رانديون

نيوزيلينڊ 328 رنسن تي آئوٽ، بنگلاديش جون 175 رنسون

نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم 328 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي آهي، جنهن بعد بنگلاديش جي بيٽرن 2 وڪيٽن جي نقصان تي 175 رنسون ٺاهي ورتيون آهن ۽ راند اڃا تائين سندن هٿن ۾ آهي. ميڊيا مطابق اوول ٽيسٽ جي نيوزيلينڊ جا بيٽر رڳو 70 رنسن جو اضافو ڪري سگهيا آهن، انهن جا بيٽر هينري نڪولس 75 رنسن سان نمايان رهيو، راچن رويندر 4، ڪائلي جيميسن، ٽم سائودي 6،6 رنسون ٺاهي سگهيا. بنگلاديش جي بالرن مان مهدي حسن ۽ شريف السلام 3،3، مومن الحق 2 آئوٽ ڪيا۽ عبادت حسين هڪ وڪيٽ ورتي. بنگلاديش جا شادمان اسلام 22 ۽ نجم الحسن شنٽو 64 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا. جڏهن تھ پچ تي محمد الحسن 70 ۽ ڪپتان مومن الحق 8 رنسن سان موجود آهن ۽ بنگلاديش جون ٻئي وڪيٽون نيل واگنر ورتيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button