وئي ۽ پھريان 4 ماڻھو شھيد ٿي ويا ھئا. مان چار ڀيرا بنگلاديش ويو آھيان ۽ 1952 جي شھيدن جا فوٽو، ميوزم ۾ ڏٺم ۽ سندن نالي ۾ ٺھيل يادگار جاءِ تي به حاضري به ڀريم. اھا ڳالھه خاص ڪري نوٽ ڪرڻ جي آھي ته پاڪستان دنيا جو پھريون ملڪ، مذھب جي نالي ۾ ٺھيو پر ان جي قومي ٻولي عربيءَ کي ڪونه بڻايو ويو. اصل ۾ ڀارت جي ھندي ٻوليءَ کي پاڪستان جي قومي ٻولي بڻايو ويو ۽ ان جو نالو اردو رکيو ويو. ھندي ٻولي ۽ اردو ٻولي مجموعي طور ھڪ جهڙيون آھن جن کي شڪ ھجي سي ڀلي ڀارتي فلمن جي زبان ڏسن البت لکت الڳ آھن. اھا سچائي آھي ته ھاڻي بنگلاديش پاڪستان جي ڀيٽ ۾ زوردار ترقي ڪري رھيو آھي.
شھيد بينظير ڀُٽو 27 ڊسمبر 2007ع تي راولپنڊيءَ ۾ پراڻي جلسي واري جاءِ تي تقرير ڪندي ٻاھر نڪتي ته کيس قتل ڪيو ويو. اھا سچائي آھي ته شھيد ذوالفقار علي ڀٽي جي نياڻي بينظير جون سنڌ سميت ملڪ لاءِ عاليشان خدمتون ھيون. انھيءَ سلسلي ۾ شهيد بينظير جي شهادت جي موقعي تي نامياري قانوندان بيريسٽر اعتزاز احسن جا لفظ مان هڪ ڀيرو وري دهرائيندس جنهن ڪيڏو نه چڱو چيو هو ته: جڏهن ڀٽو صاحب شهيد ٿيو هو ته هماليا جبل رنو هو پر جڏهن بينظير شهيد ٿي هئي ته ساري دنيا رني هئي. تازو اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف بينظير جي شھادت واري ڏينھن تي لنڊن مان کيس زبردست عقيدت جو بيان جاري ڪيو آھي.
اھا ڏک جهڙي ڳالھه آھي تہ ھاڻوڪي وزيراعظم عمران خان جنھن کي مخالف ڌر عام طور “سليڪٽيڊ” سڏيندي رھي آھي تنھن تازو ڏنل بيان ۾، ٻن اڳوڻن وزير اعظمن يعني شھيد بينظير ڀُٽي ۽ نواز شريف کي ڪرپٽ سڏيو آھي. شھيد بينظير ڀُٽي جنھن جون سڄي ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ لاءِ عاليشان خدمتون ھيون ۽ جنھن جي عزت عام طور اڄ مخالف به ڪندا رھيا آھن، تن تي ڪرپشن جا الزام ھڻڻ، نھايت افسوس جهڙي ڳالهھ آھي.
تازو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ (پ پ پ) جي چيئرمن بلاول ڀٽي زرداري 27 ڊسمبر تي شھيد بينظير جي ورسيءَ تي سندس مزار تي حاضري ڀري ۽ تقرير به ڪئي. سندس چواڻي پاڪستان پيپلز پارٽي ڊِيل (ڏي وٺ) جي سياست ۾ ڀروسو نٿي رکي، جيڪي ڊِيل جي سياست ڪندا آھن، انھن جي شھيدن جا قبرستان ناھن ھوندا.
شيخ اياز سنڌي ٻوليءَ جو نالي وارو مشھور شاعر ھو. سنڌ جي عظيم شاعر شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جو نالو پھرين نمبر تي آھي ۽ ڪيترن دوستن جو خيال آھي ته شيخ اياز ٻيو نمبر وڏو شاعر ھو. بھرحال، سندس وفات 28 ڊسمبر 1997ع ۾ ٿي ھئي جڏھن ته پاڻ شڪارپور ۾ 2 مارچ 1923ع تي ڄائو ھو. سندس مزار ڀٽ شاهه ۾ شاهه لطيف جي مزار ويجهو آھي. ھو سکر ۾ وڪالت ڪندو رھندو ھو. شيخ اياز سنڌي شاعريءَ جي ڪري ڪيترا ڀيرا جيل ۾ به ويو. سندس ڪلام نشر ٿيڻ تي ريڊيو پاڪستان تي پابندي ھئي. مان سنڌي نيوز ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ جو باقاعدي ملازم ھئس ته شھيد ڀُٽي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ سندس ڪلامن تي پابندي ھٽائي ڇڏي ۽ پوءِ کيس سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر به مقرر ڪيائين پر شھيد ڀٽي جي شھادت کانپوءِ شيخ اياز نوڪري نه ڇڏي.
سنڌ جي ثقافت جو رنگارنگي ڏينھن، ھر سال ڊسمبر جي پھرين آچر تي ملھايو ويندو آھي. نه رڳو سنڌ پر سڄي ملڪ جي اھم شھرن کانسواءِ سڄي دنيا جي مختلف شھرن ۾ به رھندڙ سنڌي اھو ڏينھن ملھائيندا رھندا آھن. انھيءَ ڏينھن جي موقعي تي آمريڪا، جرمني، ڪيناڊا ۽ ٻيا سرڪاري ملڪ اھميت ڏئي آجيان جا بيان جاري ڪندا اھن پر افسوس ته اردو ميڊيا انھيءَ کي اھميت ناھي ڏيندي.