رانديون

پي ايس ايل 7 جي ٽرافي قذافي اسٽيڊيم ٻاهران لڳائي وئي

پاڪستان سپر ليگ سيزن 7 جي ٽرافي جو نقل لاهور جي قذافي اسٽيڊيم جي ٻاهران مداحن ۾ شوق پيدا ڪرڻ خاڀر لڳايو ويو آهي. ميڊيا مطابق قذافي اسٽيڊيم جي ٻاهران لڳايل ٽرافي جي نقل سان گڏ فرنچائيزن جي ڪپتان جون وڏيون تصويرون پڻ لڳايون ويون آهن ۽ انهن مداحن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي ورتو آهي. هوڏانهن اسٽيڊيم ۾ 2 نوان پچ تيار ڪرڻ سان گڏ پراڻين پچز تي پڻ تازي مٽي وجهي انهن کي پڻ تيار ڪيو پيو وڃي. ياد رهي تھ پي ايس ايل 7 جو ايونٽ 27 جنوري کان ڪراچي ۾ شروع ٿي رهيو آهي، جنهن جي ڊرافٽنگ پڻ ٿي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button